جمعہ · 7/11
ترجمو لکڻ — سوره جمعہ
وَلَا يَتَمَنَّوْنَهُ أَبَدًا بِمَا قَدَّمَتْ أَيْدِيهِمْ ۚ وَاللَّهُ عَلِيمٌ بِالظَّالِمِينَ ۝٧
Wa laa yatamannaw nahooo abadam bimaa qaddamat aydeehim; wallaahu `aleemum bix zaalimeen
📖 سنڌيءَ ۾
۽ جيڪي سندن ھٿن اڳي موڪليو آھي تنھنجي ڪري اُھو ڪڏھن نه گھرندا، ۽ الله ظالمن کي ڄاڻندڙ آھي.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 5-9 — سوره جمعہ

5مَثَلُ الَّذِينَ حُمِّلُوا التَّوْرَاةَ ثُمَّ لَمْ يَحْمِلُوهَا كَمَثَلِ الْحِمَارِ يَحْمِلُ أَسْفَارًا ۚ بِئْسَ مَثَلُ الْقَوْمِ الَّذِينَ كَذَّبُوا بِآيَاتِ اللَّهِ ۚ وَاللَّهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظَّالِمِينَ
جن (ماڻھن) کي توريت کڻايو ويو پوءِ اُھو نه کنيائون تن جو مثال (انھيءَ) گڏھ جي مثال وانگر آھي جو (گھڻا) ڪتاب کڻي، جن الله جي آيتن کي ڪوڙ ٿي ڀانيو تنھن قوم جو مثال بڇڙو آھي، ۽ الله ظالم ماڻھن کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
6قُلْ يَا أَيُّهَا الَّذِينَ هَادُوا إِن زَعَمْتُمْ أَنَّكُمْ أَوْلِيَاءُ لِلَّهِ مِن دُونِ النَّاسِ فَتَمَنَّوُا الْمَوْتَ إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ
(اي پيغمبر) چؤ ته اي يھوديو جيڪڏھن ڀائيندا آھيو ته ٻـين (سڀني) ماڻھن کانسواءِ رڳو اوھين الله جا دوست آھيو ته جيڪڏھن (انھي ڳالھ ۾) سچا آھيو ته موت گھرو.
7وَلَا يَتَمَنَّوْنَهُ أَبَدًا بِمَا قَدَّمَتْ أَيْدِيهِمْ ۚ وَاللَّهُ عَلِيمٌ بِالظَّالِمِينَ
۽ جيڪي سندن ھٿن اڳي موڪليو آھي تنھنجي ڪري اُھو ڪڏھن نه گھرندا، ۽ الله ظالمن کي ڄاڻندڙ آھي.
8قُلْ إِنَّ الْمَوْتَ الَّذِي تَفِرُّونَ مِنْهُ فَإِنَّهُ مُلَاقِيكُمْ ۖ ثُمَّ تُرَدُّونَ إِلَىٰ عَالِمِ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
(اي پيغمبر) چؤ ته بيشڪ اُھو موت جنھن کان ڀڄندا آھيو سو ته ضرور اوھان کي پھچڻ وارو آھي وري (اوھين) ڳجھ ڄاڻندڙ ڏانھن موٽايا ويندؤ پوءِ جيڪي (اوھين دُنيا ۾) ڪندا ھئو تنھن جي اوھان کي سُڌ ڏيندو.
9يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا إِذَا نُودِيَ لِلصَّلَاةِ مِن يَوْمِ الْجُمُعَةِ فَاسْعَوْا إِلَىٰ ذِكْرِ اللَّهِ وَذَرُوا الْبَيْعَ ۚ ذَٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ إِن كُنتُمْ تَعْلَمُونَ
اي ايمان وارؤ جڏھن جُمعي جي ڏينھن نماز لاءِ بانگ ڏني وڃي تڏھن الله جي ياد ڪرڻ ڏانھن ڊُڙو ۽ واپار ڇڏيو، جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو ته اھو اوھان لاءِ ڀلو آھي.
جمعہقرآن فهرست
11آيت
MedinanRevelation
7آيت

ترجمو — جمعہ 7

سوره جمعہ آيت 7 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : ۽ جيڪي سندن ھٿن اڳي موڪليو آھي تنھنجي ڪري اُھو…

سوره آيت 7/11 — سوره جمعہ الجمعة (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره جمعہ ٻڌو, سوره جمعہ ترجمو, سوره جمعہ mp3, سوره جمعہ pdf. آيت 5–9. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Tuesday, September 8, 2026

Don't forget us in your sincere prayers