شوری · 8/53
ترجمو لکڻ — سوره شوری
وَلَوْ شَاءَ اللَّهُ لَجَعَلَهُمْ أُمَّةً وَاحِدَةً وَلَٰكِن يُدْخِلُ مَن يَشَاءُ فِي رَحْمَتِهِ ۚ وَالظَّالِمُونَ مَا لَهُم مِّن وَلِيٍّ وَلَا نَصِيرٍ ۝٨
Wa law shaaa`al laahu laja`alahum ummatanw waahi datanw walaakiny yudkhilumany yashaaa`u fee rahmatih; waz zaalimoona maa lahum minw waliyyinw wa laa naseer
📖 سنڌيءَ ۾
۽ جيڪڏھن الله گھُري ھا ته اُنھن سڀني کي ھڪ ٽولي ڪري ھا پر جنھن کي گھري تنھن کي پنھنجي ٻاجھ ۾ داخل ڪندو آھي، ۽ ظالمن جو نڪي ڪو دوست ۽ نڪي ڪو مددگار آھي.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 6-10 — سوره شوری

6وَالَّذِينَ اتَّخَذُوا مِن دُونِهِ أَوْلِيَاءَ اللَّهُ حَفِيظٌ عَلَيْهِمْ وَمَا أَنتَ عَلَيْهِم بِوَكِيلٍ
۽ جن اُن کانسواءِ ٻيا دوست ورتا آھن تن تي الله نگھبان آھي، ۽ تون مٿن ڪو ذمه وار نه آھين.
7وَكَذَٰلِكَ أَوْحَيْنَا إِلَيْكَ قُرْآنًا عَرَبِيًّا لِّتُنذِرَ أُمَّ الْقُرَىٰ وَمَنْ حَوْلَهَا وَتُنذِرَ يَوْمَ الْجَمْعِ لَا رَيْبَ فِيهِ ۚ فَرِيقٌ فِي الْجَنَّةِ وَفَرِيقٌ فِي السَّعِيرِ
۽ اھڙيءَ طرح توڏانھن عربيءَ (ٻوليءَ) ۾ قرآن وحي ڪيوسون ته مڪّي وارن ۽ سندس آس پاس وارن کي ڊيڄارين ۽ قيامت جو ڏينھن جنھن ۾ ڪو شڪ نه آھي تنھن کان (پڻ) ڊيڄارين، ھڪ ٽولي بھشت ۾ ۽ ٻي ٽولي دوزخ ۾ ھوندي.
8وَلَوْ شَاءَ اللَّهُ لَجَعَلَهُمْ أُمَّةً وَاحِدَةً وَلَٰكِن يُدْخِلُ مَن يَشَاءُ فِي رَحْمَتِهِ ۚ وَالظَّالِمُونَ مَا لَهُم مِّن وَلِيٍّ وَلَا نَصِيرٍ
۽ جيڪڏھن الله گھُري ھا ته اُنھن سڀني کي ھڪ ٽولي ڪري ھا پر جنھن کي گھري تنھن کي پنھنجي ٻاجھ ۾ داخل ڪندو آھي، ۽ ظالمن جو نڪي ڪو دوست ۽ نڪي ڪو مددگار آھي.
9أَمِ اتَّخَذُوا مِن دُونِهِ أَوْلِيَاءَ ۖ فَاللَّهُ هُوَ الْوَلِيُّ وَهُوَ يُحْيِي الْمَوْتَىٰ وَهُوَ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
الله کانسواءِ ٻيا ڪارساز ڪري ورتا اٿن ڇا؟ ڇوته الله ئي ڪارساز آھي ۽ اُھو ئي مُئن کي جياريندو آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
10وَمَا اخْتَلَفْتُمْ فِيهِ مِن شَيْءٍ فَحُكْمُهُ إِلَى اللَّهِ ۚ ذَٰلِكُمُ اللَّهُ رَبِّي عَلَيْهِ تَوَكَّلْتُ وَإِلَيْهِ أُنِيبُ
۽ جنھن (ڳالھ) بابت تڪرار ڪيو اٿوَ سو ڪجھ به ھجي ته اُنھيءَ جو نبيرو الله ڏانھن (حوالي ڪيل) آھي، منھنجو پالڻھار اھو الله آھي مٿي ڀروسو ڪيم، ۽ ڏانھس موٽان ٿو.
شوریقرآن فهرست
53آيت
MeccanRevelation
8آيت

ترجمو — شوری 8

سوره شوری آيت 8 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : ۽ جيڪڏھن الله گھُري ھا ته اُنھن سڀني کي ھڪ…

سوره آيت 8/53 — سوره شوری الشورى (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره شوری ٻڌو, سوره شوری ترجمو, سوره شوری mp3, سوره شوری pdf. آيت 6–10. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers