غافر · 30/85
ترجمو لکڻ — سوره غافر
وَقَالَ الَّذِي آمَنَ يَا قَوْمِ إِنِّي أَخَافُ عَلَيْكُم مِّثْلَ يَوْمِ الْأَحْزَابِ ۝٣٠
Wa qaalal lazee aamana yaa qawmi inneee akhaafu `alaikum misla yawmil Ahzaab
📖 سنڌيءَ ۾
۽ جنھن ايمان آندو ھو تنھن چيو ته اي منھنجي قوم بيشڪ آءٌ اوھان تي اڳين ٽولين جھڙي (عذاب جي) ڏينھن (اچڻ) کان ڊڄان ٿو.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 28-32 — سوره غافر

28وَقَالَ رَجُلٌ مُّؤْمِنٌ مِّنْ آلِ فِرْعَوْنَ يَكْتُمُ إِيمَانَهُ أَتَقْتُلُونَ رَجُلًا أَن يَقُولَ رَبِّيَ اللَّهُ وَقَدْ جَاءَكُم بِالْبَيِّنَاتِ مِن رَّبِّكُمْ ۖ وَإِن يَكُ كَاذِبًا فَعَلَيْهِ كَذِبُهُ ۖ وَإِن يَكُ صَادِقًا يُصِبْكُم بَعْضُ الَّذِي يَعِدُكُمْ ۖ إِنَّ اللَّهَ لَا يَهْدِي مَنْ هُوَ مُسْرِفٌ كَذَّابٌ
۽ فرعون جي مائٽن مان ھڪ مؤمن مڙس جو پنھنجو ايمان لڪائيندو ھو (تنھن) چيو ته اھڙي مڙس کي ڪھو ٿا ڇا جو چوي ٿو ته منھنجو پالڻھار الله آھي ۽ بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان (چٽا) مُعجزا آندا اٿس، جيڪڏھن کڻي ڪوڙو ھجي ته سندس ڪوڙ (جو وبال) مٿس آھي، ۽ جيڪڏھن سچو ھوندو ته جيڪو وعدو اوھان سان ڪري ٿو تنھن مان ڪجھ اوھان کي ضرور پھچندو، ڇوته جيڪو حد کان لنگھندڙ ڪوڙو ھوندو تنھن کي الله سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
29يَا قَوْمِ لَكُمُ الْمُلْكُ الْيَوْمَ ظَاهِرِينَ فِي الْأَرْضِ فَمَن يَنصُرُنَا مِن بَأْسِ اللَّهِ إِن جَاءَنَا ۚ قَالَ فِرْعَوْنُ مَا أُرِيكُمْ إِلَّا مَا أَرَىٰ وَمَا أَهْدِيكُمْ إِلَّا سَبِيلَ الرَّشَادِ
اي منھنجي قوم اڄ اوھان جي بادشاھي آھي مُلڪ ۾ (اوھين) غالب آھيو، جيڪڏھن (عذاب) اسان وٽ اچي ته الله جي عذاب کان (بچڻ لاءِ) اسان کي ڪير واھر ڏيندو؟ فرعون چيو ته جيڪا (چڱي مصلحت) ڏسان ٿو تنھن کانسواءِ (ٻي) اوھان کي نه ٿو ڏيکاريان ۽ اوھان کي سڌي رستي کانسواءِ (ٻيو رستو) نه ٿو ڏيکاريان.
30وَقَالَ الَّذِي آمَنَ يَا قَوْمِ إِنِّي أَخَافُ عَلَيْكُم مِّثْلَ يَوْمِ الْأَحْزَابِ
۽ جنھن ايمان آندو ھو تنھن چيو ته اي منھنجي قوم بيشڪ آءٌ اوھان تي اڳين ٽولين جھڙي (عذاب جي) ڏينھن (اچڻ) کان ڊڄان ٿو.
31مِثْلَ دَأْبِ قَوْمِ نُوحٍ وَعَادٍ وَثَمُودَ وَالَّذِينَ مِن بَعْدِهِمْ ۚ وَمَا اللَّهُ يُرِيدُ ظُلْمًا لِّلْعِبَادِ
جھڙو حال نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ جيڪي کائن پوءِ ھوا تن جو (ٿيو ھو تھڙو متان ٿئي)، ۽ الله ٻانھن تي ظلم ڪرڻ نه گھرندو آھي.
32وَيَا قَوْمِ إِنِّي أَخَافُ عَلَيْكُمْ يَوْمَ التَّنَادِ
۽ اي منھنجي قوم بيشڪ آءٌ اوھان تي ھڪ ٻئي کي سڏڻ جي (انھيءَ) ڏينھن (اچڻ) کان ڊڄان ٿو.
غافرقرآن فهرست
85آيت
MeccanRevelation
30آيت

ترجمو — غافر 30

سوره غافر آيت 30 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : ۽ جنھن ايمان آندو ھو تنھن چيو ته اي منھنجي…

سوره آيت 30/85 — سوره غافر غافر (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره غافر ٻڌو, سوره غافر ترجمو, سوره غافر mp3, سوره غافر pdf. آيت 28–32. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers