آل عمران · 74/200
ترجمو لکڻ — سوره آل عمران
يَخْتَصُّ بِرَحْمَتِهِ مَن يَشَاءُ ۗ وَاللَّهُ ذُو الْفَضْلِ الْعَظِيمِ ۝٧٤
Yakhtassu birahmatihee mai yashaaa`; wallaahu zulfadil `azeem
📖 سنڌيءَ ۾
جنھن کي وڻيس تنھنکي پنھنجي ٻاجھه سان خاص ڪندو آھي، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 72-76 — سوره آل عمران

72وَقَالَت طَّائِفَةٌ مِّنْ أَهْلِ الْكِتَابِ آمِنُوا بِالَّذِي أُنزِلَ عَلَى الَّذِينَ آمَنُوا وَجْهَ النَّهَارِ وَاكْفُرُوا آخِرَهُ لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ
۽ ڪتاب وارن مان ڪا ٽولي (پاڻ ۾) چوي ٿي ته جيڪي مؤمنن تي لاٿو ويو آھي تنھن کي ڏينھن جي اڳياڙيءَ ۾ مڃيو ۽ ان جي پوياڙيءَ ۾ انڪار ڪريو ته مانَ اُھي ڦري وڃن.
73وَلَا تُؤْمِنُوا إِلَّا لِمَن تَبِعَ دِينَكُمْ قُلْ إِنَّ الْهُدَىٰ هُدَى اللَّهِ أَن يُؤْتَىٰ أَحَدٌ مِّثْلَ مَا أُوتِيتُمْ أَوْ يُحَاجُّوكُمْ عِندَ رَبِّكُمْ ۗ قُلْ إِنَّ الْفَضْلَ بِيَدِ اللَّهِ يُؤْتِيهِ مَن يَشَاءُ ۗ وَاللَّهُ وَاسِعٌ عَلِيمٌ
۽ جيڪو اوھان جي دين جي تابعداري ڪري تنھن کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي نه مڃيو، چئو ته ھدايت الله واري ھدايت آھي ۽ چون ٿا ته ھيءَ به نه مڃيو ته جھڙو (دين) اوھان کي ڏنو ويو آھي تھڙو دين اُنھن کي ڏنو ويندو يا اوھان جي پالڻھار وٽ اوھان کي الزام ڏيندا، چؤ ته ڀلائي الله جي ھٿ ۾ آھي، جنھن کي وڻيس تنھن کي اُھا ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي.
74يَخْتَصُّ بِرَحْمَتِهِ مَن يَشَاءُ ۗ وَاللَّهُ ذُو الْفَضْلِ الْعَظِيمِ
جنھن کي وڻيس تنھنکي پنھنجي ٻاجھه سان خاص ڪندو آھي، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.
75۞ وَمِنْ أَهْلِ الْكِتَابِ مَنْ إِن تَأْمَنْهُ بِقِنطَارٍ يُؤَدِّهِ إِلَيْكَ وَمِنْهُم مَّنْ إِن تَأْمَنْهُ بِدِينَارٍ لَّا يُؤَدِّهِ إِلَيْكَ إِلَّا مَا دُمْتَ عَلَيْهِ قَائِمًا ۗ ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ قَالُوا لَيْسَ عَلَيْنَا فِي الْأُمِّيِّينَ سَبِيلٌ وَيَقُولُونَ عَلَى اللَّهِ الْكَذِبَ وَهُمْ يَعْلَمُونَ
۽ ڪتاب وارن مان ڪي اھڙا آھن جو جيڪڏھن وٽن تمام گھڻو مال امانت رکين ته اُھو (سمورو) توکي ورائي ڏيندا، ۽ منجھائن ڪي اھڙا آھن جو جيڪڏھن وٽن ھِڪ مُھر امانت رکين ته مٿن سدائين بيھڻ کانسواءِ توکي ورائي نه ڏيندا، اِھو (نه ڏئڻ) ھن سببان آھي جو چون ٿا ته اڻ پڙھيلن (جي مال کسڻ) ۾ اسان تي ڪا پڪڙ پڇاڙ نه آھي، ۽ الله تي اھي ڄاڻڻ ھوندي به ڪُوڙ چوندا آھن.
76بَلَىٰ مَنْ أَوْفَىٰ بِعَهْدِهِ وَاتَّقَىٰ فَإِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الْمُتَّقِينَ
ھائو جنھن پنھنجو انجام پاڙيو ۽ ڊنو ته بيشڪ الله ڊڄندڙن کي دوست رکندو آھي.
آل عمرانقرآن فهرست
200آيت
MedinanRevelation
74آيت

ترجمو — آل عمران 74

سوره آل عمران آيت 74 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : جنھن کي وڻيس تنھنکي پنھنجي ٻاجھه سان خاص ڪندو آھي،…

سوره آيت 74/200 — سوره آل عمران آل عمران (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره آل عمران ٻڌو, سوره آل عمران ترجمو, سوره آل عمران mp3, سوره آل عمران pdf. آيت 72–76. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers