احقاف · 19/35
ترجمو لکڻ — سوره احقاف
وَلِكُلٍّ دَرَجَاتٌ مِّمَّا عَمِلُوا ۖ وَلِيُوَفِّيَهُمْ أَعْمَالَهُمْ وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ ۝١٩
Wa likullin darajaatum mimmaa `amiloo wa liyuwaf fiyahum a`maalahum wa hum laa yuzlamoon
📖 سنڌيءَ ۾
۽ سڀڪنھن لاءِ درجا انھيءَ آھر آھن جيڪي ڪم ڪيائون، ۽ (ھيُ ھِن لاءِ) ته (خُدا) سندن عملن جو کين پورو بدلو ڏئي ۽ مٿن ظلم نه ڪبو.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 17-21 — سوره احقاف

17وَالَّذِي قَالَ لِوَالِدَيْهِ أُفٍّ لَّكُمَا أَتَعِدَانِنِي أَنْ أُخْرَجَ وَقَدْ خَلَتِ الْقُرُونُ مِن قَبْلِي وَهُمَا يَسْتَغِيثَانِ اللَّهَ وَيْلَكَ آمِنْ إِنَّ وَعْدَ اللَّهِ حَقٌّ فَيَقُولُ مَا هَٰذَا إِلَّا أَسَاطِيرُ الْأَوَّلِينَ
۽ جنھن پنھنجي ماءُ پيءُ کي چيو ته اوھان کان بيزار آھيان مون کي انجام ڏيو ٿا ڇا ته (قبرن مان) ڪڍيو ويندس ۽ بيشڪ مون کان اڳ (ماڻھن جا) ڪيترائي جُڳ گذري ويا آھن، ۽ اُھي ٻئي الله کي ٻاڏائيندا آھن ۽ (چوندا اٿس ته) پنھنجي ڪم بختي ڇڏي ايمان آڻ، بيشڪ الله جو انجام سچو آھي، پوءِ چوندو آھي ته اِھي رڳو اڳوڻن جو آکاڻيون آھن.
18أُولَٰئِكَ الَّذِينَ حَقَّ عَلَيْهِمُ الْقَوْلُ فِي أُمَمٍ قَدْ خَلَتْ مِن قَبْلِهِم مِّنَ الْجِنِّ وَالْإِنسِ ۖ إِنَّهُمْ كَانُوا خَاسِرِينَ
اِھي اُھي آھن جن تي اھڙي سزا لازم ٿي (جھڙي اُنھن) ٽولين ۾ ٿي جي جِنن ۽ ماڻھن مان کائن اڳ گذري ويا، بيشڪ اُھي ڇيئي وارا ھوا.
19وَلِكُلٍّ دَرَجَاتٌ مِّمَّا عَمِلُوا ۖ وَلِيُوَفِّيَهُمْ أَعْمَالَهُمْ وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ
۽ سڀڪنھن لاءِ درجا انھيءَ آھر آھن جيڪي ڪم ڪيائون، ۽ (ھيُ ھِن لاءِ) ته (خُدا) سندن عملن جو کين پورو بدلو ڏئي ۽ مٿن ظلم نه ڪبو.
20وَيَوْمَ يُعْرَضُ الَّذِينَ كَفَرُوا عَلَى النَّارِ أَذْهَبْتُمْ طَيِّبَاتِكُمْ فِي حَيَاتِكُمُ الدُّنْيَا وَاسْتَمْتَعْتُم بِهَا فَالْيَوْمَ تُجْزَوْنَ عَذَابَ الْهُونِ بِمَا كُنتُمْ تَسْتَكْبِرُونَ فِي الْأَرْضِ بِغَيْرِ الْحَقِّ وَبِمَا كُنتُمْ تَفْسُقُونَ
۽ انھيءَ ڏينھن جو ڪافر باھ جي آڏو ڪبا، (چئبن ته) پنھنجون نعمتون پنھنجي دنيائي حياتيءَ ۾ وٺي چڪؤ ۽ اُن سان آسودا رھيؤ، تنھنڪري اڄ اوھان کي خواريءَ جي عذاب جو بدلو انھي ڪري ڏبو جو زمين ۾ ناحق وڏائي ڪندا ھئو ۽ انھيءَ ڪري جو بدڪاري ڪندا ھئو.
21۞ وَاذْكُرْ أَخَا عَادٍ إِذْ أَنذَرَ قَوْمَهُ بِالْأَحْقَافِ وَقَدْ خَلَتِ النُّذُرُ مِن بَيْنِ يَدَيْهِ وَمِنْ خَلْفِهِ أَلَّا تَعْبُدُوا إِلَّا اللَّهَ إِنِّي أَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيمٍ
۽ عاد جي ڀاءُ (ھود) کي ياد ڪر، جڏھن پنھنجي قوم کي (واديءَ) اَحقاف ۾ ڊيڄاريائين ۽ بيشڪ سندس اڳيان ۽ سندس پوئتان (ڪيترائي) ڊيڄاريندڙ گذريا ھوا ته الله کانسواءِ ڪنھين جي عبادت نه ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.
احقافقرآن فهرست
35آيت
MeccanRevelation
19آيت

ترجمو — احقاف 19

سوره احقاف آيت 19 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : ۽ سڀڪنھن لاءِ درجا انھيءَ آھر آھن جيڪي ڪم ڪيائون،…

سوره آيت 19/35 — سوره احقاف الأحقاف (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره احقاف ٻڌو, سوره احقاف ترجمو, سوره احقاف mp3, سوره احقاف pdf. آيت 17–21. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers