بقرہ · 115/286
ترجمو لکڻ — سوره بقرہ
وَلِلَّهِ الْمَشْرِقُ وَالْمَغْرِبُ ۚ فَأَيْنَمَا تُوَلُّوا فَثَمَّ وَجْهُ اللَّهِ ۚ إِنَّ اللَّهَ وَاسِعٌ عَلِيمٌ ۝١١٥
Wa lillaahil mashriqu walmaghrib; fa aynamaa tuwalloo fasamma wajhullaah; innal laaha waasi`un Aleem
📖 سنڌيءَ ۾
۽ اوڀر ۽ اولھ الله جو آھي، پوءِ جاڏي پنھنجي مھاڙ کي ڦيرايو تاڏي الله جي سامھانئي آھي، ڇو ته الله (مھرباني ۾) ڪشادگي وارو ڄاڻندڙ آھي.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 113-117 — سوره بقرہ

113وَقَالَتِ الْيَهُودُ لَيْسَتِ النَّصَارَىٰ عَلَىٰ شَيْءٍ وَقَالَتِ النَّصَارَىٰ لَيْسَتِ الْيَهُودُ عَلَىٰ شَيْءٍ وَهُمْ يَتْلُونَ الْكِتَابَ ۗ كَذَٰلِكَ قَالَ الَّذِينَ لَا يَعْلَمُونَ مِثْلَ قَوْلِهِمْ ۚ فَاللَّهُ يَحْكُمُ بَيْنَهُمْ يَوْمَ الْقِيَامَةِ فِيمَا كَانُوا فِيهِ يَخْتَلِفُونَ
۽ يھودي چون ٿا ته نصارىٰ ڪنھن دين تي نه آھن، ۽ نصارىٰ چون ٿا ته يھودي ڪنھن دين تي نه آھن ۽ (حقيقت ڪري) اُھي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) پڙھندا آھن، اھڙي طرح جيڪي نه ڄاڻندا آھن سي (به) سندن چوڻ جھڙو چوندا آھن. پر الله قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ جنھن (ڳالھ) بابت جھڳڙو ڪندا آھن تنھن جو نبيرو ڪندو.
114وَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّن مَّنَعَ مَسَاجِدَ اللَّهِ أَن يُذْكَرَ فِيهَا اسْمُهُ وَسَعَىٰ فِي خَرَابِهَا ۚ أُولَٰئِكَ مَا كَانَ لَهُمْ أَن يَدْخُلُوهَا إِلَّا خَائِفِينَ ۚ لَهُمْ فِي الدُّنْيَا خِزْيٌ وَلَهُمْ فِي الْآخِرَةِ عَذَابٌ عَظِيمٌ
۽ ڪير اُن کان وڌيڪ ظالم آھي جنھن الله جي مسجدين کي منجھس سندس نالي جي ياد ڪرڻ کان جھليو ۽ انھن (مسجدين) جي ڦٽائڻ ۾ ڪوشش ڪيائين؟ اھڙن کي انھن (مسجدين) ۾ ڊڄندڙ ٿي گھڙڻ ڌاران (ٻئي طرح گھڙڻ) نه جڳائيندو آھي، انھن لاءِ دُنيا ۾ خواري آھي ۽ انھن لاءِ آخرت ۾ وڏو عذاب آھي.
115وَلِلَّهِ الْمَشْرِقُ وَالْمَغْرِبُ ۚ فَأَيْنَمَا تُوَلُّوا فَثَمَّ وَجْهُ اللَّهِ ۚ إِنَّ اللَّهَ وَاسِعٌ عَلِيمٌ
۽ اوڀر ۽ اولھ الله جو آھي، پوءِ جاڏي پنھنجي مھاڙ کي ڦيرايو تاڏي الله جي سامھانئي آھي، ڇو ته الله (مھرباني ۾) ڪشادگي وارو ڄاڻندڙ آھي.
116وَقَالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا ۗ سُبْحَانَهُ ۖ بَل لَّهُ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۖ كُلٌّ لَّهُ قَانِتُونَ
۽ (ڪافر) چون ٿا ته الله پنھنجي لاءِ اولاد ورتو آھي. (نه) اھو پاڪ آھي، بلڪ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سندس (مِلڪ) آھي، مڙيئي سندس فرمانبردار آھن.
117بَدِيعُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۖ وَإِذَا قَضَىٰ أَمْرًا فَإِنَّمَا يَقُولُ لَهُ كُن فَيَكُونُ
آسمانن ۽ زمين جو ٺاھيندڙ آھي، ۽ جڏھن ڪوئي ڪم ڪندو آھي تڏھن رڳو چوندو آھي ته ٿيء ته ٿي پوندو آھي.
بقرہقرآن فهرست
286آيت
MedinanRevelation
115آيت

ترجمو — بقرہ 115

سوره بقرہ آيت 115 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : ۽ اوڀر ۽ اولھ الله جو آھي، پوءِ جاڏي پنھنجي…

سوره آيت 115/286 — سوره بقرہ البقرة (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره بقرہ ٻڌو, سوره بقرہ ترجمو, سوره بقرہ mp3, سوره بقرہ pdf. آيت 113–117. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers