محمد · 22/38
ترجمو لکڻ — سوره محمد
فَهَلْ عَسَيْتُمْ إِن تَوَلَّيْتُمْ أَن تُفْسِدُوا فِي الْأَرْضِ وَتُقَطِّعُوا أَرْحَامَكُمْ ۝٢٢
Fahal `asaitum in tawallaitum an tufsidoo fil ardi wa tuqatti`ooo arhaamakum
📖 سنڌيءَ ۾
پوءِ (اي ضعيف ايمان وارؤ) جيڪڏھن اسلام کان ڦريئو ته (اوھين) ھن (ڳالھ) کي ويجھا آھيو ته زمين ۾ فساد ڪندؤ ۽ پنھنجيون مائٽيون ڇنندؤ.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 20-24 — سوره محمد

20وَيَقُولُ الَّذِينَ آمَنُوا لَوْلَا نُزِّلَتْ سُورَةٌ ۖ فَإِذَا أُنزِلَتْ سُورَةٌ مُّحْكَمَةٌ وَذُكِرَ فِيهَا الْقِتَالُ ۙ رَأَيْتَ الَّذِينَ فِي قُلُوبِهِم مَّرَضٌ يَنظُرُونَ إِلَيْكَ نَظَرَ الْمَغْشِيِّ عَلَيْهِ مِنَ الْمَوْتِ ۖ فَأَوْلَىٰ لَهُمْ
۽ مؤمن چوندا آھن ته ڪا سُورة ڇونه نازل ڪئي وئي، پوءِ جڏھن پڌري معنىٰ واري سُورة نازل ڪئي وڃي ۽ اُن ۾ جھاد جو ذڪر ڪيو وڃي ته جن جي دلين ۾ بيماري آھي تن کي ڏسندين ته تو ڏانھن اُنھيءَ (ماڻھو) جي نھارڻ وانگر ڏسندا آھن جنھن کي موت (جي سڪرات) کان بيھوشي پُھتي ھجي، پوءِ اُنھن لاءِ خرابي آھي.
21طَاعَةٌ وَقَوْلٌ مَّعْرُوفٌ ۚ فَإِذَا عَزَمَ الْأَمْرُ فَلَوْ صَدَقُوا اللَّهَ لَكَانَ خَيْرًا لَّهُمْ
(چڱي ڳالھ ته کين) چيو وٺڻ ۽ چڱي ڳالھ چوڻ آھي، پوءِ جڏھن (جھاد جو) ڪم پڪو ٿي چڪي، ته جيڪڏھن جيڪڏھن الله سان سچا رھن ھا اُنھن لاءِ ڀلو ھجي ھا.
22فَهَلْ عَسَيْتُمْ إِن تَوَلَّيْتُمْ أَن تُفْسِدُوا فِي الْأَرْضِ وَتُقَطِّعُوا أَرْحَامَكُمْ
پوءِ (اي ضعيف ايمان وارؤ) جيڪڏھن اسلام کان ڦريئو ته (اوھين) ھن (ڳالھ) کي ويجھا آھيو ته زمين ۾ فساد ڪندؤ ۽ پنھنجيون مائٽيون ڇنندؤ.
23أُولَٰئِكَ الَّذِينَ لَعَنَهُمُ اللَّهُ فَأَصَمَّهُمْ وَأَعْمَىٰ أَبْصَارَهُمْ
اِھي اُھي آھن جن کي الله لعنت ڪئي پوءِ کين ٻوڙو ڪيائين ۽ سندين اکيون انڌيون ڪيائين.
24أَفَلَا يَتَدَبَّرُونَ الْقُرْآنَ أَمْ عَلَىٰ قُلُوبٍ أَقْفَالُهَا
ڇا قرآن ۾ ڌيان نه ڪندا آھن يا (سندين) دلين تي اُنھن جا قُفل لڳل آھن؟
محمدقرآن فهرست
38آيت
MedinanRevelation
22آيت

ترجمو — محمد 22

سوره محمد آيت 22 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : پوءِ (اي ضعيف ايمان وارؤ) جيڪڏھن اسلام کان ڦريئو ته…

سوره آيت 22/38 — سوره محمد محمد (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره محمد ٻڌو, سوره محمد ترجمو, سوره محمد mp3, سوره محمد pdf. آيت 20–24. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Tuesday, September 8, 2026

Don't forget us in your sincere prayers