حدید · 5/29
ترجمو لکڻ — حدید
لَّهُ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ وَإِلَى اللَّهِ تُرْجَعُ الْأُمُورُ ۝٥
Lahoo mulkus samaawaati wal ard; wa ilal laahi turja`ul umoor
📖 سنڌيءَ ۾
آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي اُن جي آھي، ۽ الله ڏانھن سڀ ڪم ورايا وڃن ٿا.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 3-7 — حدید

3هُوَ الْأَوَّلُ وَالْآخِرُ وَالظَّاهِرُ وَالْبَاطِنُ ۖ وَهُوَ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيمٌ
اُھو (سڀ کان) پھريون ۽ (سڀ کان) پويون ۽ پڌرو ۽ ڳجھو آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي.
4هُوَ الَّذِي خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ فِي سِتَّةِ أَيَّامٍ ثُمَّ اسْتَوَىٰ عَلَى الْعَرْشِ ۚ يَعْلَمُ مَا يَلِجُ فِي الْأَرْضِ وَمَا يَخْرُجُ مِنْهَا وَمَا يَنزِلُ مِنَ السَّمَاءِ وَمَا يَعْرُجُ فِيهَا ۖ وَهُوَ مَعَكُمْ أَيْنَ مَا كُنتُمْ ۚ وَاللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ
(الله) اُھو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش تي متوجه ٿيو، جيڪي زمين ۾ گھڙندو آھي ۽ جيڪي نڪرندو آھي ۽ جيڪي آسمان مان لھندو آھي ۽ جيڪي منجھس چڙھي ويندو آھي سو (سڀ) اُھو ڄاڻندو آھي، ۽ جتي اوھين ھجو اُتي اھو اوھان سان گڏ آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.
5لَّهُ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ وَإِلَى اللَّهِ تُرْجَعُ الْأُمُورُ
آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي اُن جي آھي، ۽ الله ڏانھن سڀ ڪم ورايا وڃن ٿا.
6يُولِجُ اللَّيْلَ فِي النَّهَارِ وَيُولِجُ النَّهَارَ فِي اللَّيْلِ ۚ وَهُوَ عَلِيمٌ بِذَاتِ الصُّدُورِ
رات کي ڏينھن ۾ گھيڙيندو آھي ۽ ڏينھن کي رات ۾ گھيڙيندو آھي، ۽ اُھوسِينن وارو (ڳجھ) ڄاڻندڙ آھي.
7آمِنُوا بِاللَّهِ وَرَسُولِهِ وَأَنفِقُوا مِمَّا جَعَلَكُم مُّسْتَخْلَفِينَ فِيهِ ۖ فَالَّذِينَ آمَنُوا مِنكُمْ وَأَنفَقُوا لَهُمْ أَجْرٌ كَبِيرٌ
الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ اُنھيءَ مال مان خرچيو جنھن ۾ اوھان کي ٻـين جو وارث ڪيو اٿس، ۽ اوھان مان جن ايمان آندو ۽ (الله جي واٽ ۾) خرچ ڪيو تن لاءِ وڏو اجر آھي.
حدیدقرآن فهرست
29آيت
MedinanRevelation
5آيت

ترجمو — حدید 5

سورو حدید آيت 5 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي اُن جي آھي، ۽ الله…

سورو آيت 5/29 — حدید الحديد (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: حدید ٻڌو, حدید ترجمو, حدید mp3, حدید pdf. آيت 3–7. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers