تغابن · 16/18
ترجمو لکڻ — سوره تغابن
فَاتَّقُوا اللَّهَ مَا اسْتَطَعْتُمْ وَاسْمَعُوا وَأَطِيعُوا وَأَنفِقُوا خَيْرًا لِّأَنفُسِكُمْ ۗ وَمَن يُوقَ شُحَّ نَفْسِهِ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الْمُفْلِحُونَ ۝١٦
Fattaqul laaha mastat`tum wasma`oo wa atee`oo waanfiqoo khairal li anfusikum; wa many-yooqa shuha nafsihee fa-ulaaa`ika humul muflihoon
📖 سنڌيءَ ۾
تنھنڪري جيترو ٿي سگھيوَ اوترو الله کان ڊڄو ۽ (الله جو حُڪم) ٻڌو ۽ چيو مڃيو ۽ خرچ ڪريو ته اوھان جي جِندن لاءِ چڱو آھي، ۽ جيڪي پنھنجي نفس جي حرص کان بچايا ويا سي ئي ڇُٽڻ وارا آھن.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 14-18 — سوره تغابن

14يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا إِنَّ مِنْ أَزْوَاجِكُمْ وَأَوْلَادِكُمْ عَدُوًّا لَّكُمْ فَاحْذَرُوهُمْ ۚ وَإِن تَعْفُوا وَتَصْفَحُوا وَتَغْفِرُوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
اي ايمان وارؤ بيشڪ ڪي اوھان جون زالون ۽ ڪي اوھان جو اولاد اوھان جو دشمن آھي تنھنڪري انھن کان حذر ڪريو، ۽ جيڪڏھن معافي ڪريو ۽ ٽارو ڪريو ۽ بخشيو ته بيشڪ الله (به) بخشڻھار مھربان آھي.
15إِنَّمَا أَمْوَالُكُمْ وَأَوْلَادُكُمْ فِتْنَةٌ ۚ وَاللَّهُ عِندَهُ أَجْرٌ عَظِيمٌ
اوھان جا مال ۽ اوھان جو اولاد رڳو پرک آھن، ۽ الله ئي وٽ وڏو اجر آھي.
16فَاتَّقُوا اللَّهَ مَا اسْتَطَعْتُمْ وَاسْمَعُوا وَأَطِيعُوا وَأَنفِقُوا خَيْرًا لِّأَنفُسِكُمْ ۗ وَمَن يُوقَ شُحَّ نَفْسِهِ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الْمُفْلِحُونَ
تنھنڪري جيترو ٿي سگھيوَ اوترو الله کان ڊڄو ۽ (الله جو حُڪم) ٻڌو ۽ چيو مڃيو ۽ خرچ ڪريو ته اوھان جي جِندن لاءِ چڱو آھي، ۽ جيڪي پنھنجي نفس جي حرص کان بچايا ويا سي ئي ڇُٽڻ وارا آھن.
17إِن تُقْرِضُوا اللَّهَ قَرْضًا حَسَنًا يُضَاعِفْهُ لَكُمْ وَيَغْفِرْ لَكُمْ ۚ وَاللَّهُ شَكُورٌ حَلِيمٌ
جيڪڏھن الله کي چڱيءَ طرح قرض ڏيندؤ ته (الله) اوھان کي اُھو (قرض) ٻيڻون (ورائي ڏيندو) ۽ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله قدردان بردبار آھي.
18عَالِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْعَزِيزُ الْحَكِيمُ
ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ غالب حڪمت وارو آھي.
تغابنقرآن فهرست
18آيت
MedinanRevelation
16آيت

ترجمو — تغابن 16

سوره تغابن آيت 16 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : تنھنڪري جيترو ٿي سگھيوَ اوترو الله کان ڊڄو ۽ (الله…

سوره آيت 16/18 — سوره تغابن التغابن (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره تغابن ٻڌو, سوره تغابن ترجمو, سوره تغابن mp3, سوره تغابن pdf. آيت 14–18. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers