آل عمران · 93/200
ترجمو لکڻ — سوره آل عمران
۞ كُلُّ الطَّعَامِ كَانَ حِلًّا لِّبَنِي إِسْرَائِيلَ إِلَّا مَا حَرَّمَ إِسْرَائِيلُ عَلَىٰ نَفْسِهِ مِن قَبْلِ أَن تُنَزَّلَ التَّوْرَاةُ ۗ قُلْ فَأْتُوا بِالتَّوْرَاةِ فَاتْلُوهَا إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ ۝٩٣
Kullut ta`aami kaana hillal li Baneee Israaa`eela illaa maa harrama Israaa`eelu `alaa nafsihee min qabli an tunzzalat Tawraah; qul faatoo bit Tawraati fatloohaaa in kuntum saadiqeen
📖 سنڌيءَ ۾
سڀ (ڪنھن قسم جو) طعام بني اسرائيلن لاءِ حلال ھو پر جيڪي يعقوب پاڻ تي حرام ڪيو ھو سو توريت جي لھڻ کان اڳ ھو، (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته توريت آڻيو پوءِ اُھو پڙھو.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 91-95 — سوره آل عمران

91إِنَّ الَّذِينَ كَفَرُوا وَمَاتُوا وَهُمْ كُفَّارٌ فَلَن يُقْبَلَ مِنْ أَحَدِهِم مِّلْءُ الْأَرْضِ ذَهَبًا وَلَوِ افْتَدَىٰ بِهِ ۗ أُولَٰئِكَ لَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ وَمَا لَهُم مِّن نَّاصِرِينَ
جن ڪُفر ڪيو ۽ اُھي ڪافر ٿي مُئا تن مان ڪو ھڪڙو اگرچه سڄيءَ زمين جيترو سونُ (پنھنجن گناھن جي) عوض ڏئي ته به اُھو اُن کان قبول نه ڪبو، اِھي (اُھي) آھن جن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي ۽ اُنھن جو ڪو واھرو ڪونھي.
92لَن تَنَالُوا الْبِرَّ حَتَّىٰ تُنفِقُوا مِمَّا تُحِبُّونَ ۚ وَمَا تُنفِقُوا مِن شَيْءٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَلِيمٌ
چڱائيءَ کي ايسين ڪڏھن نه پھچندؤ جيسين جن شين کي دوست رکندا آھيو تن مان (الله جي واٽ ۾ نه) خرچيو، ۽ جيڪا شيء (الله لڳ خرچيو سا ڀَلي ھئڻ گھرجي) ڇوته الله اُن کي ڄاڻندڙ آھي.
93۞ كُلُّ الطَّعَامِ كَانَ حِلًّا لِّبَنِي إِسْرَائِيلَ إِلَّا مَا حَرَّمَ إِسْرَائِيلُ عَلَىٰ نَفْسِهِ مِن قَبْلِ أَن تُنَزَّلَ التَّوْرَاةُ ۗ قُلْ فَأْتُوا بِالتَّوْرَاةِ فَاتْلُوهَا إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ
سڀ (ڪنھن قسم جو) طعام بني اسرائيلن لاءِ حلال ھو پر جيڪي يعقوب پاڻ تي حرام ڪيو ھو سو توريت جي لھڻ کان اڳ ھو، (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته توريت آڻيو پوءِ اُھو پڙھو.
94فَمَنِ افْتَرَىٰ عَلَى اللَّهِ الْكَذِبَ مِن بَعْدِ ذَٰلِكَ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الظَّالِمُونَ
پوءِ جيڪي ھن کانپوءِ الله تي ڪوڙ ٺاھيندا سي ئي ظالم آھن.
95قُلْ صَدَقَ اللَّهُ ۗ فَاتَّبِعُوا مِلَّةَ إِبْرَاهِيمَ حَنِيفًا وَمَا كَانَ مِنَ الْمُشْرِكِينَ
(اي پيغمبر) چؤ ته الله سچ چيو آھي، پوءِ ابراھيم حنيف (ھڪ طرفي) جي دين جي تابعداري ڪريو، ۽ (ابراھيم) مشرڪن مان نه ھو.
آل عمرانقرآن فهرست
200آيت
MedinanRevelation
93آيت

ترجمو — آل عمران 93

سوره آل عمران آيت 93 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : سڀ (ڪنھن قسم جو) طعام بني اسرائيلن لاءِ حلال ھو…

سوره آيت 93/200 — سوره آل عمران آل عمران (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره آل عمران ٻڌو, سوره آل عمران ترجمو, سوره آل عمران mp3, سوره آل عمران pdf. آيت 91–95. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers