ممتحنہ · 9/13
ترجمو لکڻ — سوره ممتحنہ
إِنَّمَا يَنْهَاكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذِينَ قَاتَلُوكُمْ فِي الدِّينِ وَأَخْرَجُوكُم مِّن دِيَارِكُمْ وَظَاهَرُوا عَلَىٰ إِخْرَاجِكُمْ أَن تَوَلَّوْهُمْ ۚ وَمَن يَتَوَلَّهُمْ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الظَّالِمُونَ ۝٩
Innamaa yanhaakumul laahu `anil lazeena qaatalookum fid deeni wa akhrajookum min diyaarikum wa zaaharoo `alaa ikhraajikum an tawallawhum; wa many yatawallahum faulaaa`ika humuz zaalimoon
📖 سنڌيءَ ۾
الله اوھان کي رڳو انھن (سان ڳنڍڻ) کان جھلي ٿو جن اوھان سان دين بابت ويڙھ ڪئي ۽ اوھان کي اوھان جي گھرن مان ڪڍيو آھي ۽ اوھان جي ڪڍڻ ۾ (ٻـين جي) مدد ڪئي آھي (ھن کان منع ڪري ٿو) ته ساڻن دوستي رکو، ۽ جيڪي ساڻن دوستي رکندا سي ئي ظالم آھن.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 7-11 — سوره ممتحنہ

7۞ عَسَى اللَّهُ أَن يَجْعَلَ بَيْنَكُمْ وَبَيْنَ الَّذِينَ عَادَيْتُم مِّنْهُم مَّوَدَّةً ۚ وَاللَّهُ قَدِيرٌ ۚ وَاللَّهُ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
ويجھو آھي ته الله اوھان جي ۽ انھن جي وچ ۾ دوستي پيدا ڪري جن سان انھن منجھان دشمني رکي اٿوَ، ۽ الله سگھارو آھي، ۽ الله بخشڻھار آھي.
8لَّا يَنْهَاكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذِينَ لَمْ يُقَاتِلُوكُمْ فِي الدِّينِ وَلَمْ يُخْرِجُوكُم مِّن دِيَارِكُمْ أَن تَبَرُّوهُمْ وَتُقْسِطُوا إِلَيْهِمْ ۚ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الْمُقْسِطِينَ
الله اوھان کي انھن (سان ڳنڍڻ) کان نٿو جھلي جن اوھان سان دين (جي ڳالھ) ۾ نه جنگ ڪئي آھي ۽ نڪي اوھان جي گھرن مان اوھان کي (ٻاھر) ڪڍيو آھي (۽ ھن ڳالھ کان به نٿو جھلي) ته ساڻن احسان ڪريو ۽ سندن حق ۾ انصاف ڪريو، بيشڪ الله انصاف ڪرڻ وارن کي دوست رکندو آھي.
9إِنَّمَا يَنْهَاكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذِينَ قَاتَلُوكُمْ فِي الدِّينِ وَأَخْرَجُوكُم مِّن دِيَارِكُمْ وَظَاهَرُوا عَلَىٰ إِخْرَاجِكُمْ أَن تَوَلَّوْهُمْ ۚ وَمَن يَتَوَلَّهُمْ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الظَّالِمُونَ
الله اوھان کي رڳو انھن (سان ڳنڍڻ) کان جھلي ٿو جن اوھان سان دين بابت ويڙھ ڪئي ۽ اوھان کي اوھان جي گھرن مان ڪڍيو آھي ۽ اوھان جي ڪڍڻ ۾ (ٻـين جي) مدد ڪئي آھي (ھن کان منع ڪري ٿو) ته ساڻن دوستي رکو، ۽ جيڪي ساڻن دوستي رکندا سي ئي ظالم آھن.
10يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا إِذَا جَاءَكُمُ الْمُؤْمِنَاتُ مُهَاجِرَاتٍ فَامْتَحِنُوهُنَّ ۖ اللَّهُ أَعْلَمُ بِإِيمَانِهِنَّ ۖ فَإِنْ عَلِمْتُمُوهُنَّ مُؤْمِنَاتٍ فَلَا تَرْجِعُوهُنَّ إِلَى الْكُفَّارِ ۖ لَا هُنَّ حِلٌّ لَّهُمْ وَلَا هُمْ يَحِلُّونَ لَهُنَّ ۖ وَآتُوهُم مَّا أَنفَقُوا ۚ وَلَا جُنَاحَ عَلَيْكُمْ أَن تَنكِحُوهُنَّ إِذَا آتَيْتُمُوهُنَّ أُجُورَهُنَّ ۚ وَلَا تُمْسِكُوا بِعِصَمِ الْكَوَافِرِ وَاسْأَلُوا مَا أَنفَقْتُمْ وَلْيَسْأَلُوا مَا أَنفَقُوا ۚ ذَٰلِكُمْ حُكْمُ اللَّهِ ۖ يَحْكُمُ بَيْنَكُمْ ۚ وَاللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
اي ايمان وارؤ جڏھن اوھان وٽ مؤمنياڻيون وطن ڇڏي اچن تڏھن کين جانچيو، الله انھن جي ايمان کي چڱو ڄاڻندڙ آھي، پوءِ جيڪڏھن کين مؤمنياڻيون ڄاڻو ته انھن کي ڪافرن ڏانھن موٽائي نه موڪليو، نڪي اُھي (مُسلمان زالون) اُنھن (جي مڙسن ڪافرن) کي حلال آھن ۽ نڪي اُھي (ڪافر مڙس) انھن (مسلمان زالن) کي حلال آھن، ۽ جيڪي (ڪابين بابت) خرچ ڪيائون سو اُنھن مڙسن کي ڏيو، ۽ جڏھن کين سندن ڪابين ڏيو ته انھن جي نڪاح ڪرڻ ۾ اوھان تي (ڪو) گناھ نه آھي، ۽ پاڻ وٽ نه جھليو ڪافرياڻين جي لاڳاپن کي (به) ۽ جيڪي اوھان (پنھنجين زالن تي ڪابين) خرچ ڪيو سو جڳائي ته انھن کان گھرو ۽ جيڪي انھن (ڪافرن) پنھنجين زالن تي خرچ ڪيو سو ڀلي ته اُھي (اوھان کان) گھرن، اھو الله جو حُڪم آھي، جو اوھان جي وچ ۾ فيصلو ٿو ڪري، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
11وَإِن فَاتَكُمْ شَيْءٌ مِّنْ أَزْوَاجِكُمْ إِلَى الْكُفَّارِ فَعَاقَبْتُمْ فَآتُوا الَّذِينَ ذَهَبَتْ أَزْوَاجُهُم مِّثْلَ مَا أَنفَقُوا ۚ وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذِي أَنتُم بِهِ مُؤْمِنُونَ
۽ جيڪڏھن اوھان جي زالن مان ڪا ڪافرن ڏانھن (مُرتد ٿي) وئي ھجي پوءِ (ڪافرن کي) ايذايو ته جن جون زالون ويئون ھجن تن کي (اُن مال مان) اوترو ڏيو جيترو انھن (ڪابين ۾) خرچ ڪيو ھو، ۽ انھيءَ الله کان ڊڄو جو جنھن تي اوھين ويساھ رکندڙ آھيو.
ممتحنہقرآن فهرست
13آيت
MedinanRevelation
9آيت

ترجمو — ممتحنہ 9

سوره ممتحنہ آيت 9 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : الله اوھان کي رڳو انھن (سان ڳنڍڻ) کان جھلي ٿو…

سوره آيت 9/13 — سوره ممتحنہ الممتحنة (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره ممتحنہ ٻڌو, سوره ممتحنہ ترجمو, سوره ممتحنہ mp3, سوره ممتحنہ pdf. آيت 7–11. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers