غافر · 33/85
ترجمو لکڻ — سوره غافر
يَوْمَ تُوَلُّونَ مُدْبِرِينَ مَا لَكُم مِّنَ اللَّهِ مِنْ عَاصِمٍ ۗ وَمَن يُضْلِلِ اللَّهُ فَمَا لَهُ مِنْ هَادٍ ۝٣٣
Yawma tuwalloona mud bireena maa lakum minal laahi min `aasim; wa mai yudlilil laahu famaa lahoo min haad
📖 سنڌيءَ ۾
جنھن ڏينھن اوھين پٺيرا ٿي ڀڄندؤ، الله کانسواءِ (ٻيو) اوھان کي ڪو بچائڻ وارو نه ھوندو، ۽ جنھن کي الله ڀُلائي ڇڏي تنھن کي ڪو سِڌو رستو ڏيکارڻ وارو ڪونھي.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 31-35 — سوره غافر

31مِثْلَ دَأْبِ قَوْمِ نُوحٍ وَعَادٍ وَثَمُودَ وَالَّذِينَ مِن بَعْدِهِمْ ۚ وَمَا اللَّهُ يُرِيدُ ظُلْمًا لِّلْعِبَادِ
جھڙو حال نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ جيڪي کائن پوءِ ھوا تن جو (ٿيو ھو تھڙو متان ٿئي)، ۽ الله ٻانھن تي ظلم ڪرڻ نه گھرندو آھي.
32وَيَا قَوْمِ إِنِّي أَخَافُ عَلَيْكُمْ يَوْمَ التَّنَادِ
۽ اي منھنجي قوم بيشڪ آءٌ اوھان تي ھڪ ٻئي کي سڏڻ جي (انھيءَ) ڏينھن (اچڻ) کان ڊڄان ٿو.
33يَوْمَ تُوَلُّونَ مُدْبِرِينَ مَا لَكُم مِّنَ اللَّهِ مِنْ عَاصِمٍ ۗ وَمَن يُضْلِلِ اللَّهُ فَمَا لَهُ مِنْ هَادٍ
جنھن ڏينھن اوھين پٺيرا ٿي ڀڄندؤ، الله کانسواءِ (ٻيو) اوھان کي ڪو بچائڻ وارو نه ھوندو، ۽ جنھن کي الله ڀُلائي ڇڏي تنھن کي ڪو سِڌو رستو ڏيکارڻ وارو ڪونھي.
34وَلَقَدْ جَاءَكُمْ يُوسُفُ مِن قَبْلُ بِالْبَيِّنَاتِ فَمَا زِلْتُمْ فِي شَكٍّ مِّمَّا جَاءَكُم بِهِ ۖ حَتَّىٰ إِذَا هَلَكَ قُلْتُمْ لَن يَبْعَثَ اللَّهُ مِن بَعْدِهِ رَسُولًا ۚ كَذَٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ مَنْ هُوَ مُسْرِفٌ مُّرْتَابٌ
۽ بيشڪ ھن کان اڳ اوھان وٽ يوسف مُعجزن سان آيو ھو پوءِ جيڪي اوھان وٽ آندائين تنھن کان (اوھين) ھميشه شڪ ۾ ھُئؤ، تان جو جڏھن مُئو (تڏھن) چيوَ ته اُن کان پوءِ (ٻيو) ڪو پيغمبر الله نه موڪليندو، اھڙي طرح جيڪو حد کان لنگھندڙ شڪ ڪندڙ آھي تنھن کي الله ڀُلائيندو آھي.
35الَّذِينَ يُجَادِلُونَ فِي آيَاتِ اللَّهِ بِغَيْرِ سُلْطَانٍ أَتَاهُمْ ۖ كَبُرَ مَقْتًا عِندَ اللَّهِ وَعِندَ الَّذِينَ آمَنُوا ۚ كَذَٰلِكَ يَطْبَعُ اللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ قَلْبِ مُتَكَبِّرٍ جَبَّارٍ
اُنھن کي (ڀُلائيندو آھي) جيڪي الله جي نشانين بابت اھڙيءَ حُجّت ڌاران جا وٽن آئي ھجي جھڳڙو ڪندا آھن، (اھو سندن جھڳڙو ڪرڻ) الله وٽ ۽ مُؤمنن وٽ وڏي غضب جھڙي ڳالھ آھي، اھڙي طرح الله سڀڪنھن وڏائي ڪندڙ ھٺيلي جي دل تي مُھر ھڻندو آھي.
غافرقرآن فهرست
85آيت
MeccanRevelation
33آيت

ترجمو — غافر 33

سوره غافر آيت 33 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : جنھن ڏينھن اوھين پٺيرا ٿي ڀڄندؤ، الله کانسواءِ (ٻيو) اوھان…

سوره آيت 33/85 — سوره غافر غافر (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره غافر ٻڌو, سوره غافر ترجمو, سوره غافر mp3, سوره غافر pdf. آيت 31–35. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Tuesday, September 8, 2026

Don't forget us in your sincere prayers