حشر · 5/24
ترجمو لکڻ — سوره حشر
مَا قَطَعْتُم مِّن لِّينَةٍ أَوْ تَرَكْتُمُوهَا قَائِمَةً عَلَىٰ أُصُولِهَا فَبِإِذْنِ اللَّهِ وَلِيُخْزِيَ الْفَاسِقِينَ ۝٥
Maa qata`tum mil leenatin aw taraktumoohaa qaaa`imatan`alaaa usoolihaa fabi iznil laahi wa liyukhziyal faasiqeen
📖 سنڌيءَ ۾
(اي مؤمنؤ) جيڪي کجين جا وڻ وڍيوَ يا انھن کي پنھنجي پاڙن تي بيٺل ڇڏيوَ سو الله جي حُڪم سان ۽ ھِن لاءِ ته ھو ڪافرن کي خوار ڪري.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 3-7 — سوره حشر

3وَلَوْلَا أَن كَتَبَ اللَّهُ عَلَيْهِمُ الْجَلَاءَ لَعَذَّبَهُمْ فِي الدُّنْيَا ۖ وَلَهُمْ فِي الْآخِرَةِ عَذَابُ النَّارِ
۽ جيڪڏھن الله مٿن ديس نيڪالي نه لکي ھا ته کين (ٻيءَ طرح) دنيا ۾ عذاب ڪري ھا، ۽ انھن کي آخرت ۾ (به) باھ جو عذاب آھي.
4ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ شَاقُّوا اللَّهَ وَرَسُولَهُ ۖ وَمَن يُشَاقِّ اللَّهَ فَإِنَّ اللَّهَ شَدِيدُ الْعِقَابِ
اِھو عذاب (ڪرڻ) ھن ڪري آھي جو انھن الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪئي، ۽ جيڪو الله جي مخالفت ڪندو ته بيشڪ الله سخت عذاب (ڪرڻ) وارو آھي.
5مَا قَطَعْتُم مِّن لِّينَةٍ أَوْ تَرَكْتُمُوهَا قَائِمَةً عَلَىٰ أُصُولِهَا فَبِإِذْنِ اللَّهِ وَلِيُخْزِيَ الْفَاسِقِينَ
(اي مؤمنؤ) جيڪي کجين جا وڻ وڍيوَ يا انھن کي پنھنجي پاڙن تي بيٺل ڇڏيوَ سو الله جي حُڪم سان ۽ ھِن لاءِ ته ھو ڪافرن کي خوار ڪري.
6وَمَا أَفَاءَ اللَّهُ عَلَىٰ رَسُولِهِ مِنْهُمْ فَمَا أَوْجَفْتُمْ عَلَيْهِ مِنْ خَيْلٍ وَلَا رِكَابٍ وَلَٰكِنَّ اللَّهَ يُسَلِّطُ رُسُلَهُ عَلَىٰ مَن يَشَاءُ ۚ وَاللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
۽ انھن (يعني بني نضير جي مالن) مان جيڪو (مال) الله پنھنجي پيغمبر کي ھٿ ۾ ڏنو تنھن تي اوھان نڪي گھوڙا ۽ نڪي ڪي اُٺ ڊوڙايا ھوا پر الله پنھنجن پيغمبرن کي جنھن تي وڻيس (تنھن تي) غالب ڪندو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھي.
7مَّا أَفَاءَ اللَّهُ عَلَىٰ رَسُولِهِ مِنْ أَهْلِ الْقُرَىٰ فَلِلَّهِ وَلِلرَّسُولِ وَلِذِي الْقُرْبَىٰ وَالْيَتَامَىٰ وَالْمَسَاكِينِ وَابْنِ السَّبِيلِ كَيْ لَا يَكُونَ دُولَةً بَيْنَ الْأَغْنِيَاءِ مِنكُمْ ۚ وَمَا آتَاكُمُ الرَّسُولُ فَخُذُوهُ وَمَا نَهَاكُمْ عَنْهُ فَانتَهُوا ۚ وَاتَّقُوا اللَّهَ ۖ إِنَّ اللَّهَ شَدِيدُ الْعِقَابِ
ڳوٺاڻن (جي مالن) مان جيڪي الله پنھنجي پيغمبر جي ھٿ ۾ ڏنو سو خاص الله لاءِ پيغمبر لاءِ ۽ (پيغمبر جي) مائٽن لاءِ ۽ ڇورن ٻارن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آھي (اِھو ھن لاءِ آھي) ته اُھو اوھان مان دنيا وارن جي وچ ۾ ڏيڻ وٺڻ ۾ نه اچي، ۽ جيڪي پيغمبر اوھان کي ڏئي سو وٺو، ۽ جنھن کان اوھان کي جھلي تنھن کي ڇڏي ڏيو، ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله سخت عذاب (ڪرڻ) وارو آھي.
حشرقرآن فهرست
24آيت
MedinanRevelation
5آيت

ترجمو — حشر 5

سوره حشر آيت 5 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : (اي مؤمنؤ) جيڪي کجين جا وڻ وڍيوَ يا انھن کي…

سوره آيت 5/24 — سوره حشر الحشر (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره حشر ٻڌو, سوره حشر ترجمو, سوره حشر mp3, سوره حشر pdf. آيت 3–7. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Tuesday, September 8, 2026

Don't forget us in your sincere prayers