محمد · 36/38
ترجمو لکڻ — سوره محمد
إِنَّمَا الْحَيَاةُ الدُّنْيَا لَعِبٌ وَلَهْوٌ ۚ وَإِن تُؤْمِنُوا وَتَتَّقُوا يُؤْتِكُمْ أُجُورَكُمْ وَلَا يَسْأَلْكُمْ أَمْوَالَكُمْ ۝٣٦
Innamal hayaatud dunyaa la`ibunw wa lahw; wa in to`minoo wa tattaqoo yu`tikum ujoorakum wa laa yas`alkum amwaalakum
📖 سنڌيءَ ۾
دنيا جي حياتي ته رڳو راند ۽ تماشو آھي، ۽ جيڪڏھن ايمان آڻيندؤ ۽ پرھيزگاري ڪندؤ ته اوھان جو اجر اوھان کي ڏيندو ۽ اوھان کان اوھان جو (سڀ) مال نه گھرندو.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 34-38 — سوره محمد

34إِنَّ الَّذِينَ كَفَرُوا وَصَدُّوا عَن سَبِيلِ اللَّهِ ثُمَّ مَاتُوا وَهُمْ كُفَّارٌ فَلَن يَغْفِرَ اللَّهُ لَهُمْ
بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ الله جي واٽ کان جھليو وري ڪافر ٿي مُئا تن کي الله ڪڏھن نه بخشيندو.
35فَلَا تَهِنُوا وَتَدْعُوا إِلَى السَّلْمِ وَأَنتُمُ الْأَعْلَوْنَ وَاللَّهُ مَعَكُمْ وَلَن يَتِرَكُمْ أَعْمَالَكُمْ
پوءِ سُست نه ٿيو ۽ صلح ڏانھن نه سڏيو، ۽ اوھين ئي غالب آھيو، ۽ الله اوھان ساڻ آھي ۽ اوھان جي عملن کي ڪڏھن ضايع نه ڪندو.
36إِنَّمَا الْحَيَاةُ الدُّنْيَا لَعِبٌ وَلَهْوٌ ۚ وَإِن تُؤْمِنُوا وَتَتَّقُوا يُؤْتِكُمْ أُجُورَكُمْ وَلَا يَسْأَلْكُمْ أَمْوَالَكُمْ
دنيا جي حياتي ته رڳو راند ۽ تماشو آھي، ۽ جيڪڏھن ايمان آڻيندؤ ۽ پرھيزگاري ڪندؤ ته اوھان جو اجر اوھان کي ڏيندو ۽ اوھان کان اوھان جو (سڀ) مال نه گھرندو.
37إِن يَسْأَلْكُمُوهَا فَيُحْفِكُمْ تَبْخَلُوا وَيُخْرِجْ أَضْغَانَكُمْ
جيڪڏھن اوھان کان (اوھان جو) مال گھري پوءِ (گھرڻ ۾) اوھان کي تنگ ڪري ته (انھيءَ وقت ضرور) بخيلي ڪندؤ ۽ اُھا (بخيلي) اوھان جون بدنيتون ظاھر ڪندي.
38هَا أَنتُمْ هَٰؤُلَاءِ تُدْعَوْنَ لِتُنفِقُوا فِي سَبِيلِ اللَّهِ فَمِنكُم مَّن يَبْخَلُ ۖ وَمَن يَبْخَلْ فَإِنَّمَا يَبْخَلُ عَن نَّفْسِهِ ۚ وَاللَّهُ الْغَنِيُّ وَأَنتُمُ الْفُقَرَاءُ ۚ وَإِن تَتَوَلَّوْا يَسْتَبْدِلْ قَوْمًا غَيْرَكُمْ ثُمَّ لَا يَكُونُوا أَمْثَالَكُم
خبردار ھجو اوھين اُھي (ماڻھو) آھيو جو اوھان کي سڏيو وڃي ٿو ته الله جي واٽ ۾ خرچيو، پوءِ اوھان مان ڪو (ته اھڙو آھي جو) بخيلي ٿو ڪري، ۽ جيڪو بخيلي ٿو ڪري سو رڳو پاڻ سان بخيلي ڪري ٿو، ۽ الله بي پرواھ آھي ۽ اوھين محتاج آھيو، ۽ جيڪڏھن منھن موڙيندؤ ته اوھان کانسواءِ (ٻي) ڪنھن قوم کي مٽائي آڻيندو پوءِ اُھي اوھان جھڙا نه ھوندا.
محمدقرآن فهرست
38آيت
MedinanRevelation
36آيت

ترجمو — محمد 36

سوره محمد آيت 36 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : دنيا جي حياتي ته رڳو راند ۽ تماشو آھي، ۽…

سوره آيت 36/38 — سوره محمد محمد (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره محمد ٻڌو, سوره محمد ترجمو, سوره محمد mp3, سوره محمد pdf. آيت 34–38. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers