حدید · 7/29
ترجمو لکڻ — حدید
آمِنُوا بِاللَّهِ وَرَسُولِهِ وَأَنفِقُوا مِمَّا جَعَلَكُم مُّسْتَخْلَفِينَ فِيهِ ۖ فَالَّذِينَ آمَنُوا مِنكُمْ وَأَنفَقُوا لَهُمْ أَجْرٌ كَبِيرٌ ۝٧
Aaaminoo billaahi wa Rasoolihee wa anfiqoo mimmaa ja`alakum mustakh lafeena feehi fallazeena aamanoo minkum wa anfaqoo lahum ajrun kabeer
📖 سنڌيءَ ۾
الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ اُنھيءَ مال مان خرچيو جنھن ۾ اوھان کي ٻـين جو وارث ڪيو اٿس، ۽ اوھان مان جن ايمان آندو ۽ (الله جي واٽ ۾) خرچ ڪيو تن لاءِ وڏو اجر آھي.
🎧 ٻڌو

📜 آيت 5-9 — حدید

5لَّهُ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ وَإِلَى اللَّهِ تُرْجَعُ الْأُمُورُ
آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي اُن جي آھي، ۽ الله ڏانھن سڀ ڪم ورايا وڃن ٿا.
6يُولِجُ اللَّيْلَ فِي النَّهَارِ وَيُولِجُ النَّهَارَ فِي اللَّيْلِ ۚ وَهُوَ عَلِيمٌ بِذَاتِ الصُّدُورِ
رات کي ڏينھن ۾ گھيڙيندو آھي ۽ ڏينھن کي رات ۾ گھيڙيندو آھي، ۽ اُھوسِينن وارو (ڳجھ) ڄاڻندڙ آھي.
7آمِنُوا بِاللَّهِ وَرَسُولِهِ وَأَنفِقُوا مِمَّا جَعَلَكُم مُّسْتَخْلَفِينَ فِيهِ ۖ فَالَّذِينَ آمَنُوا مِنكُمْ وَأَنفَقُوا لَهُمْ أَجْرٌ كَبِيرٌ
الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ اُنھيءَ مال مان خرچيو جنھن ۾ اوھان کي ٻـين جو وارث ڪيو اٿس، ۽ اوھان مان جن ايمان آندو ۽ (الله جي واٽ ۾) خرچ ڪيو تن لاءِ وڏو اجر آھي.
8وَمَا لَكُمْ لَا تُؤْمِنُونَ بِاللَّهِ ۙ وَالرَّسُولُ يَدْعُوكُمْ لِتُؤْمِنُوا بِرَبِّكُمْ وَقَدْ أَخَذَ مِيثَاقَكُمْ إِن كُنتُم مُّؤْمِنِينَ
۽ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله تي ايمان نه ٿا آڻيو؟ حالانڪ پيغمبر اوھان کي سڏي ٿو ته اوھين پنھنجي پالڻھار تي ايمان آڻيو ۽ بيشڪ الله اوھان کان انجام ورتو آھي جيڪڏھن مڃڻ وارا آھيو.
9هُوَ الَّذِي يُنَزِّلُ عَلَىٰ عَبْدِهِ آيَاتٍ بَيِّنَاتٍ لِّيُخْرِجَكُم مِّنَ الظُّلُمَاتِ إِلَى النُّورِ ۚ وَإِنَّ اللَّهَ بِكُمْ لَرَءُوفٌ رَّحِيمٌ
(الله) اُھو آھي جيڪو پنھنجي ٻانھي (محمّد) تي پڌريون آيتون نازل ڪندو آھي ته (ڪفر جي) اونداھين مان (اسلام جي) سوجھري ڏانھن اوھان کي ڪڍي، ۽ بيشڪ الله اوھان تي شفقت ڪندڙ مھربان آھي.
حدیدقرآن فهرست
29آيت
MedinanRevelation
7آيت

ترجمو — حدید 7

سورو حدید آيت 7 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ اُنھيءَ مال…

سورو آيت 7/29 — حدید الحديد (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: حدید ٻڌو, حدید ترجمو, حدید mp3, حدید pdf. آيت 5–9. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers