محمد · 10/38
ترجمو لکڻ — سوره محمد
۞ أَفَلَمْ يَسِيرُوا فِي الْأَرْضِ فَيَنظُرُوا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ ۚ دَمَّرَ اللَّهُ عَلَيْهِمْ ۖ وَلِلْكَافِرِينَ أَمْثَالُهَا ۝١٠
Afalam yaseeroo fil ardi fayanzuroo kaifa kaana `aaqibatul lazeena min qablihim; dammaral laahu `alaihim wa lilkaafireena amsaaluhaa
📖 سنڌيءَ ۾
زمين ۾ نه گھميا آھن ڇا ته نھارين ته جيڪي کائن اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي، ۽ الله مٿن ھلاڪي نازل ڪئي، ۽ ڪافرن لاءِ اھڙيون (ئي سزائون) آھن.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 8-12 — سوره محمد

8وَالَّذِينَ كَفَرُوا فَتَعْسًا لَّهُمْ وَأَضَلَّ أَعْمَالَهُمْ
۽ جن انڪار ڪيو تن کي شال ھلاڪي ھجي ۽ الله سندن عملن کي چَٽ ڪيو.
9ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ كَرِهُوا مَا أَنزَلَ اللَّهُ فَأَحْبَطَ أَعْمَالَهُمْ
اِھا (سزا) ھِن ڪري آھي جو جيڪي الله نازل ڪيو آھي تنھنکي انھن ناپسند ڪيو تنھن ڪري (الله) سندن عملن کي چٽ ڪيو.
10۞ أَفَلَمْ يَسِيرُوا فِي الْأَرْضِ فَيَنظُرُوا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ ۚ دَمَّرَ اللَّهُ عَلَيْهِمْ ۖ وَلِلْكَافِرِينَ أَمْثَالُهَا
زمين ۾ نه گھميا آھن ڇا ته نھارين ته جيڪي کائن اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي، ۽ الله مٿن ھلاڪي نازل ڪئي، ۽ ڪافرن لاءِ اھڙيون (ئي سزائون) آھن.
11ذَٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ مَوْلَى الَّذِينَ آمَنُوا وَأَنَّ الْكَافِرِينَ لَا مَوْلَىٰ لَهُمْ
اِھو ھن ڪري آھي جو الله مؤمنن جو ڪارساز آھي ۽ (ھن ڪري) ته ڪافرن جو ڪو سڄڻ نه آھي.
12إِنَّ اللَّهَ يُدْخِلُ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِن تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ ۖ وَالَّذِينَ كَفَرُوا يَتَمَتَّعُونَ وَيَأْكُلُونَ كَمَا تَأْكُلُ الْأَنْعَامُ وَالنَّارُ مَثْوًى لَّهُمْ
جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن تن کي بيشڪ الله اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، ۽ جن انڪار ڪيو (سي) دنيا جو نفعو وٺندا آھن ۽ ائين کائيندا آھن جئين ڍور کائيندا آھن ۽ سندين جاءِ باھ آھي.
محمدقرآن فهرست
38آيت
MedinanRevelation
10آيت

ترجمو — محمد 10

سوره محمد آيت 10 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : زمين ۾ نه گھميا آھن ڇا ته نھارين ته جيڪي…

سوره آيت 10/38 — سوره محمد محمد (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره محمد ٻڌو, سوره محمد ترجمو, سوره محمد mp3, سوره محمد pdf. آيت 8–12. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Tuesday, September 8, 2026

Don't forget us in your sincere prayers