سوره صافات pdf — ڊائونلوڊ (سنڌي)
سوره صافات pdf سنڌي — ڊائونلوڊ سوره صافات ترجمو. سوره صافات (Meccan) 182 آيت.
Related
- سوره صافات ترجموسنڌي
- سوره صافات mp3ٻڌو
- Quran Index سنڌي114
More سوره PDF
سوره صافات

ﭑﭒﭓ
37:1
(پنھنجي پالڻھار وٽ) قطار ڪري صفن ٻڌڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.
ﭔﭕﭖ
37:2
پوءِ جھڻڪ ڏيئي (شيطانن) کي ڌمڪائڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.
ﭗﭘﭙ
37:3
پوءِ (قرآن) پڙھڻ واري جماعت جو قسم آھي.
ﭚﭛﭜﭝ
37:4
ته اوھان جو معبُود ھڪڙو (ئي) آھي.
ﭞﭟﭠﭡﭢﭣﭤﭥ
37:5
(جو اُھو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي اُنھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھن جو پالڻھار آھي ۽ (اُھو) اُڀرڻ (۽ لَھڻ) وارن طرفن جو (به) پالڻھار آھي.
ﭦﭧﭨﭩﭪﭫﭬ
37:6
بيشڪ اسان دُنيا جي آسمانن کي تارن جي سونھن سان سينگاريو.
ﭭﭮﭯﭰﭱﭲ
37:7
۽ سڀڪنھن سرڪش شيطان کان (انھيءَ) کي نگاھ رکيوسون.
ﭳﭴﭵﭶﭷﭸﭹﭺﭻﭼ
37:8
ته (شيطان) مَلَاءِ الۡاَعۡلىٰ ڏانھن ڪن ڏيئي (ڳالھيون) نه ٻڌن ۽ سڀڪنھن طرف کان (اُنھن ڏانھن) اُماڙيون اُڇلبيون آھن.
ﭽﭾﭿﮀﮁﮂ
37:9
(اُنھن جي) تڙڻ لاءِ ۽ اُنھن لاءِ ھميشه جو عذاب آھي.
ﮃﮄﮅﮆﮇﮈﮉﮊ
37:10
پر جنھن (چوريءَ ڪن ڏئي مَلَاءِاَعۡلىٰ جي ڳالھين مان ڪنھن ڳالھ کي) جھٽيو تنھن جي پوئتان ٻرندڙ اُماڙي پوندي آھي.
ﮋﮌﮍﮎﮏﮐﮑﮒﮓﮔﮕﮖﮗﮘ
37:11
پوءِ کانئن پُڇ ته اُھي پيدا ڪرڻ ۾ تمام مشڪل آھن ڇا يا (ذڪر ڪيل شيون) جن کي اسان بڻايو آھي؟ بيشڪ اسان کين چيڪيءَ مٽيءَ مان بڻايو.
ﮙﮚﮛﮜ
37:12
بلڪ (ڪافرن جي حال کان) عجب ڪيئي ۽ اُھي ٺـٺوليون ڪندا آھن.
ﮝﮞﮟﮠﮡ
37:13
۽ جڏھن سمجھائبو اٿن (تڏھن) نه سمجھندا آھن.
ﮢﮣﮤﮥﮦ
37:14
۽ جڏھن (ھو) ڪا نشاني ڏسن (تڏھن) ٺـٺوليون ڪندا آھن.
ﮧﮨﮩﮪﮫﮬﮭ
37:15
۽ چوندا آھن ته ھيءُ (قرآن) رڳو پڌرو جادو آھي.
ﮮﮯﮰﮱﯓﯔﯕﯖ
37:16
ھان جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (جيئرا ٿي) کڙا ٿينداسون ڇا؟
ﯗﯘﯙ
37:17
اسان جا اڳيان پيءُ ڏاڏا به (اٿاربا) ڇا؟
ﯚﯛﯜﯝﯞ
37:18
چؤ ته ھائو (اُٿاربا) حالانڪ اوھين خوار ھوندؤ.
ﯟﯠﯡﯢﯣﯤﯥﯦ
37:19
پوءِ اُھو (کڙو ٿيڻ) رڳو ھڪ سخت جھڻڪار ھوندي پوءِ اُھي اُتي جو اُتي ڏسڻ لڳندا.
ﯧﯨﯩﯪﯫﯬ
37:20
۽ چوندا ته ھيء ارمان اسان لاءِ ھي بدلي (وٺڻ) جو ڏينھن آھي.
ﯭﯮﯯﯰﯱﯲﯳﯴ
37:21
(چئبن ته) نبيري جو ڏينھن جنھن کي اوھين ڪوڙو ڀائيندا ھيؤ سو ھي آھي.
ﯵﯶﯷﯸﯹﯺﯻﯼﯽ
37:22
(چئبو ته اي ملائڪو) ظالمن کي ۽ سندن سنگتين کي ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا ھوا
ﯾﯿﰀﰁﰂﰃﰄﰅ
37:23
تن کي گڏ ڪريو پوءِ کين دوزخ جي واٽ ڏانھن ڏس ڏيو.
ﰆﰇﰈﰉﰊ
37:24
۽ کين ترسايو جو بيشڪ کانئن پڇبو.
ﭑﭒﭓﭔﭕ
37:25
(ته) اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو ھڪ ٻئي جي مدد نٿا ڪريو؟
ﭖﭗﭘﭙﭚ
37:26
بلڪ اُھي اڄ ڪنڌ نوائيندڙ آھن.
ﭛﭜﭝﭞﭟﭠ
37:27
۽ ڪي ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا.
ﭡﭢﭣﭤﭥﭦﭧ
37:28
(ماڻھو پنھنجن سردارن کي) چوندا ته بيشڪ اوھين (گمراھ ڪرڻ لاءِ) سڄي (۽ کٻي) پاسي کان اسان وٽ ايندا ھُيؤ.
ﭨﭩﭪﭫﭬﭭ
37:29
(سردار) چوندا ته (نه!) بلڪ اوھين پاڻ مُسلمان نه ھُيؤ.
ﭮﭯﭰﭱﭲﭳﭴﭵﭶﭷﭸﭹ
37:30
۽ اوھان تي اسان جو ڪو زور نه (ھلندو) ھو، بلڪ (اوھين) پاڻ حد کان لنگھيل قوم ھُيؤ.
ﭺﭻﭼﭽﭾﭿﮀﮁ
37:31
پوءِ اسان تي اسان جي پالڻھار جو چوڻ ثابت ٿيو ته بيش اسين (عذاب) چکندڙ ھُجون.
ﮂﮃﮄﮅﮆ
37:32
پوءِ اوھان کي گمراھ ڪيوسون جو بيشڪ اسين (پاڻ) به گمراھ ھواسون.
ﮇﮈﮉﮊﮋﮌ
37:33
پوءِ بيشڪ اُھي اُنھيءَ ڏينھن عذاب ۾ ھڪ ٻئي سا گڏ شريڪ ھوندا.
ﮍﮎﮏﮐﮑ
37:34
بيشڪ اسين ڏوھارين سان اھڙي طرح ڪندا آھيون.
ﮒﮓﮔﮕﮖﮗﮘﮙﮚﮛﮜ
37:35
بيشڪ اُھي (اھڙا) ھوا جو جڏھن کين چئبو ھو ته الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي (تڏھن) وڏائي ڪندا ھوا.
ﮝﮞﮟﮠﮡﮢﮣ
37:36
۽ چوندا ھوا ته اسان ھڪ چريي شاعر جي (چوڻ) تي پنھنجن معبودن کي ڇڏينداسون ڇا؟
ﮤﮥﮦﮧﮨﮩ
37:37
بلڪ (پيغمبر ﷴ ﷺ) سچ (يعني قرآن) آندو ۽ (سڀني) پيغمبرن کي سچو ڄاتائين.
ﮪﮫﮬﮭﮮ
37:38
بيشڪ اوھين ڏکوئيندڙ عذاب (جو مزو) چکڻ وارا آھيو.
ﮯﮰﮱﯓﯔﯕﯖ
37:39
۽ جيڪي ڪندا ھئو تنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو بدلو نه ڏبؤ.
ﯗﯘﯙﯚﯛ
37:40
پر الله جا خاص ٻانھا (عذاب کان بچندا).
ﯜﯝﯞﯟﯠ
37:41
اُنھن لاءِ روزي مُقرّر (ٿيل) آھي.
ﯡﯢﯣﯤ
37:42
(قسمين) ميوا، ۽ اُھي عزت وارا آھن.
ﯥﯦﯧﯨ
37:43
نعمت وارن باغن ۾.
ﯩﯪﯫﯬ
37:44
تختن تي ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ويٺل ھوندا.
ﯭﯮﯯﯰﯱﯲ
37:45
وھندڙ شراب جو پيالو مٿن پيو ڦيرائبو.
ﯳﯴﯵﯶ
37:46
جو (بلڪل) اڇو پيئندڙن لاءِ مزيدار ھوندو.
ﯷﯸﯹﯺﯻﯼﯽﯾ
37:47
نڪي منجھس مٿي جي ڦيري ھوندي ۽ نڪي اُھي کانئس نشي وارا ٿيندا.
ﯿﰀﰁﰂﰃ
37:48
۽ وڏين اکين واريون ھيٺ نھاريندڙيون (زالون) وٽن ھونديون.
ﰄﰅﰆﰇ
37:49
ڄڻڪ اُھي (حورون) ڍَڪيل آنا آھن.
ﰈﰉﰊﰋﰌﰍ
37:50
پوءِ ڪي (ماڻھو) ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا.
ﰎﰏﰐﰑﰒﰓﰔﰕ
37:51
منجھانئن ڪو چوندڙ چوندو ته بيشڪ (دنيا ۾) منھنجو ھڪ سنگتي ھو.
ﭑﭒﭓﭔﭕ
37:52
جو چوندو ھو ته تون (قيامت جو) مڃيندڙ ٿيو آھين ڇا؟
ﭖﭗﭘﭙﭚﭛﭜﭝ
37:53
ھا جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسان کي بدلو ڏنو ويندو ڇا؟
ﭞﭟﭠﭡﭢ
37:54
(وري اُھو) چوندو ته اوھين (به دوزخين کي) ڏسو ٿا ڇا؟
ﭣﭤﭥﭦﭧﭨ
37:55
پوءِ (پاڻ) جھاتي پائيندو ته اُھو (سنگتي) دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو.
ﭩﭪﭫﭬﭭﭮ
37:56
چوندو ته الله جو قسم ته تو مونکي ذري گھٽ ھلاڪ ٿي ڪيو.
ﭯﭰﭱﭲﭳﭴﭵ
37:57
۽ جيڪڏھن منھنجي پالڻھار (جو مون تي) فضل نه ٿئي ھا ته بيشڪ آءٌ (به عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان ھجان ھا.
ﭶﭷﭸﭹ
37:58
بيشڪ اسين نڪي (ھاڻي وري) مرڻ وارا آھيون.
ﭺﭻﭼﭽﭾﭿﮀ
37:59
(اھو) رڳو اسان جو پھريون مرڻ ھو (جو ٿي چڪو) ۽ نڪي عذاب ڪيل آھيون.
ﮁﮂﮃﮄﮅﮆ
37:60
بيشڪ اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
ﮇﮈﮉﮊﮋ
37:61
اھڙي (نعمت) لاءِ ڀلي ته عمل ڪندڙ عمل ڪن.
ﮌﮍﮎﮏﮐﮑﮒ
37:62
ڀلا اِھا (بيان ڪيل نعمت) مھمانيءَ طور ڀلي آھي يا ٿوھر جو وڻ؟
ﮓﮔﮕﮖﮗ
37:63
بيشڪ اسان اِن (وڻ) کي ظالمن جي لاءِ عذاب ٺھرايو آھي.
ﮘﮙﮚﮛﮜﮝﮞ
37:64
بيشڪ اِھو ھڪ وڻ آھي جو دوزخ جي تري ۾ پيدا ٿيندو آھي.
ﮟﮠﮡﮢﮣ
37:65
اُن جا گوشا ڄڻڪ شيطانن جون سِسيون آھن.
ﮤﮥﮦﮧﮨﮩﮪ
37:66
پوءِ بيشڪ دوزخي اُن مان کائيندا پوءِ منجھانئس پيٽ ڀريندا.
ﮫﮬﮭﮮﮯﮰﮱﯓ
37:67
وري اُنھن لاءِ اُن (کاڄ) تي ٽھڪندڙ پاڻيءَ جي ملاوت ھوندي.
ﯔﯕﯖﯗﯘﯙ
37:68
وري بيشڪ کائڻ پيئڻ کانپوءِ سندن موٽڻ دوزخ ڏانھن ھوندو.
ﯚﯛﯜﯝﯞ
37:69
بيشڪ اُنھن پنھنجن پيءُ ڏاڏن کي گمراھ ڏٺو.
ﯟﯠﯡﯢﯣ
37:70
تنھنڪري اُھي (به) سندن پيرن تي ڊوڙن ٿا.
ﯤﯥﯦﯧﯨﯩ
37:71
۽ بيشڪ کانئن اڳ اڳين مان گھڻا گمراھ ٿيا ھوا.
ﯪﯫﯬﯭﯮ
37:72
۽ بيشڪ منجھن ڊيڄاريندڙ موڪليا ھواسون.
ﯯﯰﯱﯲﯳﯴ
37:73
پوءِ نھار ته ڊيڄاريلن جي پڇاڙي ڪئن ٿي؟
ﯵﯶﯷﯸﯹ
37:74
پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جي پڇاڙي چڱي ٿي).
ﯺﯻﯼﯽﯾﯿ
37:75
۽ بيشڪ نوح اسان کي سڏيو پوءِ چڱا (دُعا کي) قبول ڪندڙ آھيون.
ﰀﰁﰂﰃﰄﰅ
37:76
۽ کيس ۽ سندس (تعلق وارن) ماڻھن کي وڏي مصيبت کان بچايوسون.
ﭑﭒﭓﭔﭕ
37:77
۽ (فقط) سندس اولاد کي ئي باقي رھندڙ ڪيوسون.
ﭖﭗﭘﭙﭚ
37:78
۽ پوين ۾ اُن لاءِ (چڱي يادگيري) ڇڏي سون.
ﭛﭜﭝﭞﭟﭠ
37:79
ساري جَڳ ۾ نوح تي شال سلام ھجي.
ﭡﭢﭣﭤﭥ
37:80
بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.
ﭦﭧﭨﭩﭪ
37:81
بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي.
ﭫﭬﭭﭮ
37:82
وري ٻـين کي ٻوڙيوسون.
ﭯﭰﭱﭲﭳﭴ
37:83
۽ بيشڪ نوح جي پيروري ڪندڙن مان ابراھيم ھو.
ﭵﭶﭷﭸﭹﭺ
37:84
(ياد ڪر) جڏھن (ھو) پنھنجي پالڻھار وٽ سالم دِل سان آيو.
ﭻﭼﭽﭾﭿﮀﮁ
37:85
(ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھان ڇاکي پوڄيندا آھيو؟
ﮂﮃﮄﮅﮆﮇ
37:86
الله کانسواءِ ھٿرادو ٺھيل معبودن کي گھرو ٿا ڇا؟
ﮈﮉﮊﮋﮌ
37:87
پوءِ جھانن جي پالڻھار بابت اوھان جو ڪھڙو گُمان آھي؟
ﮍﮎﮏﮐﮑ
37:88
پوءِ تارن ۾ ھڪ ڀيرو چتائي ڏٺائين.
ﮒﮓﮔﮕ
37:89
پوءِ چيائين ته آءٌ بيمار ٿيندس.
ﮖﮗﮘﮙ
37:90
پوءِ کانئس پُٺي ڏيئي ڦِريا.
ﮚﮛﮜﮝﮞﮟﮠ
37:91
پوءِ سندن معبودن ڏانھن منھن ڪيائين ته اوھين ڇونه ٿا کائو؟
ﮡﮢﮣﮤﮥ
37:92
اوھان کي ڇا (ٿيو آھي) جو نه ٿا ڳالھايو؟
ﮦﮧﮨﮩﮪ
37:93
پوءِ سڄي ھٿ (يعني زور) سان مٿن ڏاڍا ڌَڪ ھڻڻ لڳو.
ﮫﮬﮭﮮ
37:94
پوءِ (قوم وارا) ڏانھس ڊوڙندا سامھون آيا.
ﮯﮰﮱﯓﯔ
37:95
(کين) چيائين ته جنھن کي اوھين (پاڻ) گھَڙيندا آھيو تنھن کي ڇو پوڄيندا آھيو؟
ﯕﯖﯗﯘﯙ
37:96
ھن ھوندي جو الله اوھان کي ۽ جيڪي اوھين ڪريو ٿا تنھن کي پيدا ڪيو.
ﯚﯛﯜﯝﯞﯟﯠﯡ
37:97
(ھڪ ٻئي کي) چيائون ته ابراھيم لاءِ اڏاوت اڏيو پوءِ کيس (باھ جي) آڙاھ ۾ اُڇليو.
ﯢﯣﯤﯥﯦﯧ
37:98
پوءِ ساڻس فريب ڪرڻ جو ارادو ڪيائون پوءِ کين تمام زير ڪيوسون.
ﯨﯩﯪﯫﯬﯭﯮ
37:99
۽ ابراھيم چيو ته بيشڪ آءٌ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وڃڻ وارو آھيان (اھو) سگھوئي مون کي واٽ ڏيکاريندو (جتي سندس رضا ھوندي).
ﯯﯰﯱﯲﯳﯴ
37:100
اي منھنجا پالڻھار صالحن مان (ڪو پُٽ) مون کي عطا ڪر.
ﯵﯶﯷﯸ
37:101
پوءِ کيس ھڪ حليمت واري نينگر جي خوشخبري ڏني سون.
ﯹﯺﯻﯼﯽﯾﯿﰀﰁﰂﰃﰄﰅﰆﰇﰈﰉﰊﰋﰌﰍﰎﰏﰐﰑﰒﰓﰔﰕ
37:102
پوءِ جڏھن ساڻس گڏ ڊوڙڻ (واريءَ عمر) کي پھتو (تڏھن ابراھيم) چيو ته اي منھنجا پُٽڙا بيشڪ آءٌ ننڊ ۾ ڏسان ٿو ته آءٌ توکي ڪُھان ٿو پوءِ تون نظر ڪر ته تنھنجي دل ۾ ڇا ٿو اچي؟ چيائين ته اي مُنھنجا ابا جنھن ڪم جو توکي حُڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪر جيڪڏھن الله گھريو ته مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لھندين.
ﭑﭒﭓﭔﭕ
37:103
پوءِ جڏھن ٻنھي حُڪم مڃيو ۽ ابراھيم (پنھنجي) پُٽ کي پيشانيءَ ڀر ليٽايو.
ﭖﭗﭘﭙ
37:104
۽ کيس سڏيوسون ته اي ابراھيم.
ﭚﭛﭜﭝﭞﭟﭠﭡﭢ
37:105
بيشڪ تو خواب کي سچو ڪيو، بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.
ﭣﭤﭥﭦﭧﭨ
37:106
بيشڪ اِھا پڌري پرک آھي.
ﭩﭪﭫﭬ
37:107
۽ ذُبح جي وڏي جانور سان اُن جو عوض ڏنوسون.
ﭭﭮﭯﭰﭱ
37:108
۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون.
ﭲﭳﭴﭵ
37:109
ابراھيم تي شال سلام ھجي.
ﭶﭷﭸﭹ
37:110
ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.
ﭺﭻﭼﭽﭾ
37:111
بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي.
ﭿﮀﮁﮂﮃﮄ
37:112
۽ کيس اسحٰق جي خوشخبري ڏني سون جو صالحن مان ھڪڙو نبي آھي.
ﮅﮆﮇﮈﮉﮊﮋﮌﮍﮎﮏﮐ
37:113
۽ ابراھيم تي ۽ اسحٰق تي برڪت نازل ڪئي سون، ۽ ٻنھي جي اولاد مان ڪي چڱا آھن ۽ ڪي پاڻ تي پڌرو ظلم ڪندڙ آھن.
ﮑﮒﮓﮔﮕﮖ
37:114
۽ بيشڪ موسىٰ ۽ ھارون تي احسان ڪيوسون.
ﮗﮘﮙﮚﮛﮜ
37:115
۽ کين ۽ سندن قوم کي وڏي سختيءَ کان بچايوسون.
ﮝﮞﮟﮠﮡ
37:116
۽ کين مدد ڏني سون پوءِ اُھي غالب رھيا.
ﮢﮣﮤﮥ
37:117
۽ کين پڌرو ڪتاب ڏنوسون.
ﮦﮧﮨﮩ
37:118
۽ کين سِڌي رستي لاتوسون.
ﮪﮫﮬﮭﮮ
37:119
۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) انھن لاءِ ڇڏي سون.
ﮯﮰﮱﯓﯔ
37:120
مُوسىٰ ۽ ھارون تي شال سلام ھجي.
ﯕﯖﯗﯘﯙ
37:121
بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙيءَ طرح بدلو ڏيندا آھيون.
ﯚﯛﯜﯝﯞ
37:122
بيشڪ اُھي (ٻئي) اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھن.
ﯟﯠﯡﯢﯣ
37:123
۽ بيشڪ الياس پيغمبرن مان ھو.
ﯤﯥﯦﯧﯨﯩ
37:124
جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟
ﯪﯫﯬﯭﯮﯯ
37:125
ڇو بَعل کي پوڄيندا آھيو ۽ تمام چڱي خلقيندڙ کي ڇڏيندا آھيو؟
ﯰﯱﯲﯳﯴﯵ
37:126
(جو) الله اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين پِين ڏاڏن جو پالڻھار آھي.
ﭑﭒﭓﭔ
37:127
پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري اُھي بيشڪ (دوزخ ۾) حاضر ڪيل آھن.
ﭕﭖﭗﭘﭙ
37:128
پر الله جا خاص ٻانھا (ڇٽل آھن).
ﭚﭛﭜﭝﭞ
37:129
۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون.
ﭟﭠﭡﭢﭣ
37:130
الياس تي شال سلام ھجي.
ﭤﭥﭦﭧﭨ
37:131
بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.
ﭩﭪﭫﭬﭭ
37:132
بيشڪ اُھو اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھي.
ﭮﭯﭰﭱﭲ
37:133
۽ بيشڪ لُوط پيغمبرن مان ھو.
ﭳﭴﭵﭶﭷ
37:134
(ياد ڪر) جڏھن اُن کي ۽ سندس مڙني گھر وارن کي بچايوسون.
ﭸﭹﭺﭻﭼ
37:135
سواءِ ھڪڙي ڪراڙي زال جي جا پُٺ تي رھندڙن مان ٿي.
ﭽﭾﭿﮀ
37:136
وري (ھنن) ٻـين کي ھلاڪ ڪيوسون.
ﮁﮂﮃﮄﮅ
37:137
۽ بيشڪ اوھين انھن (جي ڳوٺن) وٽان صبح جو لنگھندا آھيو.
ﮆﮇﮈﮉﮊ
37:138
۽ رات جو (به) پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟
ﮋﮌﮍﮎﮏ
37:139
۽ بيشڪ يُونس پيغمبرن مان ھو.
ﮐﮑﮒﮓﮔﮕ
37:140
جڏھن (ھو) ڀريل ٻيڙيءَ ڏانھن ڀڳو.
ﮖﮗﮘﮙﮚ
37:141
پوءِ (ٻيڙي وارن سان) پُکو وڌائين ته (پاڻ) پُکي پيلن مان ٿيو.
ﮛﮜﮝﮞﮟ
37:142
پوءِ کيس مڇي ڳھي وئي ۽ اُھو (اھڙو ڪم ڪندڙ ھو جو) ملامت جو لائق ھو.
ﮠﮡﮢﮣﮤﮥ
37:143
پوءِ اُھو جيڪڏھن تسبيح چوندڙن مان نه ھجي ھا.
ﮦﮧﮨﮩﮪﮫﮬ
37:144
ته اُنھي ڏينھن تائين جنھن ۾ (ماڻھو) اُٿارجن اُن جي پيٽ ۾ رھي ھا.
ﮭﮮﮯﮰﮱﯓ
37:145
پوءِ کيس صاف پَٽ ۾ اُڇليوسون ۽ اُھو بيمار ھو.
ﯔﯕﯖﯗﯘﯙ
37:146
۽ مٿس وڻ ڪدوءَ (جي قِسم) مان ڄمايوسون.
ﯚﯛﯜﯝﯞﯟﯠ
37:147
۽ کيس (ھڪ) لک يا (اُن کان) وڌيڪ (ماڻھن) ڏانھن موڪليوسون.
ﯡﯢﯣﯤﯥ
37:148
پوءِ انھن ايمان آندو پوءِ ھڪ وقت تائين کين فائدو ڏنوسون.
ﯦﯧﯨﯩﯪﯫ
37:149
پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن (يعني مشرڪن) کان پُڇ ته تنھنجي پالڻھار کي ڌيئر آھن ڇا يا کيس پُٽ آھنئ
ﯬﯭﯮﯯﯰﯱﯲ
37:150
يا ملائڪن کي زالون بڻايوسون ۽ اُھي (اُن وقت) حاضر ھوا.
ﯳﯴﯵﯶﯷﯸ
37:151
خبردار ھُجو (ته) بيشڪ اُھي پنھنجي (ھٿرادو ٺھيل) ڪوڙ مان چوندا آھن.
ﯹﯺﯻﯼﯽ
37:152
ته الله (اولاد کي) ڄڻيو آھي ۽ اُھي ڪوڙا آھن.
ﯾﯿﰀﰁﰂ
37:153
پٽن کان ڌيئر پسند ڪيائين ڇا؟
ﭑﭒﭓﭔﭕ
37:154
اوھان کي ڇا ٿيو آھي، ڪيئن نبيرو ڪندا آھيو؟
ﭖﭗﭘ
37:155
(اوھين) ڇونه ڌيان ڪندا آھيو؟
ﭙﭚﭛﭜﭝ
37:156
يا اوھان کي ڪا پڌري حُجّت آھي؟
ﭞﭟﭠﭡﭢﭣ
37:157
جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته پنھنجو ڪتاب آڻيو.
ﭤﭥﭦﭧﭨﭩﭪﭫﭬﭭﭮﭯ
37:158
۽ (ڪافرن) الله ۽ جِنن جي وچ ۾ مائٽي مُقرر ڪئي، ۽ بيشڪ جِنن ڄاتو آھي ته اُھي (قيامت ۾ حساب لاءِ) حاضر ڪيا ويندا.
ﭰﭱﭲﭳﭴ
37:159
(ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي.
ﭵﭶﭷﭸﭹ
37:160
پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جو چوڻ سچو آھي).
ﭺﭻﭼﭽ
37:161
پوءِ (اي ڪافرؤ) بيشڪ اوھين ۽ جن (بتن) کي پوڄيندا آھيو.
ﭾﭿﮀﮁﮂ
37:162
اوھين (سڀئي) اُن (يعني ڪوڙن معبُودن جي عبادت) لاءِ گمراھ ڪرڻ وارا نه آھيو.
ﮃﮄﮅﮆﮇﮈ
37:163
پر اُنھن کي جيڪو (پاڻ) دوزخ ۾ گھڙڻ وارو آھي.
ﮉﮊﮋﮌﮍﮎﮏ
37:164
۽ (ملائڪ چوندا آھن ته) اسان مان اھڙو آھي ئي ڪونه جنھن لاءِ (عبادت جي) ھڪ جاءِ ٺھرايل نه آھي.
ﮐﮑﮒﮓ
37:165
۽ بيشڪ اسين صِف ٻَڌڻ وارا آھيون.
ﮔﮕﮖﮗ
37:166
۽ بيشڪ اسين تسبيح چوڻ وارا آھيون.
ﮘﮙﮚﮛ
37:167
۽ بيشڪ (عرب جا ڪافر) چوندا ھوا.
ﮜﮝﮞﮟﮠﮡﮢ
37:168
ته جيڪڏھن اسان وٽ پھرين جو احوال ھجي ھا.
ﮣﮤﮥﮦﮧ
37:169
ته ضرور الله جا خاص ٻانھا ٿيون ھا.
ﮨﮩﮪﮫﮬﮭ
37:170
وري اُن (يعني قرآن) جا مُنڪر ٿيا پوءِ سِگھوئي (ڪفر جي پڄاڻي) ڄاڻندا.
ﮮﮯﮰﮱﯓﯔ
37:171
۽ بيشڪ پنھنجن ٻانھن پيغمبرن لاءِ اسان جو وعدو اڳي ئي ٿي چڪو..
ﯕﯖﯗﯘ
37:172
ته بيشڪ اُھي (اسان جا پيغمبر) ئي فتح مند آھن.
ﯙﯚﯛﯜﯝ
37:173
۽ بيشڪ اسان جو لشڪر ئي غالب آھي.
ﯞﯟﯠﯡﯢ
37:174
پوءِ کانئن ھڪ وقت تائين منھن موڙ.
ﯣﯤﯥﯦ
37:175
۽ کين ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي ڏسندا.
ﯧﯨﯩ
37:176
(ھي ڪافر) اسان جو عذاب جلد گھرندا آھن ڇا؟
ﯪﯫﯬﯭﯮﯯﯰ
37:177
پوءِ جڏھن سندن (گھرن جي) اڱڻن ۾ (عذاب) لھندو تڏھن ڊيڄاريلن جو صُبح بڇڙو ٿيندو.
ﯱﯲﯳﯴﯵ
37:178
۽ کانئن ھڪ وقت تائين مُنھن موڙ.
ﯶﯷﯸﯹ
37:179
۽ ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي (نتيجو) ڏسندا.
ﯺﯻﯼﯽﯾﯿﰀ
37:180
تنھنجو پالڻھار پاڪ آھي جيڪي (اِھي ڪافر) بيان ڪندا آھن تنھن کان (اُھو) عزّت وارو آھي.
ﰁﰂﰃﰄ
37:181
۽ (الله جي) پيغمبرن تي شال سَلام ھجي.
ﰅﰆﰇﰈﰉ
37:182
۽ جھانن جي پالڻھار الله کي ئي سڀ ساراھ جڳائيندي آھي.
قرآن ڪريم
Wednesday, September 9, 2026
Don't forget us in your sincere prayers







