فتح · 3/29
ترجمو لکڻ — سوره فتح
وَيَنصُرَكَ اللَّهُ نَصْرًا عَزِيزًا ۝٣
Wa yansurakal laahu nasran `azeezaa
📖 سنڌيءَ ۾
۽ الله غالب سوڀ سان توکي سوڀارو ڪري.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 1-5 — سوره فتح

1إِنَّا فَتَحْنَا لَكَ فَتْحًا مُّبِينًا
(اي پيغمبر) بيشڪ اسان توکي پڌري فتح ڏني.
2لِّيَغْفِرَ لَكَ اللَّهُ مَا تَقَدَّمَ مِن ذَنبِكَ وَمَا تَأَخَّرَ وَيُتِمَّ نِعْمَتَهُ عَلَيْكَ وَيَهْدِيَكَ صِرَاطًا مُّسْتَقِيمًا
ته تنھنجا قُصور جيڪي اڳي گذريا ۽ جيڪي پوءِ تي رھيا سي (سڀ) الله توکي معاف ڪري ۽ توتي پنھنجي نعمت پوري ڪري ۽ توکي سِڌي واٽ ڏيکاري.
3وَيَنصُرَكَ اللَّهُ نَصْرًا عَزِيزًا
۽ الله غالب سوڀ سان توکي سوڀارو ڪري.
4هُوَ الَّذِي أَنزَلَ السَّكِينَةَ فِي قُلُوبِ الْمُؤْمِنِينَ لِيَزْدَادُوا إِيمَانًا مَّعَ إِيمَانِهِمْ ۗ وَلِلَّهِ جُنُودُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ وَكَانَ اللَّهُ عَلِيمًا حَكِيمًا
(الله) اُھو آھي جنھن مؤمنن جي دلين ۾ آرام نازل ڪيو ته (انھن جو) ايمان (اڳين) ايمان سان وڌيڪ ٿئي، ۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا (ئي) آھن، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
5لِّيُدْخِلَ الْمُؤْمِنِينَ وَالْمُؤْمِنَاتِ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِن تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ خَالِدِينَ فِيهَا وَيُكَفِّرَ عَنْهُمْ سَيِّئَاتِهِمْ ۚ وَكَانَ ذَٰلِكَ عِندَ اللَّهِ فَوْزًا عَظِيمًا
ته مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪري جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن اُتي سدائين رھندا ۽ سندن مدايون کائن ميٽيندو، ۽ اِھا الله وٽ وڏي مراد ماڻڻ آھي.
فتحقرآن فهرست
29آيت
MedinanRevelation
3آيت

ترجمو — فتح 3

سوره فتح آيت 3 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : ۽ الله غالب سوڀ سان توکي سوڀارو ڪري.

سوره آيت 3/29 — سوره فتح الفتح (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره فتح ٻڌو, سوره فتح ترجمو, سوره فتح mp3, سوره فتح pdf. آيت 1–5. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers