شوری · 19/53
ترجمو لکڻ — شوری
اللَّهُ لَطِيفٌ بِعِبَادِهِ يَرْزُقُ مَن يَشَاءُ ۖ وَهُوَ الْقَوِيُّ الْعَزِيزُ ۝١٩
Allahu lateefum bi`ibaadihee yarzuqu mai yashaaa`u wa Huwal Qawiyyul `Azeez
📖 سنڌيءَ ۾
الله پنھنجن ٻانھن تي مھربان آھي جنھن کي گھري تنھن کي روزي ڏيندو آھي، ۽ اُھو سگھارو غالب آھي.
🎧 ٻڌو

📜 آيت 17-21 — شوری

17اللَّهُ الَّذِي أَنزَلَ الْكِتَابَ بِالْحَقِّ وَالْمِيزَانَ ۗ وَمَا يُدْرِيكَ لَعَلَّ السَّاعَةَ قَرِيبٌ
الله اُھو آھي جنھن سچو ڪتاب ۽ (انصاف جي) ترازي لاٿي، توکي ڪھڙيءَ ڳالھ ڄاڻايو متان قيامت ويجھي ھجي.
18يَسْتَعْجِلُ بِهَا الَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِهَا ۖ وَالَّذِينَ آمَنُوا مُشْفِقُونَ مِنْهَا وَيَعْلَمُونَ أَنَّهَا الْحَقُّ ۗ أَلَا إِنَّ الَّذِينَ يُمَارُونَ فِي السَّاعَةِ لَفِي ضَلَالٍ بَعِيدٍ
جيڪي قيامت کي نه مڃيندا آھن سي اُن کي تڪڙو گھرندا آھن، ۽ جن ايمان آندو آھي سي اُن کان ڊڄندا آھن ۽ ڄاڻندا آھن ته بيشڪ اُھا سچ (اچڻي) آھي، خبردار بيشڪ جيڪي قيامت بابت جھڳڙو ڪندا آھن سي بيشڪ وڏيءَ گُمراھيءَ ۾ آھن.
19اللَّهُ لَطِيفٌ بِعِبَادِهِ يَرْزُقُ مَن يَشَاءُ ۖ وَهُوَ الْقَوِيُّ الْعَزِيزُ
الله پنھنجن ٻانھن تي مھربان آھي جنھن کي گھري تنھن کي روزي ڏيندو آھي، ۽ اُھو سگھارو غالب آھي.
20مَن كَانَ يُرِيدُ حَرْثَ الْآخِرَةِ نَزِدْ لَهُ فِي حَرْثِهِ ۖ وَمَن كَانَ يُرِيدُ حَرْثَ الدُّنْيَا نُؤْتِهِ مِنْهَا وَمَا لَهُ فِي الْآخِرَةِ مِن نَّصِيبٍ
جيڪو آخرت جي پوک گھُرندو آھي تنھن لاءِ سندس پوک ۾ واڌارو ڪندا آھيون، ۽ جيڪو دنيا جي پوک جو ارادو ڪندو آھي تنھنکي ڪجھ منجھانئس ڏيندا آھيون ۽ آخرت ۾ اُن جو ڪو حصّو نه آھي.
21أَمْ لَهُمْ شُرَكَاءُ شَرَعُوا لَهُم مِّنَ الدِّينِ مَا لَمْ يَأْذَن بِهِ اللَّهُ ۚ وَلَوْلَا كَلِمَةُ الْفَصْلِ لَقُضِيَ بَيْنَهُمْ ۗ وَإِنَّ الظَّالِمِينَ لَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
اُنھن (يعني ڪافرن) جا ڪي اھڙا شريڪ آھن ڇا جن اُنھن لاءِ دين مان (اُھو) نئون رستو بڻايو آھي جنھن جو الله حُڪم نه ڏنو آھي، ۽ جيڪڏھن فيصلي ڪرڻ جو وعدو (ٿيل) نه ھجي ھا ته ضرور (ھاڻي ئي) سندن وچ ۾ نبيرو ڪجي ھا، ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ئي ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
شوریقرآن فهرست
53آيت
MeccanRevelation
19آيت

ترجمو — شوری 19

سورو شوری آيت 19 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : الله پنھنجن ٻانھن تي مھربان آھي جنھن کي گھري تنھن…

سورو آيت 19/53 — شوری الشورى (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: شوری ٻڌو, شوری ترجمو, شوری mp3, شوری pdf. آيت 17–21. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers