غافر · 16/85
ترجمو لکڻ — سوره غافر
يَوْمَ هُم بَارِزُونَ ۖ لَا يَخْفَىٰ عَلَى اللَّهِ مِنْهُمْ شَيْءٌ ۚ لِّمَنِ الْمُلْكُ الْيَوْمَ ۖ لِلَّهِ الْوَاحِدِ الْقَهَّارِ ۝١٦
Yawma hum baarizoona laa yakhfaa `alal laahi minhum shai; limanil mulkul Yawma lillaahil Waahidil Qahaar
📖 سنڌيءَ ۾
جنھن ڏينھن اُھي (قبرن مان) ٻاھر نڪرندا، انھن جي ڪابه شيء الله کان ڳُجھي نه رھندي، (الله فرمائيندو ته) اڄ ڪنھن جي بادشاھي آھي، (وري پاڻ چوندو) خاص اڪيلي غالب الله جي (بادشاھي) آھي.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 14-18 — سوره غافر

14فَادْعُوا اللَّهَ مُخْلِصِينَ لَهُ الدِّينَ وَلَوْ كَرِهَ الْكَافِرُونَ
پوءِ الله لاءِ پنھنجي عبادت کي خالص ڪري اُن کي سڏيو جيتوڻيڪ ڪافر بڇان ڀانئين.
15رَفِيعُ الدَّرَجَاتِ ذُو الْعَرْشِ يُلْقِي الرُّوحَ مِنْ أَمْرِهِ عَلَىٰ مَن يَشَاءُ مِنْ عِبَادِهِ لِيُنذِرَ يَوْمَ التَّلَاقِ
(اُھو) مرتبن کي وڏي ڪرڻ وارو ۽ عرش جو صاحب آھي، پنھنجن ٻانھن مان جنھن تي گھرندو آھي (تنھن تي) پنھنجي حڪم سان وحي موڪليندو آھي ته (اُھو ٻانھو ماڻھن کي الله جي) ملڻ جي ڏينھن کان ڊيڄاري.
16يَوْمَ هُم بَارِزُونَ ۖ لَا يَخْفَىٰ عَلَى اللَّهِ مِنْهُمْ شَيْءٌ ۚ لِّمَنِ الْمُلْكُ الْيَوْمَ ۖ لِلَّهِ الْوَاحِدِ الْقَهَّارِ
جنھن ڏينھن اُھي (قبرن مان) ٻاھر نڪرندا، انھن جي ڪابه شيء الله کان ڳُجھي نه رھندي، (الله فرمائيندو ته) اڄ ڪنھن جي بادشاھي آھي، (وري پاڻ چوندو) خاص اڪيلي غالب الله جي (بادشاھي) آھي.
17الْيَوْمَ تُجْزَىٰ كُلُّ نَفْسٍ بِمَا كَسَبَتْ ۚ لَا ظُلْمَ الْيَوْمَ ۚ إِنَّ اللَّهَ سَرِيعُ الْحِسَابِ
اڄ سڀڪنھن جِيءَ کي اُنھي جو بدلو ڏبو جيڪو ڪمايو اٿس، اڄ ڪو ظلم ڪونھي، بيشڪ الله جلد حساب وٺڻ وارو آھي.
18وَأَنذِرْهُمْ يَوْمَ الْآزِفَةِ إِذِ الْقُلُوبُ لَدَى الْحَنَاجِرِ كَاظِمِينَ ۚ مَا لِلظَّالِمِينَ مِنْ حَمِيمٍ وَلَا شَفِيعٍ يُطَاعُ
۽ (اي پيغمبر) کين قيامت جي ڏينھن (جي اُنھيءَ مھل) کان ڊيڄار جنھن مھل دليون نِڙ گھٽن کي ويجھو ٿينديون (اُھي) ڏک ڀريل ھوندا، (اُن ڏينھن) ظالمن جو ڪو دوست ۽ نه ڪو پارت ڪندڙ ھوندو جنھن جي ڳالھ مڃجي.
غافرقرآن فهرست
85آيت
MeccanRevelation
16آيت

ترجمو — غافر 16

سوره غافر آيت 16 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : جنھن ڏينھن اُھي (قبرن مان) ٻاھر نڪرندا، انھن جي ڪابه…

سوره آيت 16/85 — سوره غافر غافر (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره غافر ٻڌو, سوره غافر ترجمو, سوره غافر mp3, سوره غافر pdf. آيت 14–18. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers