La sourate Al-Kahf en Sindhi
الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَنزَلَ عَلَىٰ عَبْدِهِ الْكِتَابَ وَلَمْ يَجْعَل لَّهُ عِوَجًا ۜ(1) سڀ ساراھ انھي الله کي جڳائي جنھن پنھنجي ٻانھي (ﷴ ﷺ) تي ڪتاب لاٿو ۽ ان ۾ ڪو ڏِنگ نه رکيائين. |
ھن لاءِ سڌو ڪيائين ته الله وٽان سخت مُصيبت کان ڪافرن کي ڊيڄاري ۽ اُنھن مؤمنن کي خوشخبري ڏي جيڪي چڱا ڪم ڪندا آھن ته اُنھن لاءِ چڱو اجر آھي. |
منجھس سدائين رھڻ وارا آھن. |
۽ انھن کي ڊيڄاري جيڪي چون ٿا ته الله (پاڻ لاءِ) پُٽ ورتو آھي. |
جنھن جو نڪي کين ۽ نڪي سندن پيءُ ڏاڏن کي ڪو علم آھي، وڏي (گناھ جي) ڳالھ آھي جا سندن واتان نڪري ٿي، اھي ڪوڙ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه چوندا آھن. |
فَلَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ عَلَىٰ آثَارِهِمْ إِن لَّمْ يُؤْمِنُوا بِهَٰذَا الْحَدِيثِ أَسَفًا(6) جيڪڏھن اھي ھن ڳالھ کي نه مڃن ته متان تون ارمان کان سندن پويان پاڻ کي ھلاڪ ڪرين. |
إِنَّا جَعَلْنَا مَا عَلَى الْأَرْضِ زِينَةً لَّهَا لِنَبْلُوَهُمْ أَيُّهُمْ أَحْسَنُ عَمَلًا(7) جيڪي زمين تي آھي سو اسان ان جي سينگار لاءِ ھن ڪري ڪيو ته سندن آزمائش وٺون ته انھن مان عملن ۾ ڏاڍو چڱو ڪير آھي. |
۽ ان زمين تي جيڪا (ساول) آھي سا اسين چٽي پٽي ڪرڻ وارا آھيون. |
أَمْ حَسِبْتَ أَنَّ أَصْحَابَ الْكَهْفِ وَالرَّقِيمِ كَانُوا مِنْ آيَاتِنَا عَجَبًا(9) پر ڀانيو اٿيئي ته غار ۽ رقيم وارا اسان جي نشانين مان عجيب آھن. |
جڏھن غار ۾ ڪيترن جوانن جاءِ ورتي تڏھن چيائون ته اي اسان جا پالڻھار پاڻ وٽان اسان تي ٻاجھ عطا ڪر ۽ اسان جي ڪم ۾ اسان لاءِ چڱائي ڪر. |
فَضَرَبْنَا عَلَىٰ آذَانِهِمْ فِي الْكَهْفِ سِنِينَ عَدَدًا(11) پوءِ ڪيترائي ورهيه کين غار ۾ ڪَنن ڀر سمھاريوسون. |
ثُمَّ بَعَثْنَاهُمْ لِنَعْلَمَ أَيُّ الْحِزْبَيْنِ أَحْصَىٰ لِمَا لَبِثُوا أَمَدًا(12) وري کين ھن لاءِ اٿاريوسون ته ڏيکاريون ته جا مدت رھيا سا ٻنھي ٽولين مان ڪھڙي کي ياد آھي. |
اسين توکي سندن سچي خبر بيان ڪريون ٿا، بيشڪ اھي ڪيترا جوان ھوا جو پنھنجي پالڻھار کي مڃيو ھوائون ۽ کين وڌيڪ ھدايت ڪئي ھئي سون. |
۽ سندن دلين تي (سچائي) ٻڌي سون جڏھن اٿيا تڏھن چيائون ته اسان جو پالڻھار آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار آھي ان کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي معبُود ڪري نه سڏينداسون (جي سڏيوسون ته) ضرور بيشڪ اُنھي مھل بيھودي ڳالھ چئي سون. |
اسان جي ھن قوم الله کانسواءِ ٻيا معبود ورتا آھن، مٿن ڇونه ڪو پڌرو دليل آڻيندا آھن؟ پوءِ جيڪو الله تي ڪوڙ ٺاھي ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ |
۽ جڏھن انھن (مشرڪن) کان ۽ (اھي) الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا آھن تن کان پاسي ٿيو تڏھن غار ڏانھن پناہ وٺو ته اوھان جو پالڻھار اوھان لاءِ ٻاجھ پکيڙيندو ۽ اوھان جي ڪم ۾ اوھان لاءِ سولائي موجود ڪندو. |
۽ (اي ڏسندڙ) جڏھن سج اڀري (تڏھن) ڏسندين ته (اُس) سندن غار کان سڄي پاسي لڙندي آھي ۽ جڏھن لھي تڏھن سندن کٻي پاسي مڙندي آھي ۽ اُھي ان (غار جي) ويڪرائي ۾ آھن، اِھا الله جي نشانين مان آھي، جنھن کي الله ھدايت ڪري سو ھدايت وارو آھي، ۽ جنھن کي ڀُلائي ان لاءِ ڪوبه دوست واٽ ڏيکارندڙ نه لھندين. |
۽ تون کين جاڳندڙ ڀائيندين پر اُھي (ننڊ ۾) سمھيل آھن، ۽ کين سڄي پاسي تي ۽ کٻي پاسي تي اٿلائيندا آھيون، ۽ سندن ڪتو چائٺ تي اڳيون ٽنگون ڊگھيريو پيو آھي، جيڪڏھن مٿن بيھي ڏسين ته کانئن ڀڄندڙ ٿي منھن ڦيرين ۽ کانئن دھشت کان ڀرجي وڃين. |
۽ اھڙي طرح کين ھن لاءِ کڙو ڪيوسون ته پاڻ ۾ پڇن، منجھانئن چوندڙ چيو ته (اوھين ھتي) ڪيترو ٽڪيؤ، چيائون ته ھڪ ڏينھن يا ڏينھن کان گھٽ رھياسون، (ڪن) چيو ته جيڪي اوھين رھيا آھيو سو اوھان جو پالڻھار چڱو ڄاڻندڙ آھي، پوءِ مان پاڻ مان ھڪ کي ھِن پنھنجي رپئي سان شھر ڏانھن موڪليو پوءِ ڀلي ڏسي ته اُن (ڳوٺ) جو ڪھڙو طعام سٺو آھي پوءِ ان مان ڪجھ تعام اوھان وٽ آڻي ۽ جڳائي ته نرمي ڪري ۽ اوھان جو حال ڪنھن ھڪڙي کي نه ڄاڻائي. |
ڇوته جيڪڏھن اھي اوھان تي غالب ٿيندا ته اوھان کي سنگسار ڪندا يا پنھنجي مذھب ۾ اوھان کي موٽائيندا ۽ اُن مھل اوھين ھرگز نه ڇٽندؤ. |
۽ اھڙي طرح (تڏھن) ماڻھن کي ھن لاءِ مٿن خبردار ڪيوسون ته ڄاڻن ته الله جو انجام سچو آھي ۽ بيشڪ قيامت (ٿيڻي) آھي ان ۾ ڪو شڪ نه آھي، تڏھن انھن جي ڳالھ بابت پاڻ ۾ جھڳڙو ڪرڻ لڳا پوءِ چيائون ته انھن جي (غار) تي ڪا اڏاوت اڏيو، سندن پالڻھار کين ڄاڻندڙ آھي، جيڪي پنھنجي ڳالھ ۾ غالب ٿيا تن چيو ته انھن (جي غار) تي مسجد ضرور بڻائينداسون. |
(ڪي) چوندا ته (اُھي) ٽي آھن چوٿون سندن ڪتو آھي، ۽ (ڪي) چوندا ته پنج آھن ڇھون سندن ڪتو آھي ڳُجھ بابت اٽڪل ھڻندا آھن، ۽ چوندا آھن ته ست آھن اٺون سندن ڪتو آھي، (اي پيغمبر) چؤ ته سندن ڳاڻيٽو منھنجو پالڻھار وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي انھن کي رڳو ڪي ٿورا ڄاڻندا آھن، پوءِ انھن بابت سرسري جھڳڙي ڪرڻ کانسواءِ جھڳڙو نه ڪر، ۽ نڪي انھن بابت ڪافرن مان ڪنھن ھڪ کان پڇا ڪر. |
۽ ڪنھن ڪم لاءِ انشاءالله کانسواءِ نه چؤ ته آءٌ ھي سڀاڻي ڪندس. |
۽ جڏھن پنھنجي پالڻھار کي وسارين (تڏھن تون اُن کي) ياد ڪر ۽ چؤ ته سگھوئي منھنجو پالڻھار ھن کان به ڏاڍي ويجھي سڌي ھدايت ڪندو. |
وَلَبِثُوا فِي كَهْفِهِمْ ثَلَاثَ مِائَةٍ سِنِينَ وَازْدَادُوا تِسْعًا(25) ۽ اُھي پنھنجي غار ۾ ٽن سون ورھن کان وڌيڪ نَو ورھ رھيا. |
(جيڪڏھن اُھي نه مڃين ته) چئو ته جيڪي رھيا سو الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي، اُن کي آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ (معلوم) آھي، ڪھڙو عجيب ڏسندڙ ۽ ڪھڙو عجيب ٻڌندڙ آھي، اُن کانسواءِ ڪو انھن جو مددگار نه آھي، ۽ پنھنجي حُڪم ۾ ڪنھن ھڪ کي ڀائيوار نه ڪندو آھي. |
۽ تنھنجي پالڻھار جي ڪتاب مان جيڪي توڏانھن وحي ڪيو ويو سو پڙھ، سندس حُڪم کي ڪا ڦير ڦار نه آھي، ۽ اُن کانسواءِ تون ڪا واھ نه لھندين. |
۽ پاڻ کي انھن سان صبر ۾ رک جيڪي پنھنجي پالڻھار کي صُبح ۽ سانجھيءَ جو ياد ڪندا آھن (۽) سندس رضا مندي گھرندا آھن ۽ (گھرجي ته) تنھنجون اکيون دُنيا جي حياتيءَ جي سينگار جو ارادو رکي انھن (ياد ڪندڙن) کان (ٻئي پاسي) نه واجھائين، ۽ انھيءَ جي فرمانبرداري نه ڪر جنھن جي دل اسان پنھنجي ياد ڪرڻ کان غافل ڪئي ۽ پنھنجي خواھش جي پٺيان لڳو ۽ سندس ڪم حد کان وڌيل آھي. |
۽ چؤ ته (اھو سخن) اوھان جي پالڻھار وٽان (آيل) سچ آھي، پوءِ جنھن کي وڻي سو ايمان آڻي ۽ جنھن کي وڻي سو نه مڃي، اسان ظالمن لاءِ باھ تيار ڪئي آھي (۽) اُن جا پردا اُنھن کي ويڙھيندا، ۽ جيڪڏھن فرياد ڪندا ته انھن جي فرياد اھڙي پاڻيءَ سان ورائي ويندي جو پگھاريل ٽامي وانگر ھوندو سندن منھن کي ڀڃندو، اُھو بڇڙو پيڻ آھي، ۽ بڇڙو آرام جو ھنڌ آھي. |
إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ إِنَّا لَا نُضِيعُ أَجْرَ مَنْ أَحْسَنَ عَمَلًا(30) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ته جنھن چڱو ڪم ڪيو آھي تنھن جو اجر اسين نه وڃائينداسون. |
اِھي (اُھي) آھن جن لاءِ ھميشگيءَ جا بھشت (ھوندا) جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سونن ڪنگڻن جا زيور انھن کي پارايا ويندا ۽ سَنھي ۽ ٿُلھي پٽ جي سائي پوشاڪ ڍڪيندا (۽) اتي تختن تي تڪيو لائي وھندا، اِھو بدلو چڱو آھي، ۽ آرام جي جاءِ به چڱي آھي. |
۽ (اي پيغمبر) کين ٻن مڙسن جو قصو بيان ڪر ۽ انھن مان ھڪڙي لاءِ ڊاکن جا ٻه باغ پيدا ڪيا ھئاسون ۽ انھن جي چوڌاري کجيون پيدا ڪيو ھيوسون ۽ انھن جي وچ ۾ پوک پيدا ڪئي ھئي سون. |
ٻنھين باغن پنھنجا ميوا پچايا ۽ منجھانئن ڪجھ گھٽ نه ڪيائون ۽ انھن جي وچ ۾ واھيون وھايون سون. |
۽ ان کي (گھڻو) ڦر مليو، پوءِ پنھنجي سنگتيءَ سان ڳالھائيندي ان کي چيائين ته آءٌ توکان مال ۾ وڌيڪ آھيان ۽ ماڻھن جي ڪري (به) وڌيڪ عِزّت وارو آھيان. |
وَدَخَلَ جَنَّتَهُ وَهُوَ ظَالِمٌ لِّنَفْسِهِ قَالَ مَا أَظُنُّ أَن تَبِيدَ هَٰذِهِ أَبَدًا(35) ۽ پنھنجي باغ ۾ گھڙيو ۽ ھو پاڻ لاءِ ظالم ھو، چيائين ته مون کي ھن (باغ) جي ناس ٿيڻ جو ڪڏھن به گمان نه آھي. |
۽ نڪي قيامت جي قائم ٿيڻ جو مون کي ڪو گمان آھي ۽ جيڪڏھن پنھنجي پالھڻار ڏانھن موٽيس (ته) ھن کان (به) ڀلي جاءِ لھندس. |
سندس سنگتي ساڻس گفتگو ڪندي کيس چيو ته جنھن توکي مٽيءَ مان بڻايو وري نطفي سان وري سنئين لڱين مڙس ڪيائين تنھن جو تو ڇو انڪار ڪيو؟ |
لَّٰكِنَّا هُوَ اللَّهُ رَبِّي وَلَا أُشْرِكُ بِرَبِّي أَحَدًا(38) (آءٌ ھي ويساھ رکندو آھيان ته) منھنجو پالڻھار الله آھي ۽ آءٌ پنھنجي پالڻھار سان ڪوبه شريڪ نه ڪندس. |
۽ جڏھن تون پنھنجي باغ ۾ گھڙين تڏھن ڇونه چيئي ته جيڪي الله گھريو (سو ٿيڻو آھي) جو الله (جي مدد) کانسواءِ ڪا سگھ نه آھي، جيڪڏھن تون پاڻ کان مون کي مال ۽ اولاد ۾ گھٽ ڏسين ٿو. |
ته اُميد آھي جو منھنجو پالڻھار تنھنجي باغ کان چڱو مونکي ڏيندو ۽ اُن (تنھنجي باغ) تي آسمان کان ڪا آفت موڪلي پوءِ ڦري چِٽي پَٽي ٿي پَوي. |
أَوْ يُصْبِحَ مَاؤُهَا غَوْرًا فَلَن تَسْتَطِيعَ لَهُ طَلَبًا(41) يا سندس پاڻي سُڪي وڃي پوءِ ان کي ڪڏھن لھي نه سگھين. |
۽ سندس ڦر کي ڇٽ ڪيو ويو پوءِ اُن (جي بڻائڻ) ۾ جيڪي خرچيو ھوائين تنھن تي پنھنجا ھٿ مَليندو رھيو ۽ اُھو (باغ) پنھنجين (بڻايلن) ڇتين سميت ڪريل ھو ۽ چيائين ٿي ته افسوس آھي پنھنجي پالڻھار سان ڪنھن کي شريڪ مُقرر نه ڪريان ھا (ته چڱو ھو). |
وَلَمْ تَكُن لَّهُ فِئَةٌ يَنصُرُونَهُ مِن دُونِ اللَّهِ وَمَا كَانَ مُنتَصِرًا(43) ۽ نڪي ان لاءِ ڪا ٽولي ھئي جو الله کانسواءِ کيس مدد ڏئي ۽ نڪي (پاڻ) بدلو وٺڻ وارو ھو. |
هُنَالِكَ الْوَلَايَةُ لِلَّهِ الْحَقِّ ۚ هُوَ خَيْرٌ ثَوَابًا وَخَيْرٌ عُقْبًا(44) ھن ھنڌ الله جي سچي بادشاھي آھي، اُھو ثواب (ڏيڻ) ۾ ڀلو ۽ بدلي ڏيڻ ۾ (به) ڀلو آھي. |
۽ (اي پيغمبر) انھن کي دُنيا جي حياتيءَ جو مثال بيان ڪر جا انھي پاڻيءَ وانگر آھي جنھن کي آسمان کان وسايوسون پوءِ اُن سان زمين جا اوڀڙ گھاٽا ڄميا پوءِ ڦري ڀُريل ڪک ٿيا اُنھن کي وائن اُڏايو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي. |
مال ۽ اولاد دنيا جي حياتيءَ جو سينگار آھي، ۽ سدائين رھندڙ چڱايون تنھنجي پالڻھار وٽ ثواب ڪري ڀليون ۽ اُميد ڪري چڱيون آھن. |
۽ (ياد ڪر) جنھن ڏينھن جبلن کي ھلائينداسون ۽ زمين کي صفا پٽي ڏسندين ۽ ماڻھن کي گڏ ڪنداسون پوءِ منجھانئن ڪنھن ھڪ کي نه ڇڏينداسون. |
۽ (اُھي) تنھنجي پالڻھار وٽ صفون ڪري پيش ڪيا ويندا (چونداسون ته) جھڙي طرح اوھان کي پھريون ڀيرو پيدا ڪيوھوسون (تھڙي طرح) اسان وٽ آيا آھيو، بلڪ ڀائيندا ھيؤ ته اوھان جي لاءِ انجام جو ھنڌ نه ڪنداسون. |
۽ اعمالنامون رکيو ويندو پوءِ جيڪي منجھس ھوندو تنھن کان ڏوھارين کي ڊڄندڙ ڏسندين ۽ چوندا ته اسان لاءِ ارمان آھي ھن اعمالنامي جو ڇا حال آھي جو نڪي ننڍي (گناھ) ۽ نڪي وڏي کي ڳاڻيٽي کانسواءِ ڇڏيو اٿس، ۽ جيڪي ڪيائون سو حاضر لھندا، ۽ تنھنجو پالڻھار ڪنھن ھڪڙي تي به ظلم نه ڪندو. |
۽ جڏھن ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو تڏھن ابليس کانسواءِ ٻـين سجدو ڪيو، اھو جِنّن مان ھو پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم جي نافرماني ڪيائين، پوءِ اوھين کيس ۽ سندس اولاد کي مون کانسواءِ ڇو دوست وٺندا آھيو حالانڪ اُھي اوھان جا ويري آھن، (شيطان) ظالمن لاءِ بڇڙو بدلو آھي. |
نڪي آسمانن ۽ زمين جي بڻائڻ مھل اُنھن (شيطانن) کي حاضر ڪيو ھوم ۽ نڪي سندن جيئن بڻائڻ مھل به، ۽ نڪي گمراھن کي مددگار وٺندڙ آھيان. |
۽ جنھن ڏينھن الله چوندو ته (اي مشرڪؤ!) اوھين انھن کي سڏيو جن کي منھنجا شريڪ ڄاڻندا ھيؤ ۽ پوءِ انھن کي سڏيندا ۽ اُھي کين ورندي نه ڏيندا ۽ سندن وچ ۾ ھلاڪت جو ھنڌ ڪنداسون. |
وَرَأَى الْمُجْرِمُونَ النَّارَ فَظَنُّوا أَنَّهُم مُّوَاقِعُوهَا وَلَمْ يَجِدُوا عَنْهَا مَصْرِفًا(53) ۽ ڏوھاري باھ کي ڏسندا پوءِ ڀائيندا ته اُھي اُن ۾ ڪرندا ۽ کانئس موٽڻ جي واھ نه لھندا. |
۽ بيشڪ ھن قرآن ۾ ھر طرح جا مثال ماڻھن لاءِ بيان ڪياسون، ۽ ماڻھو سڀ شيء کان گھڻو جھيڙاڪار آھي. |
۽ ماڻھن وٽ جڏھن ھدايت آئي تڏھن کين ايمان آڻڻ ۽ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرڻ کان ھن ڌاران ڪنھن نه جھليو جو اڳين جي رسم (جھڙي پاڙ پَٽ سزا) وٽن اچي يا وٽن سامھون عذاب پُھچي. |
۽ پيغمبرن کي رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليون ٿا، ۽ ڪافر ڪوڙو جھڳڙو ھن لاءِ ڪندا آھن ته ان سان سچ کي ٿيڙين ۽ منھنجين نشانين کي ۽ جنھن سان ڊيڄاريا ويا تنھنکي ٺـٺولي ڪري ورتائون. |
۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن کي سندس پالڻھار جي نشانين سان نصيحت ڏني وڃي ته اُن کان مُنھن موڙي ۽ جيڪي سندس ھٿن اڳي ڪري موڪليو سو وساري؟ اسان ان جي سمجھڻ کان سندين دلين تي پردا ڪيا ۽ سندن ڪنن ۾ گھٻرائي (وڌي سون) ۽ جيڪڏھن تون کين ھدايت ڏانھن سڏين ته اُن وقت سِڌو رستو ڪڏھن به نه لھندا. |
۽ تنھنجو پالڻھار بخشڻھار ٻاجھارو آھي، جيڪڏھن کين سندن ڪيتي سببان پڪڙي ھا ته انھن لاءِ عذاب تڪڙو موڪلي ھا، (نه!) بلڪ انھن لاءِ انجام ٿيل آھي جو اُن کانسواءِ ڪا واھ نه لھندا. |
وَتِلْكَ الْقُرَىٰ أَهْلَكْنَاهُمْ لَمَّا ظَلَمُوا وَجَعَلْنَا لِمَهْلِكِهِم مَّوْعِدًا(59) ۽ اھي ڳوٺ آھن جو انھن کي (تڏھن) ناس ڪيوسون جڏھن ظلم ڪيائون ۽ انھن جي ناس ڪرڻ لاءِ (ھڪ) انجام مقرر ڪيوسون. |
۽ (ياد ڪر) جڏھن موسىٰ پنھنجي سنگتيءَ کي چيو ته سدا پيو پنڌ ڪندس جيسين ٻن دريائن جي گڏ ٿيڻ جي ھنڌ پُھچندس يا ورھن تائين پيو ھلندس. |
فَلَمَّا بَلَغَا مَجْمَعَ بَيْنِهِمَا نَسِيَا حُوتَهُمَا فَاتَّخَذَ سَبِيلَهُ فِي الْبَحْرِ سَرَبًا(61) پوءِ جنھن مھل ٻن دريائن جي گڏ ٿيڻ جي ھنڌ کي پُھتا (تنھن مھل) پنھنجي مڇي وساريائون جنھن پنھنجي واٽ درياءَ ۾ سرنگھ جان ورتي. |
فَلَمَّا جَاوَزَا قَالَ لِفَتَاهُ آتِنَا غَدَاءَنَا لَقَدْ لَقِينَا مِن سَفَرِنَا هَٰذَا نَصَبًا(62) پوءِ جڏھن اڳي ھليا (تڏھن موسىٰؑ) پنھنجي سنگتيءَ کي چيو ته اسان کي اسان جو منجھند جو طعام ڏي، بيشڪ اسان جي ھن مسافريءَ ۾ اسان کي اوکائي پُھتي آھي. |
چيائين ته (نه) ڏٺئي ڇا جڏھن پھڻ وٽ ترسيا ھواسون تڏھن مون (اتي) مڇي وساري، ۽ ان جي يادگيري مون کان شيطان کانسواءِ ٻئي ڪنھن نه وسارائي، ۽ پنھنجي واٽ درياء ۾ عجب طرح ورتائين. |
قَالَ ذَٰلِكَ مَا كُنَّا نَبْغِ ۚ فَارْتَدَّا عَلَىٰ آثَارِهِمَا قَصَصًا(64) (موسىٰؑ) چيو ته اِھو ھنڌ اُھو آھي جنھن کي اسان ڳوليو ٿي، پوءِ ھو پنھنجي پوئين پيرين ڳوليندا موٽيا. |
پوءِ مُنھنجن ٻانھن مان اُھو ٻانھون لڌائون جنھن کي پاڻ وٽا ٻاجھ ڏني ھئي سون ۽ پاڻ وٽان کيس عِلم سيکاريو ھوسون. |
قَالَ لَهُ مُوسَىٰ هَلْ أَتَّبِعُكَ عَلَىٰ أَن تُعَلِّمَنِ مِمَّا عُلِّمْتَ رُشْدًا(66) موسىٰؑ ان کي چيو ته آءٌ تنھنجي ڪڍ ھلان ھن شرط تي ته توکي جيڪي ھدايت مان سيکاريو ويو اُن مان مون کي به سيکارين. |
(خضرؑ) چيو ته تون مون سان ڪڏھن به صبر ڪري نه سگھندين. |
۽ جنھن جي توکي خبر ئي نه آھي تنھن تي تون ڪٿي صبر ڪندين. |
قَالَ سَتَجِدُنِي إِن شَاءَ اللَّهُ صَابِرًا وَلَا أَعْصِي لَكَ أَمْرًا(69) (موسىٰؑ) چيو ته جي الله گھريو ته مون کي صبر ڪندڙ لھندين ۽ آءٌ تنھنجي حُڪم جي نافرماني نه ڪندس. |
قَالَ فَإِنِ اتَّبَعْتَنِي فَلَا تَسْأَلْنِي عَن شَيْءٍ حَتَّىٰ أُحْدِثَ لَكَ مِنْهُ ذِكْرًا(70) (خضرؑ) چيو ته جيڪڏھن منھنجي سنگت ڪرين ته (ايستائين) مون کان ڪنھن ڳالھ بابت نه پُڇج جيسين (آءٌ) پاڻ توسان ان جو بيان (نه) ڪريان. |
پوءِ ٻئي (اُٿي) ھليا، تان جو ٻيڙيءَ ۾ چڙھيا تڏھن (خضرؑ) اُن کي سوراخ ڪيو، (موسىٰؑ) چيو ته تو اُن کي انھيءَ لاءِ سوراخ ڪيو ڇا ته ٻيڙي وارن کي ٻوڙين؟ بيشڪ تو اڍنگو ڪم ڪيو. |
قَالَ أَلَمْ أَقُلْ إِنَّكَ لَن تَسْتَطِيعَ مَعِيَ صَبْرًا(72) (خضرؑ) چيو ته توکي نه چيو ھوم ڇا ته تون مون سان صبر ڪري نه سگھندين. |
قَالَ لَا تُؤَاخِذْنِي بِمَا نَسِيتُ وَلَا تُرْهِقْنِي مِنْ أَمْرِي عُسْرًا(73) (موسىٰؑ) چيو ته جيڪي مون وساريو تنھن سببان مون کي نه پڪڙ ۽ منھنجي ڪم ۾ مون تي سختي نه وجھ. |
پوءِ ٻئي ھليا، تان جو جڏھن ھڪ ڇوڪر کي مليا تڏھن (خضرؑ) اُن کي ڪُٺو (موسىٰؑ) چيو ته قصاص ڌاران بيگناھ جِيءَ کي ڇو ڪُٺئي؟ بيشڪ تو خراب ڪم ڪيو. |
۞ قَالَ أَلَمْ أَقُل لَّكَ إِنَّكَ لَن تَسْتَطِيعَ مَعِيَ صَبْرًا(75) (خضرؑ) چيو ته توکي نه ھوم ڇا ته تون مون سان (گڏ رھي) ڪڏھن نه صبر ڪري سگھندين؟ |
قَالَ إِن سَأَلْتُكَ عَن شَيْءٍ بَعْدَهَا فَلَا تُصَاحِبْنِي ۖ قَدْ بَلَغْتَ مِن لَّدُنِّي عُذْرًا(76) (موسىٰؑ) چيو ته جيڪڏھن ھِن کانپوءِ ڪنھن ڳالھ بابت توکان پڇان ته منھنجي سنگت نه ڪج، بيشڪ منھنجي پاران عذر (جي حد) کي پھتين. |
پوءِ (ٻئي) ھليا، تان جو جنھن مھل ھڪڙي ڳوٺ وارن وٽ آيا (تنھن مھل) ان جي رھاڪن کان طعام گھريائون ته (انھن) سندن مھماني ڪرڻ کان انڪار ڪيو پوءِ اُن (ڳوٺ) ۾ ھڪ ڊھڻ کي ويجھي ڀِت ڏٺائون پوءِ اُھا (خضرؑ) سڌي ڪئي، (موسىٰؑ) چيو ته جيڪڏھن گھرين ھا ته اُن (جي سڌي ڪرڻ) تي مزدوري ضرور وٺين ھا. |
(خضرؑ) چيو ته ھاڻي منھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ جُدائي پئي، ھاڻي توکي انھن ڳالھين جي حقيقت جي سُڌ ڏيان ٿو جن تي تون صبر نه ڪري سگھين. |
پر ٻيڙي (جا ڀڳي ويئي سا) مسڪينن جي ھئي (جنھن تي) ھو درياءَ ۾ پورھيو ڪندا (وتندا) ھوا پوءِ اُن کي عيب دار ڪرڻ گھريم جو سندن پوئتان اھڙو بادشاھ ھو جنھن سڀڪا ٻيڙي بيگر ۾ ٿي ورتي. |
وَأَمَّا الْغُلَامُ فَكَانَ أَبَوَاهُ مُؤْمِنَيْنِ فَخَشِينَا أَن يُرْهِقَهُمَا طُغْيَانًا وَكُفْرًا(80) ۽ نينگر (جو ماريو ويو) تنھن جا ماءُ پيءُ مؤمن ھوا تنھنڪري ڊناسون ته نافرمانيءَ ۽ ڪفر ڪرڻ سان ٻنھي کي عاجز ڪندو. |
فَأَرَدْنَا أَن يُبْدِلَهُمَا رَبُّهُمَا خَيْرًا مِّنْهُ زَكَاةً وَأَقْرَبَ رُحْمًا(81) پوءِ گھُريوسون ته سندن پالڻھار کين اُن کان به چڱو بدلو سُٺائي جي ڪري ۽ ٻاجھ جي ڪري تمام ويجھو ڏئي. |
۽ جا ڀِت (ٺاھي وئي) سا شھر ۾ ٻن ڇورن ٻارن جي ھُئي ۽ ان جي ھيٺان سندن خزانون ھو ۽ سندن ماءُ پيءُ نيڪ ھوا، پوءِ تنھنجي پالڻھار گھريو ته ٻئي پنھنجي جوانيءَ کي پھچن ۽ پنھنجو خزانو تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سان ڪڍن، ۽ اُھو پنھنجي راءِ سان نه ڪيم، اِھا اُن جي حقيقت آھي جنھن تي تون صبر نه ٿي ڪري سگھئين. |
وَيَسْأَلُونَكَ عَن ذِي الْقَرْنَيْنِ ۖ قُلْ سَأَتْلُو عَلَيْكُم مِّنْهُ ذِكْرًا(83) ۽ (اي پيغمبر) توکان ذُوالۡقَرۡنَيۡن بابت پڇن ٿا، چؤ ته اوھان کي ان جو (ڪُجھ) بيان ڪري ٻڌايان ٿو. |
إِنَّا مَكَّنَّا لَهُ فِي الْأَرْضِ وَآتَيْنَاهُ مِن كُلِّ شَيْءٍ سَبَبًا(84) بيشڪ اسان ان کي زمين ۾ ھٿ پھچ ڏني ۽ سڀڪنھن شيء جو سان کيس ڏنوسون. |
پوءِ سامان (جي مدد) سان ھليو. |
ايترو (سير ڪيائين) جو سچ لھڻ جي ھنڌ پھتو اُن کي گپڙاٺي تلاءُ ۾ لھندو ڏٺائين ۽ اُن (تلاءُ) وٽ ھڪ قوم کي ڏٺائين، چيوسون ته اي ذوالقرنين انھن کي سزا ڏئين يا منجھن ڪو چڱائيءَ جو سڌارو ڪرين (ته توکي اختيار آھي). |
(ذوالقرنين) چيو ته جيڪو (ماڻھو) ظلم ڪندو تنھن کي سزا ڏينداسون وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن ورايو ويندو پوءِ اُھو کيس سخت عذاب جي سزا ڏيندو. |
۽ جيڪو ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو تنھن کي چڱو بدلو ملندو، ۽ پنھنجي معاملي مان اُن کي سولائي (جھڙو ڪم) چونداسون. |
وري سامان (جي مدد) سان ھليو. |
ايترو (سير ڪيائين) جو جڏھن سج اُڀرڻ جي ھنڌ پھتو ته اُھو ھڪ اھڙي قوم تي اُڀرندو ڏٺائين جنھن لاءِ سج کانسواءِ ڪا اوٽ نه بڻائي ھئي سون. |
اھڙي طرح (سندس قِصّوآھي)، ۽ بيشڪ اسان وٽ ان جي ساري خبر آھي. |
وري سامان (جي مدد) سان ھليو. |
ايترو جوجڏھن ٻن جبلن جي وچ ۾ پھتو ته انھن جي ھُن پاسي اھڙي قوم ڏٺائين جا ڪابه ڳالھ سمجھي نه ٿي سگھي. |
چيائون ته اي ذوالقرنين بيشڪ ياجوج ۽ ماجوج مُلڪ ۾ فساد وجھندڙ آھن تنھن ڪري تو لاءِ اسين ھن شرط تي ڏن مُقرّر ڪريون ته تون اسان جي ۽ سندن وچ ۾ اَڙ بڻاءِ. |
(ذوالقرنين) چيو ته منھنجي پالڻھار جيڪا مون کي ان بابت سگھ ڏني آھي سا ڀلي آھي پوءِ اوھين مون سان زور بار جي مدد ڪريو ته اوھان جي ۽ سندن وچ ۾ اَڙ بڻايان. |
لوھ جا ٽُڪر مون وٽ آڻيو، جنھن دم ٻنھي جبلن جي وچ ۾ (ڀري) پورائي ڪيائين (تنھن دم) چيائين ته ڌنئون، تان جو جڏھن ان کي (تپائي) باھ ڪيائين (تڏھن) چيائين ته مون وٽ آڻيو ته مٿس پگھاريل ٽامون پلٽيان. |
فَمَا اسْطَاعُوا أَن يَظْهَرُوهُ وَمَا اسْتَطَاعُوا لَهُ نَقْبًا(97) پوءِ (ياجوج ماجوج) نڪي ان تي چڙھي سگھيا ۽ نڪي اُن کي ڪا سرنگھ ھڻي سگھيا. |
چيائين ته ھي منھنجي پالڻھار جي (ھڪڙي) ٻاجھ آھي، جنھن مھل منھنجي پالڻھار جو انجام ايندو (تنھن مھل) ان کي سنئون ڪري ڇڏيندو ۽ منھنجي پالڻھار جو انجام سچو آھي. |
۽ اُن ڏينھن ڇڏينداسون ته ھڪ ٻئي ۾ ڳاھٽ ٿيندا (ايندا) ۽ صُور ۾ ڦوڪيو ويندو پوءِ انھن مِڙني کي گڏ ڪنداسون. |
وَعَرَضْنَا جَهَنَّمَ يَوْمَئِذٍ لِّلْكَافِرِينَ عَرْضًا(100) ۽ اُن ڏينھن اُنھن ڪافرن کي دوزخ آڏو ڪنداسون جئن آڏو ڪجي. |
الَّذِينَ كَانَتْ أَعْيُنُهُمْ فِي غِطَاءٍ عَن ذِكْرِي وَكَانُوا لَا يَسْتَطِيعُونَ سَمْعًا(101) جن جون اکيون منھنجي يادگيريءَ کان ڍَڪ ۾ ھيون ۽ (ساڙ کان ڪجھ) ٻُڌي نه سگھندا ھوا. |
ڪافرن (اڃا پاڻ کي سزا جوڳو) نه ڀانيو آھي ڇا جو مون کان سواءِ منھنجن ٻانھن کي دوست ورتو اٿن؟ اسان ڪافرن جي رھڻ لاءِ دوزخ تيار ڪيو آھي. |
(اي پيغمبر) چؤ ته ڪرتوتن جي ڪري ٽوٽي وارن جي اوھان کي سُڌ ڏيون ڇا؟ |
جن پنھنجي ڪوشش دنيا جي حياتيءَ ۾ اَجائي وڃائي ۽ اُھي (پنھنجي لاءِ) ڀائيندا آھن ته اُھي (پاڻ) چڱو ڪم ڪندا آھن. |
اِھي اُھي آھن جن پنھنجي پالڻھار جي آيتن ۽ سندن ملڻ جو انڪار ڪيو پوءِ سندن ڪئي ڪمائي چٽ ٿي پوءِ اُنھن لاءِ قيامت جي ڏينھن ڪا تور کڙي نه ڪنداسون. |
ذَٰلِكَ جَزَاؤُهُمْ جَهَنَّمُ بِمَا كَفَرُوا وَاتَّخَذُوا آيَاتِي وَرُسُلِي هُزُوًا(106) اِھا سندين سزا دوزخ انھي سببان آھي جو ڪفر ڪيائون ۽ منھنجي آيتن ۽ منھنجي پيغمبرن کي ٺـٺولي ڪري ورتائون. |
إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ كَانَتْ لَهُمْ جَنَّاتُ الْفِرْدَوْسِ نُزُلًا(107) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ فردوس جا باغ مھماني (جي جاءِ) آھن. |
منجھس سدائين رھڻ وارا آھن کانئس وري اٿلڻ نه گھرندا. |
چؤ ته جيڪڏھن منھنجي پالڻھار جي سُخنن (لکڻ) لاءِ درياء مسُ ٿئي ته منھنجي پالڻھار جي سُخنن پوري ٿيڻ کان اڳ درياء کَپي ويندو توڻيڪ جھڙس (ٻيا) مدد لاءِ آڻيون. |
چؤ ته آءٌ اوھان جي جھڙوئي ماڻھو آھيان مون ڏانھن وحي موڪليو ويندو آھي ته اوھان جو معبود رڳو ھڪ الله آھي، پوءِ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي ملڻ جي اميد رکي تنھنکي جڳائي ته چڱا ڪم ڪري ۽ پنھنجي پالڻھار جي عبادت ۾ ڪنھن ھڪڙي کي شريڪ نه ڪري. |
Plus de sourates en Sindhi :
Téléchargez la sourate avec la voix des récitants du Coran les plus célèbres :
Téléchargez le fichier mp3 de la sourate Al-Kahf : choisissez le récitateur pour écouter et télécharger la sourate Al-Kahf complète en haute qualité.
Ahmed Al Ajmy Bandar Balila Khalid Al Jalil Saad Al Ghamdi Saud Al Shuraim Abdul Basit Abdul Rashid Sufi Abdullah Basfar Abdullah Al Juhani Fares Abbad Maher Al Muaiqly Al Minshawi Al Hosary Mishari Al-afasi Yasser Al Dosari
Donnez-nous une invitation valide