منافقون · 2/11
ترجمو لکڻ — سوره منافقون
اتَّخَذُوا أَيْمَانَهُمْ جُنَّةً فَصَدُّوا عَن سَبِيلِ اللَّهِ ۚ إِنَّهُمْ سَاءَ مَا كَانُوا يَعْمَلُونَ ۝٢
Ittakhazoo aymaanahum junnatan fasaddoo `an sabeelil laah; innahum saaa`a maa kaanoo ya`maloon
📖 سنڌيءَ ۾
پنھنجن قَسمن کي ڍال (ڪري) ورتو اٿن پوءِ الله جي واٽ کان جھلن ٿا، بيشڪ اُھي جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 1-4 — سوره منافقون

1إِذَا جَاءَكَ الْمُنَافِقُونَ قَالُوا نَشْهَدُ إِنَّكَ لَرَسُولُ اللَّهِ ۗ وَاللَّهُ يَعْلَمُ إِنَّكَ لَرَسُولُهُ وَاللَّهُ يَشْهَدُ إِنَّ الْمُنَافِقِينَ لَكَاذِبُونَ
جڏھن منافق تو وٽ ايندا آھن (ته) چوندا آھن ته شاھدي ڏيون ٿا ته بيشڪ تون الله جو پيغمبر آھين، ۽ الله ڄاڻندو آھي ته بيشڪ تون سندس پيغمبر آھين، ۽ الله شاھدي ٿو ڏئي ته بيشڪ (اُھي) منافق ڪوڙا آھن.
2اتَّخَذُوا أَيْمَانَهُمْ جُنَّةً فَصَدُّوا عَن سَبِيلِ اللَّهِ ۚ إِنَّهُمْ سَاءَ مَا كَانُوا يَعْمَلُونَ
پنھنجن قَسمن کي ڍال (ڪري) ورتو اٿن پوءِ الله جي واٽ کان جھلن ٿا، بيشڪ اُھي جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.
3ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ آمَنُوا ثُمَّ كَفَرُوا فَطُبِعَ عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ فَهُمْ لَا يَفْقَهُونَ
اھو ھن ڪري آھي جو اُنھن ايمان آندو وري انڪار ڪيائون پوءِ انھن جي دلين تي مُھر ھنئي وئي تنھنڪري اُھي نه سمجھندا آھن.
4۞ وَإِذَا رَأَيْتَهُمْ تُعْجِبُكَ أَجْسَامُهُمْ ۖ وَإِن يَقُولُوا تَسْمَعْ لِقَوْلِهِمْ ۖ كَأَنَّهُمْ خُشُبٌ مُّسَنَّدَةٌ ۖ يَحْسَبُونَ كُلَّ صَيْحَةٍ عَلَيْهِمْ ۚ هُمُ الْعَدُوُّ فَاحْذَرْهُمْ ۚ قَاتَلَهُمُ اللَّهُ ۖ أَنَّىٰ يُؤْفَكُونَ
۽ (اي پيغمبر تون) جڏھن کين ڏسندو آھين (تڏھن) سندن جُسا توکي وڻندا آھن، ۽ جيڪڏھن ڳالھائيندا آھن ته اُنھن جي ڳالھ ڪَن ڏئي ٻڌندو آھين، ڄڻڪ اُھي اُڀيون ڀِت سان ڪاٺيون رکيل آھن، سڀڪنھن آواز کي پاڻ تي ڀو ڀائيندا آھن، اُھي ويري آھن تنھنڪري کائن حِذ رک، الله کين ھلاڪ ڪري، ڪيڏانھن ڦيرايا ٿا وڃن.
منافقونقرآن فهرست
11آيت
MedinanRevelation
2آيت

ترجمو — منافقون 2

سوره منافقون آيت 2 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : پنھنجن قَسمن کي ڍال (ڪري) ورتو اٿن پوءِ الله جي…

سوره آيت 2/11 — سوره منافقون المنافقون (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره منافقون ٻڌو, سوره منافقون ترجمو, سوره منافقون mp3, سوره منافقون pdf. آيت 1–4. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Tuesday, September 8, 2026

Don't forget us in your sincere prayers