غافر · 13/85
ترجمو لکڻ — غافر
هُوَ الَّذِي يُرِيكُمْ آيَاتِهِ وَيُنَزِّلُ لَكُم مِّنَ السَّمَاءِ رِزْقًا ۚ وَمَا يَتَذَكَّرُ إِلَّا مَن يُنِيبُ ۝١٣
Huwal lazee yureekum Aayaatihee wa yunazzilu lakum minas samaaa`i rizqaa; wa maa tatazakkaru illaa mai yuneeb
📖 سنڌيءَ ۾
(الله) اُھو آھي جيڪو اوھان کي پنھنجون نشانيون ڏيکاريندو آھي ۽ آسمان مان اوھان لاءِ روزي نازل ڪندو آھي، ۽ نصيحت رڳو اُھو وٺندو جيڪو (خدا ڏانھن) موٽندو.
🎧 ٻڌو

📜 آيت 11-15 — غافر

11قَالُوا رَبَّنَا أَمَتَّنَا اثْنَتَيْنِ وَأَحْيَيْتَنَا اثْنَتَيْنِ فَاعْتَرَفْنَا بِذُنُوبِنَا فَهَلْ إِلَىٰ خُرُوجٍ مِّن سَبِيلٍ
چوندا ته اي اسانجا پالڻھار اسان کي ٻه ڀيرا ماريئي ۽ اسان کي ٻه ڀيرا جياريئي تنھنڪري (ھاڻي) پنھنجن گناھن کي (پاڻ) مڃيوسون پوءِ (ھاڻي) نڪرڻ جي ڪا واھ (ڪٿي) آھي؟
12ذَٰلِكُم بِأَنَّهُ إِذَا دُعِيَ اللَّهُ وَحْدَهُ كَفَرْتُمْ ۖ وَإِن يُشْرَكْ بِهِ تُؤْمِنُوا ۚ فَالْحُكْمُ لِلَّهِ الْعَلِيِّ الْكَبِيرِ
(چئبن) اِھو (عذاب اوھان کي) انھيءَ ڪري آھي جو جڏھن (خاص) اڪيلي الله کي سڏبو ھو (تڏھن) اوھين انڪار ڪندا ھئو، ۽ جيڪڏھن ساڻس شريڪ ٺھرايو ويندو ھو ته (ان ڳالھ کي) مڃيندا ھئو، پوءِ (اڄ) تمام مٿاھين وڏي الله جو حڪم آھي.
13هُوَ الَّذِي يُرِيكُمْ آيَاتِهِ وَيُنَزِّلُ لَكُم مِّنَ السَّمَاءِ رِزْقًا ۚ وَمَا يَتَذَكَّرُ إِلَّا مَن يُنِيبُ
(الله) اُھو آھي جيڪو اوھان کي پنھنجون نشانيون ڏيکاريندو آھي ۽ آسمان مان اوھان لاءِ روزي نازل ڪندو آھي، ۽ نصيحت رڳو اُھو وٺندو جيڪو (خدا ڏانھن) موٽندو.
14فَادْعُوا اللَّهَ مُخْلِصِينَ لَهُ الدِّينَ وَلَوْ كَرِهَ الْكَافِرُونَ
پوءِ الله لاءِ پنھنجي عبادت کي خالص ڪري اُن کي سڏيو جيتوڻيڪ ڪافر بڇان ڀانئين.
15رَفِيعُ الدَّرَجَاتِ ذُو الْعَرْشِ يُلْقِي الرُّوحَ مِنْ أَمْرِهِ عَلَىٰ مَن يَشَاءُ مِنْ عِبَادِهِ لِيُنذِرَ يَوْمَ التَّلَاقِ
(اُھو) مرتبن کي وڏي ڪرڻ وارو ۽ عرش جو صاحب آھي، پنھنجن ٻانھن مان جنھن تي گھرندو آھي (تنھن تي) پنھنجي حڪم سان وحي موڪليندو آھي ته (اُھو ٻانھو ماڻھن کي الله جي) ملڻ جي ڏينھن کان ڊيڄاري.
غافرقرآن فهرست
85آيت
MeccanRevelation
13آيت

ترجمو — غافر 13

سورو غافر آيت 13 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : (الله) اُھو آھي جيڪو اوھان کي پنھنجون نشانيون ڏيکاريندو آھي…

سورو آيت 13/85 — غافر غافر (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: غافر ٻڌو, غافر ترجمو, غافر mp3, غافر pdf. آيت 11–15. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers