تغابن · 3/18
ترجمو لکڻ — سوره تغابن
خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ بِالْحَقِّ وَصَوَّرَكُمْ فَأَحْسَنَ صُوَرَكُمْ ۖ وَإِلَيْهِ الْمَصِيرُ ۝٣
Khalaqas samaawaati wal arda bilhaqqi wa sawwarakum fa ahsana suwarakum wa ilaihil maseer
📖 سنڌيءَ ۾
آسمانن ۽ زمين کي پوريءَ رِٿ سان بڻايائين ۽ اوھانکي صُورت ڏنائين پوءِ اوھان جون صُورتون تمام چڱيون بڻايائين ۽ ڏانھس موٽڻ آھي.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 1-5 — سوره تغابن

1يُسَبِّحُ لِلَّهِ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الْأَرْضِ ۖ لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ ۖ وَهُوَ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، سندس ئي بادشاھي آھي ۽ سنديس ئي ساراھ آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.
2هُوَ الَّذِي خَلَقَكُمْ فَمِنكُمْ كَافِرٌ وَمِنكُم مُّؤْمِنٌ ۚ وَاللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ
(الله) اھو آھي جنھن اوھان کي پيدا ڪيو پوءِ اوھان مان ڪو ڪافر ۽ اوھان مان ڪو مؤمن آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.
3خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ بِالْحَقِّ وَصَوَّرَكُمْ فَأَحْسَنَ صُوَرَكُمْ ۖ وَإِلَيْهِ الْمَصِيرُ
آسمانن ۽ زمين کي پوريءَ رِٿ سان بڻايائين ۽ اوھانکي صُورت ڏنائين پوءِ اوھان جون صُورتون تمام چڱيون بڻايائين ۽ ڏانھس موٽڻ آھي.
4يَعْلَمُ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَيَعْلَمُ مَا تُسِرُّونَ وَمَا تُعْلِنُونَ ۚ وَاللَّهُ عَلِيمٌ بِذَاتِ الصُّدُورِ
جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو (اُھو) ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو سو (به) ڄاڻندو آھي، ۽ الله سينن جو ڳجھ ڄاڻندڙ آھي.
5أَلَمْ يَأْتِكُمْ نَبَأُ الَّذِينَ كَفَرُوا مِن قَبْلُ فَذَاقُوا وَبَالَ أَمْرِهِمْ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
(ھن کان) اڳ جيڪي ڪافر ھئا تن جي اوھان وٽ خبر نه آئي آھي ڇا؟ پوءِ پنھنجي ڪئي جي سزا چکيائون ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
تغابنقرآن فهرست
18آيت
MedinanRevelation
3آيت

ترجمو — تغابن 3

سوره تغابن آيت 3 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : آسمانن ۽ زمين کي پوريءَ رِٿ سان بڻايائين ۽ اوھانکي…

سوره آيت 3/18 — سوره تغابن التغابن (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره تغابن ٻڌو, سوره تغابن ترجمو, سوره تغابن mp3, سوره تغابن pdf. آيت 1–5. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers