زخرف · 15/89
ترجمو لکڻ — سوره زخرف
وَجَعَلُوا لَهُ مِنْ عِبَادِهِ جُزْءًا ۚ إِنَّ الْإِنسَانَ لَكَفُورٌ مُّبِينٌ ۝١٥
Wa ja`aloo lahoo min `ibaadihee juz`aa; innal insaana lakafoorum mubeen
📖 سنڌيءَ ۾
۽ الله لاءِ سندس ٻانھن مان اولاد مقرر ڪيائون، بيشڪ ماڻھو پڌرو بي شُڪر آھي.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 13-17 — سوره زخرف

13لِتَسْتَوُوا عَلَىٰ ظُهُورِهِ ثُمَّ تَذْكُرُوا نِعْمَةَ رَبِّكُمْ إِذَا اسْتَوَيْتُمْ عَلَيْهِ وَتَقُولُوا سُبْحَانَ الَّذِي سَخَّرَ لَنَا هَٰذَا وَمَا كُنَّا لَهُ مُقْرِنِينَ
ته اُنھن جي پُٺين تي سِڌا ٿي ويھو وري جڏھن مٿن سنوان ٿي ويھو (تڏھن) پنھنجي پالڻھار جي نعمت ياد ڪريو ۽ چئو ته اُھو (الله) پاڪ آھي جنھن ھيءُ اسان کي نِوائي ڏنو ۽ (اسين) اُن جي نوائڻ جي (ڪڏھن) طاقت رکندڙ نه ھواسون.
14وَإِنَّا إِلَىٰ رَبِّنَا لَمُنقَلِبُونَ
۽ بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آھيون.
15وَجَعَلُوا لَهُ مِنْ عِبَادِهِ جُزْءًا ۚ إِنَّ الْإِنسَانَ لَكَفُورٌ مُّبِينٌ
۽ الله لاءِ سندس ٻانھن مان اولاد مقرر ڪيائون، بيشڪ ماڻھو پڌرو بي شُڪر آھي.
16أَمِ اتَّخَذَ مِمَّا يَخْلُقُ بَنَاتٍ وَأَصْفَاكُم بِالْبَنِينَ
(الله) پنھنجي مخلوق مان (پاڻ لاءِ) ڌيئرون اختيار ڪيون ڇا ۽ اوھان کي پٽن سان چونڊيو اٿس (ڇا)؟
17وَإِذَا بُشِّرَ أَحَدُهُم بِمَا ضَرَبَ لِلرَّحْمَٰنِ مَثَلًا ظَلَّ وَجْهُهُ مُسْوَدًّا وَهُوَ كَظِيمٌ
۽ جڏھن منجھائن ڪنھنکي اُنھيءَ شيءَ (يعني ڌيءُ جي ڄمڻ) جي خبر ڏجي جيڪا ٻاجھاري (الله) لاءِ مثال بيان ڪئي اٿس (تڏھن) سندن منھن ڪاراٽجي ويندو آھي ۽ اُھو ڏک ڀريو ھوندو آھي.
زخرفقرآن فهرست
89آيت
MeccanRevelation
15آيت

ترجمو — زخرف 15

سوره زخرف آيت 15 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : ۽ الله لاءِ سندس ٻانھن مان اولاد مقرر ڪيائون، بيشڪ…

سوره آيت 15/89 — سوره زخرف الزخرف (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره زخرف ٻڌو, سوره زخرف ترجمو, سوره زخرف mp3, سوره زخرف pdf. آيت 13–17. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers