حشر · 15/24
ترجمو لکڻ — سوره حشر
كَمَثَلِ الَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ قَرِيبًا ۖ ذَاقُوا وَبَالَ أَمْرِهِمْ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ ۝١٥
Kamasalil lazeena min qablihim qareeban zaaqoo wabaala amrihim wa lahum `azaabun aleem
📖 سنڌيءَ ۾
(سندن مثال) انھن جي مثال جھڙو آھي جيڪي کانئن اڳ ويجھو (گذريل) ھوا (جن) پنھنجي ڪئي جي سزا چکي، ۽ انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 13-17 — سوره حشر

13لَأَنتُمْ أَشَدُّ رَهْبَةً فِي صُدُورِهِم مِّنَ اللَّهِ ۚ ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَفْقَهُونَ
(اي مُسلمانؤ) بيشڪ اوھين انھن جي دلين ۾ الله کان (به) وڌيڪ دھشت وارا آھيو، اِھو ھِن ڪري آھي جو اُھي بي سمجھ قوم آھن.
14لَا يُقَاتِلُونَكُمْ جَمِيعًا إِلَّا فِي قُرًى مُّحَصَّنَةٍ أَوْ مِن وَرَاءِ جُدُرٍ ۚ بَأْسُهُم بَيْنَهُمْ شَدِيدٌ ۚ تَحْسَبُهُمْ جَمِيعًا وَقُلُوبُهُمْ شَتَّىٰ ۚ ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَعْقِلُونَ
(سڀ) ھڪ ھنڌ تي اوھان سان ويڙھ نه ڪندا پر قلعي واري (محڪم) ڳوٺن ۾ يا ڀتين جي آڙ ۾، پاڻ ۾ انھن جي ويڙھ تمام سخت پيل آھي، کين گڏ ٿيندو ڀانئيندو آھي پر اُنھن جون دليون ڌار ڌار آھن، اھو ھن ڪري آھي جو اھي بي عقل قوم آھن.
15كَمَثَلِ الَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ قَرِيبًا ۖ ذَاقُوا وَبَالَ أَمْرِهِمْ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
(سندن مثال) انھن جي مثال جھڙو آھي جيڪي کانئن اڳ ويجھو (گذريل) ھوا (جن) پنھنجي ڪئي جي سزا چکي، ۽ انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
16كَمَثَلِ الشَّيْطَانِ إِذْ قَالَ لِلْإِنسَانِ اكْفُرْ فَلَمَّا كَفَرَ قَالَ إِنِّي بَرِيءٌ مِّنكَ إِنِّي أَخَافُ اللَّهَ رَبَّ الْعَالَمِينَ
(انھن جو مثال) شيطان جي مثال وانگر آھي جڏھن ماڻھوءَ کي چوندو آھي ته ڪافر ٿيءُ، پوءِ جنھن مھل ڪافر ٿيو (تنھن مھل ھو) چوندو آھي ته بيشڪ آءٌ توکان بيزار آھيان آءٌ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄان ٿو.
17فَكَانَ عَاقِبَتَهُمَا أَنَّهُمَا فِي النَّارِ خَالِدَيْنِ فِيهَا ۚ وَذَٰلِكَ جَزَاءُ الظَّالِمِينَ
پوءِ ٻنھي جي پڇاڙي ھيئن ٿي ته ٻئي باھ ۾ ھميشه ھوندا، ۽ اھا ظالمن جي سزا آھي.
حشرقرآن فهرست
24آيت
MedinanRevelation
15آيت

ترجمو — حشر 15

سوره حشر آيت 15 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : (سندن مثال) انھن جي مثال جھڙو آھي جيڪي کانئن اڳ…

سوره آيت 15/24 — سوره حشر الحشر (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره حشر ٻڌو, سوره حشر ترجمو, سوره حشر mp3, سوره حشر pdf. آيت 13–17. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers