احقاف · 5/35
ترجمو لکڻ — سوره احقاف
وَمَنْ أَضَلُّ مِمَّن يَدْعُو مِن دُونِ اللَّهِ مَن لَّا يَسْتَجِيبُ لَهُ إِلَىٰ يَوْمِ الْقِيَامَةِ وَهُمْ عَن دُعَائِهِمْ غَافِلُونَ ۝٥
Wa man adallu mimmany yad`oo min doonil laahi mallaa yastajeebu lahooo ilaa Yawmil Qiyaamati wa hum`an du`aaa`ihim ghaafiloon
📖 سنڌيءَ ۾
۽ اُنھيءَ کان وڌيڪ گمراھ ڪير آھي جيڪو الله ڌاران (ٻئي) اھڙي شيء کي سڏي جو قيامت تائين سندس سڏ کي نه ورنائي ۽ اُھي سندن سڏڻ کان (ئي) بي خبر آھن.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 3-7 — سوره احقاف

3مَا خَلَقْنَا السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا إِلَّا بِالْحَقِّ وَأَجَلٍ مُّسَمًّى ۚ وَالَّذِينَ كَفَرُوا عَمَّا أُنذِرُوا مُعْرِضُونَ
نه پيدا ڪيوسون آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي مگر پوريءَ رِٿ سان ۽ ھڪ مقرر مدت تائين (رھڻ لاءِ)، ۽ ڪافر جنھن کان ڊيڄاريا ويا (تنھن کان) مُنھن موڙيندڙ آھن.
4قُلْ أَرَأَيْتُم مَّا تَدْعُونَ مِن دُونِ اللَّهِ أَرُونِي مَاذَا خَلَقُوا مِنَ الْأَرْضِ أَمْ لَهُمْ شِرْكٌ فِي السَّمَاوَاتِ ۖ ائْتُونِي بِكِتَابٍ مِّن قَبْلِ هَٰذَا أَوْ أَثَارَةٍ مِّنْ عِلْمٍ إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ
(کين) چؤ ته ڏسيو ته سھي الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو تن ڪا بڻاوت بڻائي آھي ڇا مون کي ڏيکاريو ته زمين (جي شين) منجھان ڪھڙي شيء پيدا ڪئي اٿن يا آسمانن (جي بڻائڻ) ۾ انھن جي ڪا ڀائيواري (ثابت) آھي ڇا؟ جيڪڏھن سچا آھيو ته ھن کان اڳ (آيل) ڪوبه ڪتاب يا ڪا علمي سَند مون وٽ آڻيو.
5وَمَنْ أَضَلُّ مِمَّن يَدْعُو مِن دُونِ اللَّهِ مَن لَّا يَسْتَجِيبُ لَهُ إِلَىٰ يَوْمِ الْقِيَامَةِ وَهُمْ عَن دُعَائِهِمْ غَافِلُونَ
۽ اُنھيءَ کان وڌيڪ گمراھ ڪير آھي جيڪو الله ڌاران (ٻئي) اھڙي شيء کي سڏي جو قيامت تائين سندس سڏ کي نه ورنائي ۽ اُھي سندن سڏڻ کان (ئي) بي خبر آھن.
6وَإِذَا حُشِرَ النَّاسُ كَانُوا لَهُمْ أَعْدَاءً وَكَانُوا بِعِبَادَتِهِمْ كَافِرِينَ
۽ جڏھن (قيامت ۾) ماڻھو گڏ ڪبا (تڏھن) اھي سندن ويري ھوندا ۽ سندين پوڄا جا منڪر ھوندا.
7وَإِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِمْ آيَاتُنَا بَيِّنَاتٍ قَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا لِلْحَقِّ لَمَّا جَاءَهُمْ هَٰذَا سِحْرٌ مُّبِينٌ
۽ جڏھن اسان جون پڌريون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن اُھي) ڪافر سچي ڳالھ (يعني قرآن) به نسبت جنھن مھل وٽن آيو (تنھن مھل) چوندا آھن ته ھي پڌرو جادو آھي.
احقافقرآن فهرست
35آيت
MeccanRevelation
5آيت

ترجمو — احقاف 5

سوره احقاف آيت 5 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : ۽ اُنھيءَ کان وڌيڪ گمراھ ڪير آھي جيڪو الله ڌاران…

سوره آيت 5/35 — سوره احقاف الأحقاف (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره احقاف ٻڌو, سوره احقاف ترجمو, سوره احقاف mp3, سوره احقاف pdf. آيت 3–7. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers