غافر · 18/85
ترجمو لکڻ — غافر
وَأَنذِرْهُمْ يَوْمَ الْآزِفَةِ إِذِ الْقُلُوبُ لَدَى الْحَنَاجِرِ كَاظِمِينَ ۚ مَا لِلظَّالِمِينَ مِنْ حَمِيمٍ وَلَا شَفِيعٍ يُطَاعُ ۝١٨
Wa anzirhum yawmal aazifati izil quloobu ladal hanaajiri kaazimeen; maa lizzaalimeena min hameeminw wa laa shafee`iny-yutaa
📖 سنڌيءَ ۾
۽ (اي پيغمبر) کين قيامت جي ڏينھن (جي اُنھيءَ مھل) کان ڊيڄار جنھن مھل دليون نِڙ گھٽن کي ويجھو ٿينديون (اُھي) ڏک ڀريل ھوندا، (اُن ڏينھن) ظالمن جو ڪو دوست ۽ نه ڪو پارت ڪندڙ ھوندو جنھن جي ڳالھ مڃجي.
🎧 ٻڌو

📜 آيت 16-20 — غافر

16يَوْمَ هُم بَارِزُونَ ۖ لَا يَخْفَىٰ عَلَى اللَّهِ مِنْهُمْ شَيْءٌ ۚ لِّمَنِ الْمُلْكُ الْيَوْمَ ۖ لِلَّهِ الْوَاحِدِ الْقَهَّارِ
جنھن ڏينھن اُھي (قبرن مان) ٻاھر نڪرندا، انھن جي ڪابه شيء الله کان ڳُجھي نه رھندي، (الله فرمائيندو ته) اڄ ڪنھن جي بادشاھي آھي، (وري پاڻ چوندو) خاص اڪيلي غالب الله جي (بادشاھي) آھي.
17الْيَوْمَ تُجْزَىٰ كُلُّ نَفْسٍ بِمَا كَسَبَتْ ۚ لَا ظُلْمَ الْيَوْمَ ۚ إِنَّ اللَّهَ سَرِيعُ الْحِسَابِ
اڄ سڀڪنھن جِيءَ کي اُنھي جو بدلو ڏبو جيڪو ڪمايو اٿس، اڄ ڪو ظلم ڪونھي، بيشڪ الله جلد حساب وٺڻ وارو آھي.
18وَأَنذِرْهُمْ يَوْمَ الْآزِفَةِ إِذِ الْقُلُوبُ لَدَى الْحَنَاجِرِ كَاظِمِينَ ۚ مَا لِلظَّالِمِينَ مِنْ حَمِيمٍ وَلَا شَفِيعٍ يُطَاعُ
۽ (اي پيغمبر) کين قيامت جي ڏينھن (جي اُنھيءَ مھل) کان ڊيڄار جنھن مھل دليون نِڙ گھٽن کي ويجھو ٿينديون (اُھي) ڏک ڀريل ھوندا، (اُن ڏينھن) ظالمن جو ڪو دوست ۽ نه ڪو پارت ڪندڙ ھوندو جنھن جي ڳالھ مڃجي.
19يَعْلَمُ خَائِنَةَ الْأَعْيُنِ وَمَا تُخْفِي الصُّدُورُ
اکين جي خيانت (واري نگاھ) ۽ جيڪي سينا لڪائيندا آھن سو (الله) ڄاڻندو آھي.
20وَاللَّهُ يَقْضِي بِالْحَقِّ ۖ وَالَّذِينَ يَدْعُونَ مِن دُونِهِ لَا يَقْضُونَ بِشَيْءٍ ۗ إِنَّ اللَّهَ هُوَ السَّمِيعُ الْبَصِيرُ
۽ الله انصاف سان حُڪم ڪندو آھي، ۽ (منڪر) الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھن سي ڪجھ به حُڪم نه ڪندا آھن، بيشڪ الله ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.
غافرقرآن فهرست
85آيت
MeccanRevelation
18آيت

ترجمو — غافر 18

سورو غافر آيت 18 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : ۽ (اي پيغمبر) کين قيامت جي ڏينھن (جي اُنھيءَ مھل)…

سورو آيت 18/85 — غافر غافر (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: غافر ٻڌو, غافر ترجمو, غافر mp3, غافر pdf. آيت 16–20. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers