ملک · 21/30
ترجمو لکڻ — سوره ملک
أَمَّنْ هَٰذَا الَّذِي يَرْزُقُكُمْ إِنْ أَمْسَكَ رِزْقَهُ ۚ بَل لَّجُّوا فِي عُتُوٍّ وَنُفُورٍ ۝٢١
Amman haazal lazee yarzuqukum in amsaka rizqah; bal lajjoo fee `utuwwinw wa nufoor
📖 سنڌيءَ ۾
(ڀلا) اُھو ڪير آھي جو جيڪڏھن الله پنھنجو رزق جھلي ته اھو اوھان کي روزي ڏئي؟ بلڪ (ڪافر) سرڪشي ۽ (حق کان) نفرت ۾ اڙجي پيا آھن.

M Mishary Rashid Alafasy ✓
M Mahmoud Khalil Al-Husary ✓
A Abdurrahman As-Sudais ✓
M Mohamed Siddiq Al-Minshawi ✓
A Abdul Basit Abdul Samad ✓
A Ali Al-Hudhaify ✓
A Ahmed ibn Ali al-Ajamy ✓
A Abu Bakr Ash-Shaatree ✓
M Muhammad Ayyoub ✓
A Abdullah Basfar ✓
A Abdullah Al-Juhani ✓
M Maher Al Muaiqly ✓
0:00
0:00


📜 آيت 19-23 — سوره ملک

19أَوَلَمْ يَرَوْا إِلَى الطَّيْرِ فَوْقَهُمْ صَافَّاتٍ وَيَقْبِضْنَ ۚ مَا يُمْسِكُهُنَّ إِلَّا الرَّحْمَٰنُ ۚ إِنَّهُ بِكُلِّ شَيْءٍ بَصِيرٌ
پنھنجي مٿاھون پکين ڏانھن نه ڏٺو اٿن ڇا؟ جي کنڀڙاٽيون ٽيڙي ھلندا آھن ۽ (ڪڏھن ڪڏھن) بند ڪندا آھن، انھن کي ٻاجھاري (الله) کانسواءِ (ٻيو ڪو) به جھلي نه رکندو آھي، بيشڪ اُھو سڀڪنھن شيءِ کي ڏسندڙ آھي.
20أَمَّنْ هَٰذَا الَّذِي هُوَ جُندٌ لَّكُمْ يَنصُرُكُم مِّن دُونِ الرَّحْمَٰنِ ۚ إِنِ الْكَافِرُونَ إِلَّا فِي غُرُورٍ
اُھو اوھان جو لشڪر ڪھڙو آھي جو اوھان کي ٻاجھاري (الله) کانسواءِ مدد ڏئي؟ ڪافر رڳو ڀولي ۾ (پيل) آھن.
21أَمَّنْ هَٰذَا الَّذِي يَرْزُقُكُمْ إِنْ أَمْسَكَ رِزْقَهُ ۚ بَل لَّجُّوا فِي عُتُوٍّ وَنُفُورٍ
(ڀلا) اُھو ڪير آھي جو جيڪڏھن الله پنھنجو رزق جھلي ته اھو اوھان کي روزي ڏئي؟ بلڪ (ڪافر) سرڪشي ۽ (حق کان) نفرت ۾ اڙجي پيا آھن.
22أَفَمَن يَمْشِي مُكِبًّا عَلَىٰ وَجْهِهِ أَهْدَىٰ أَمَّن يَمْشِي سَوِيًّا عَلَىٰ صِرَاطٍ مُّسْتَقِيمٍ
ڀلا جيڪو پنھنجي مُنھن ڀر اونڌو ڪريل ھلندو ھجي سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آھي يا اُھو جيڪو سڌو سنئون سڌي واٽ تي ھلندو ھجي؟
23قُلْ هُوَ الَّذِي أَنشَأَكُمْ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمْعَ وَالْأَبْصَارَ وَالْأَفْئِدَةَ ۖ قَلِيلًا مَّا تَشْكُرُونَ
چئو ته (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي پيدا ڪيو ۽ اوھان جا ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين، (اوھين) ٿورڙو احسان مڃيندا آھيو.
ملکقرآن فهرست
30آيت
MeccanRevelation
21آيت

ترجمو — ملک 21

سوره ملک آيت 21 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : (ڀلا) اُھو ڪير آھي جو جيڪڏھن الله پنھنجو رزق جھلي…

سوره آيت 21/30 — سوره ملک الملك (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره ملک ٻڌو, سوره ملک ترجمو, سوره ملک mp3, سوره ملک pdf. آيت 19–23. سنڌيءَ ۾: اردو.





قرآن ڪريم


Monday, September 28, 2026

Don't forget us in your sincere prayers