احقاف · 11/35
ترجمو لکڻ — احقاف
وَقَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا لِلَّذِينَ آمَنُوا لَوْ كَانَ خَيْرًا مَّا سَبَقُونَا إِلَيْهِ ۚ وَإِذْ لَمْ يَهْتَدُوا بِهِ فَسَيَقُولُونَ هَٰذَا إِفْكٌ قَدِيمٌ ۝١١
Wa qaalal lazeena kafaroo lillazeena aamanoo law kaana khairam maa sabaqoonaaa ilyh; wa iz lam yahtadoo bihee fasa yaqooloona haazaaa ifkun qadeem
📖 سنڌيءَ ۾
۽ ڪافرن مؤمنن به نسبت چيو ته جيڪڏھن (اھو دين) چڱو ھجي ھا ته اُھي اُن ڏانھن اسان کان اڳرائي نه ڪن ھا، ۽ جڏھن (ڪافرن) اُن سان واٽ نه لڌي تڏھن چوندا ته ھيءُ (قرآن) ھڪ پراڻو ڪوڙ آھي.
🎧 ٻڌو

📜 آيت 9-13 — احقاف

9قُلْ مَا كُنتُ بِدْعًا مِّنَ الرُّسُلِ وَمَا أَدْرِي مَا يُفْعَلُ بِي وَلَا بِكُمْ ۖ إِنْ أَتَّبِعُ إِلَّا مَا يُوحَىٰ إِلَيَّ وَمَا أَنَا إِلَّا نَذِيرٌ مُّبِينٌ
چؤ ته آءٌ پيغمبرن مان ڪو نئون (آيل) نه آھيان ۽ نٿو ڄاڻان ته مون سان ۽ اوھان سان (دنيا ۾) ڇا ڪيو ويندو، جيڪي مون ڏانھن وحي ڪيو ويندو آھي تنھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن (ڳالھ) جي تابعداري نه ڪندو آھي ۽ آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.
10قُلْ أَرَأَيْتُمْ إِن كَانَ مِنْ عِندِ اللَّهِ وَكَفَرْتُم بِهِ وَشَهِدَ شَاهِدٌ مِّن بَنِي إِسْرَائِيلَ عَلَىٰ مِثْلِهِ فَآمَنَ وَاسْتَكْبَرْتُمْ ۖ إِنَّ اللَّهَ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظَّالِمِينَ
(کين) چؤ ته ڏسو ته سھي جيڪڏھن (اھو قرآن) الله وٽان آيل آھي ۽ اوھين اُن کي نه مڃيو ۽ بني اسرائيلن مان ھڪ شاھد اھڙي (ڪتاب) تي شاھدي ڏني ھجي پوءِ اُنھيءَ ايمان آندو ۽ اوھان (مڃڻ کان) وڏائي ڪئي (ته ضرور ظالم ٿيندؤ) بيشڪ الله ظالمن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
11وَقَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا لِلَّذِينَ آمَنُوا لَوْ كَانَ خَيْرًا مَّا سَبَقُونَا إِلَيْهِ ۚ وَإِذْ لَمْ يَهْتَدُوا بِهِ فَسَيَقُولُونَ هَٰذَا إِفْكٌ قَدِيمٌ
۽ ڪافرن مؤمنن به نسبت چيو ته جيڪڏھن (اھو دين) چڱو ھجي ھا ته اُھي اُن ڏانھن اسان کان اڳرائي نه ڪن ھا، ۽ جڏھن (ڪافرن) اُن سان واٽ نه لڌي تڏھن چوندا ته ھيءُ (قرآن) ھڪ پراڻو ڪوڙ آھي.
12وَمِن قَبْلِهِ كِتَابُ مُوسَىٰ إِمَامًا وَرَحْمَةً ۚ وَهَٰذَا كِتَابٌ مُّصَدِّقٌ لِّسَانًا عَرَبِيًّا لِّيُنذِرَ الَّذِينَ ظَلَمُوا وَبُشْرَىٰ لِلْمُحْسِنِينَ
۽ ھن (قرآن) کان اڳ مُوسىٰ جو ڪتاب اڳواڻ ۽ ٻاجھ ھو، ۽ ھي ڪتاب (ان جو) سچّو ڪندڙ عربيءَ ٻوليءَ ۾ آھي ھن لاءِ ته ظالمن کي ڊيڄاري، ۽ ڀلارن کي خوشخبري ڏئي.
13إِنَّ الَّذِينَ قَالُوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ اسْتَقَامُوا فَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ
بيشڪ جن چيو ته اسان جو پالڻھار الله آھي پوءِ اِن (چوڻ) تي مُحڪم رھيا تن کي نڪو ڀَؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين ھوندا.
احقافقرآن فهرست
35آيت
MeccanRevelation
11آيت

ترجمو — احقاف 11

سورو احقاف آيت 11 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : ۽ ڪافرن مؤمنن به نسبت چيو ته جيڪڏھن (اھو دين)…

سورو آيت 11/35 — احقاف الأحقاف (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: احقاف ٻڌو, احقاف ترجمو, احقاف mp3, احقاف pdf. آيت 9–13. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers