غافر · 15/85
ترجمو لکڻ — غافر
رَفِيعُ الدَّرَجَاتِ ذُو الْعَرْشِ يُلْقِي الرُّوحَ مِنْ أَمْرِهِ عَلَىٰ مَن يَشَاءُ مِنْ عِبَادِهِ لِيُنذِرَ يَوْمَ التَّلَاقِ ۝١٥
Rafee`ud darajaati zul `Arshi yulqir rooha min amrihee `alaa mai yashaaa`u min `ibaadihee liyunzira yawmat talaaq
📖 سنڌيءَ ۾
(اُھو) مرتبن کي وڏي ڪرڻ وارو ۽ عرش جو صاحب آھي، پنھنجن ٻانھن مان جنھن تي گھرندو آھي (تنھن تي) پنھنجي حڪم سان وحي موڪليندو آھي ته (اُھو ٻانھو ماڻھن کي الله جي) ملڻ جي ڏينھن کان ڊيڄاري.
🎧 ٻڌو

📜 آيت 13-17 — غافر

13هُوَ الَّذِي يُرِيكُمْ آيَاتِهِ وَيُنَزِّلُ لَكُم مِّنَ السَّمَاءِ رِزْقًا ۚ وَمَا يَتَذَكَّرُ إِلَّا مَن يُنِيبُ
(الله) اُھو آھي جيڪو اوھان کي پنھنجون نشانيون ڏيکاريندو آھي ۽ آسمان مان اوھان لاءِ روزي نازل ڪندو آھي، ۽ نصيحت رڳو اُھو وٺندو جيڪو (خدا ڏانھن) موٽندو.
14فَادْعُوا اللَّهَ مُخْلِصِينَ لَهُ الدِّينَ وَلَوْ كَرِهَ الْكَافِرُونَ
پوءِ الله لاءِ پنھنجي عبادت کي خالص ڪري اُن کي سڏيو جيتوڻيڪ ڪافر بڇان ڀانئين.
15رَفِيعُ الدَّرَجَاتِ ذُو الْعَرْشِ يُلْقِي الرُّوحَ مِنْ أَمْرِهِ عَلَىٰ مَن يَشَاءُ مِنْ عِبَادِهِ لِيُنذِرَ يَوْمَ التَّلَاقِ
(اُھو) مرتبن کي وڏي ڪرڻ وارو ۽ عرش جو صاحب آھي، پنھنجن ٻانھن مان جنھن تي گھرندو آھي (تنھن تي) پنھنجي حڪم سان وحي موڪليندو آھي ته (اُھو ٻانھو ماڻھن کي الله جي) ملڻ جي ڏينھن کان ڊيڄاري.
16يَوْمَ هُم بَارِزُونَ ۖ لَا يَخْفَىٰ عَلَى اللَّهِ مِنْهُمْ شَيْءٌ ۚ لِّمَنِ الْمُلْكُ الْيَوْمَ ۖ لِلَّهِ الْوَاحِدِ الْقَهَّارِ
جنھن ڏينھن اُھي (قبرن مان) ٻاھر نڪرندا، انھن جي ڪابه شيء الله کان ڳُجھي نه رھندي، (الله فرمائيندو ته) اڄ ڪنھن جي بادشاھي آھي، (وري پاڻ چوندو) خاص اڪيلي غالب الله جي (بادشاھي) آھي.
17الْيَوْمَ تُجْزَىٰ كُلُّ نَفْسٍ بِمَا كَسَبَتْ ۚ لَا ظُلْمَ الْيَوْمَ ۚ إِنَّ اللَّهَ سَرِيعُ الْحِسَابِ
اڄ سڀڪنھن جِيءَ کي اُنھي جو بدلو ڏبو جيڪو ڪمايو اٿس، اڄ ڪو ظلم ڪونھي، بيشڪ الله جلد حساب وٺڻ وارو آھي.
غافرقرآن فهرست
85آيت
MeccanRevelation
15آيت

ترجمو — غافر 15

سورو غافر آيت 15 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : (اُھو) مرتبن کي وڏي ڪرڻ وارو ۽ عرش جو صاحب…

سورو آيت 15/85 — غافر غافر (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: غافر ٻڌو, غافر ترجمو, غافر mp3, غافر pdf. آيت 13–17. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers