احقاف · 28/35
ترجمو لکڻ — سوره احقاف
فَلَوْلَا نَصَرَهُمُ الَّذِينَ اتَّخَذُوا مِن دُونِ اللَّهِ قُرْبَانًا آلِهَةً ۖ بَلْ ضَلُّوا عَنْهُمْ ۚ وَذَٰلِكَ إِفْكُهُمْ وَمَا كَانُوا يَفْتَرُونَ ۝٢٨
Falaw laa nasarahumul lazeenat takhazoo min doonil laahi qurbaanan aalihatam bal dalloo `anhum` wa zaalika ifkuhum wa maa kaanoo yaftaroon
📖 سنڌيءَ ۾
پوءِ الله کانسواءِ جن کي ويجھائي لاءِ معبود ڪري ورتو ھوائون تن کين مدد ڇونه ڏني ھئي، بلڪ کائن گم ٿي ويا، ۽ اھو سندن ڪُوڙ آھي جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 26-30 — سوره احقاف

26وَلَقَدْ مَكَّنَّاهُمْ فِيمَا إِن مَّكَّنَّاكُمْ فِيهِ وَجَعَلْنَا لَهُمْ سَمْعًا وَأَبْصَارًا وَأَفْئِدَةً فَمَا أَغْنَىٰ عَنْهُمْ سَمْعُهُمْ وَلَا أَبْصَارُهُمْ وَلَا أَفْئِدَتُهُم مِّن شَيْءٍ إِذْ كَانُوا يَجْحَدُونَ بِآيَاتِ اللَّهِ وَحَاقَ بِهِم مَّا كَانُوا بِهِ يَسْتَهْزِئُونَ
۽ بيشڪ انھن کي اھڙي جاءِ ڏني ھئي سون جو اوھان کي به جاءِ نه ڏني سون ۽ انھن کي ڪنّ ۽ اکيون ۽ دليون ڏنيون ھيون سون، پوءِ جڏھن الله جي آيتن جو انڪار ڪيائون تڏھن نڪي سندن ڪَنن ۽ نڪي سندن اکين ۽ نڪي سندن دلين ڪجھ به (عذاب) کائن ٽاريو ۽ جنھن (عذاب) بابت ٺـٺوليون ڪندا ھوا سو مٿن ڪڙڪيو.
27وَلَقَدْ أَهْلَكْنَا مَا حَوْلَكُم مِّنَ الْقُرَىٰ وَصَرَّفْنَا الْآيَاتِ لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ
۽ بيشڪ جيڪي ڳوٺ اوھان جي آس پاس آھن سي (سڀ) ناس ڪياسون ۽ طرحين طرحين نشانيون پڌريون ڪيون سون ته مانَ اُھي موٽن.
28فَلَوْلَا نَصَرَهُمُ الَّذِينَ اتَّخَذُوا مِن دُونِ اللَّهِ قُرْبَانًا آلِهَةً ۖ بَلْ ضَلُّوا عَنْهُمْ ۚ وَذَٰلِكَ إِفْكُهُمْ وَمَا كَانُوا يَفْتَرُونَ
پوءِ الله کانسواءِ جن کي ويجھائي لاءِ معبود ڪري ورتو ھوائون تن کين مدد ڇونه ڏني ھئي، بلڪ کائن گم ٿي ويا، ۽ اھو سندن ڪُوڙ آھي جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا.
29وَإِذْ صَرَفْنَا إِلَيْكَ نَفَرًا مِّنَ الْجِنِّ يَسْتَمِعُونَ الْقُرْآنَ فَلَمَّا حَضَرُوهُ قَالُوا أَنصِتُوا ۖ فَلَمَّا قُضِيَ وَلَّوْا إِلَىٰ قَوْمِهِم مُّنذِرِينَ
۽ (ياد ڪر) جڏھن جِنّن مان ھڪ ٽوليءَ کي توڏانھن لاڙيوسون جو قرآن ٻڌائون ٿي، پوءِ جنھن مھل پيغمبر وٽ پھتا چيائون ته ماٺ ڪريو، پوءِ جنھن مھل پورو ڪيو ويو ته پنھنجي قوم ڏانھن ڊيڄاريندڙ ٿي موٽيا.
30قَالُوا يَا قَوْمَنَا إِنَّا سَمِعْنَا كِتَابًا أُنزِلَ مِن بَعْدِ مُوسَىٰ مُصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيْهِ يَهْدِي إِلَى الْحَقِّ وَإِلَىٰ طَرِيقٍ مُّسْتَقِيمٍ
چيائون ته اي اسان جي قوم بيشڪ اسان اھڙو ڪتاب ٻڌو جو ُموسىٰ کانپوءِ لاٿو ويو آھي جو جيڪي اُن کان اڳ (نازل ٿيل) ھو تنھن کي سچو ڪندڙ آھي سچي دين ڏانھن ۽ سِڌي واٽ ڏانھن رستو ڏيکاري ٿو.
احقافقرآن فهرست
35آيت
MeccanRevelation
28آيت

ترجمو — احقاف 28

سوره احقاف آيت 28 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : پوءِ الله کانسواءِ جن کي ويجھائي لاءِ معبود ڪري ورتو…

سوره آيت 28/35 — سوره احقاف الأحقاف (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره احقاف ٻڌو, سوره احقاف ترجمو, سوره احقاف mp3, سوره احقاف pdf. آيت 26–30. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers