منافقون · 7/11
ترجمو لکڻ — سوره منافقون
هُمُ الَّذِينَ يَقُولُونَ لَا تُنفِقُوا عَلَىٰ مَنْ عِندَ رَسُولِ اللَّهِ حَتَّىٰ يَنفَضُّوا ۗ وَلِلَّهِ خَزَائِنُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَلَٰكِنَّ الْمُنَافِقِينَ لَا يَفْقَهُونَ ۝٧
Humul lazeena yaqooloona laa tunfiqoo `alaa man inda Rasoolil laahi hatta yanfaddoo; wa lillaahi khazaaa` inus samaawaati wal ardi wa laakinnal munaafiqeena la yafqahoon
📖 سنڌيءَ ۾
اھي اھڙا آھن جو (ھڪ ٻئي کي) چوندا آھن ته جيڪي (مھاجر) الله جي پيغمبر وٽ آھن تن تي خرچ نه ڪريو تان جو ڇڏي وڃن، ۽ (ھيءَ نه ڄاڻندا آھن ته) آسمانن ۽ زمين جا خزانا خاص الله جا آھن پر (ان ڳالھ کي) مُنافق نه سمجھندا آھن.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 5-9 — سوره منافقون

5وَإِذَا قِيلَ لَهُمْ تَعَالَوْا يَسْتَغْفِرْ لَكُمْ رَسُولُ اللَّهِ لَوَّوْا رُءُوسَهُمْ وَرَأَيْتَهُمْ يَصُدُّونَ وَهُم مُّسْتَكْبِرُونَ
۽ جڏھن کين چئبو آھي ته اچو ته الله جو پيغمبر اوھان لاءِ بخشش گھري تڏھن پنھنجا مٿا موڙيندا آھن ۽ انھن کي ڏسندو آھين ته وڏائي ڪندڙ ٿي جھلجن ٿا.
6سَوَاءٌ عَلَيْهِمْ أَسْتَغْفَرْتَ لَهُمْ أَمْ لَمْ تَسْتَغْفِرْ لَهُمْ لَن يَغْفِرَ اللَّهُ لَهُمْ ۚ إِنَّ اللَّهَ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الْفَاسِقِينَ
تون انھن لاءِ بخشش گھرين يا انھن لاءِ بخشش نه گھرين ته انھن لاءِ ھڪ جھڙي (ڳالھ) آھي، انھن کي الله ڪڏھن نه بخشيندو، بيشڪ الله بي دينن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
7هُمُ الَّذِينَ يَقُولُونَ لَا تُنفِقُوا عَلَىٰ مَنْ عِندَ رَسُولِ اللَّهِ حَتَّىٰ يَنفَضُّوا ۗ وَلِلَّهِ خَزَائِنُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَلَٰكِنَّ الْمُنَافِقِينَ لَا يَفْقَهُونَ
اھي اھڙا آھن جو (ھڪ ٻئي کي) چوندا آھن ته جيڪي (مھاجر) الله جي پيغمبر وٽ آھن تن تي خرچ نه ڪريو تان جو ڇڏي وڃن، ۽ (ھيءَ نه ڄاڻندا آھن ته) آسمانن ۽ زمين جا خزانا خاص الله جا آھن پر (ان ڳالھ کي) مُنافق نه سمجھندا آھن.
8يَقُولُونَ لَئِن رَّجَعْنَا إِلَى الْمَدِينَةِ لَيُخْرِجَنَّ الْأَعَزُّ مِنْهَا الْأَذَلَّ ۚ وَلِلَّهِ الْعِزَّةُ وَلِرَسُولِهِ وَلِلْمُؤْمِنِينَ وَلَٰكِنَّ الْمُنَافِقِينَ لَا يَعْلَمُونَ
چوندا آھن ته جيڪڏھن (اسين) مديني ۾ موٽي پُتاسون ته وڌيڪ عِزّت وارو تمام بي عزتي کي اُتان ضرور ڪڍي ڇڏيندو، ۽ عِزّت الله کي ۽ سندس پيغمبر کي ۽ مؤمنن کي آھي پر (اھا ڳالھ) منافق نه ڄاڻندا آھن.
9يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تُلْهِكُمْ أَمْوَالُكُمْ وَلَا أَوْلَادُكُمْ عَن ذِكْرِ اللَّهِ ۚ وَمَن يَفْعَلْ ذَٰلِكَ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الْخَاسِرُونَ
اي ايمان وارؤ اوھان کي نڪي اوھان جا مال ۽ نڪي اوھان جا اولاد الله جي ياد ڪرڻ کان ويسلو ڪري، ۽ جيڪي ائين ڪندا سي ئي ڇيئي وارا آھن.
منافقونقرآن فهرست
11آيت
MedinanRevelation
7آيت

ترجمو — منافقون 7

سوره منافقون آيت 7 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : اھي اھڙا آھن جو (ھڪ ٻئي کي) چوندا آھن ته…

سوره آيت 7/11 — سوره منافقون المنافقون (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره منافقون ٻڌو, سوره منافقون ترجمو, سوره منافقون mp3, سوره منافقون pdf. آيت 5–9. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers