احقاف · 32/35
ترجمو لکڻ — سوره احقاف
وَمَن لَّا يُجِبْ دَاعِيَ اللَّهِ فَلَيْسَ بِمُعْجِزٍ فِي الْأَرْضِ وَلَيْسَ لَهُ مِن دُونِهِ أَوْلِيَاءُ ۚ أُولَٰئِكَ فِي ضَلَالٍ مُّبِينٍ ۝٣٢
Wa mal laa yujib daa`iyal laahi falaisa bimu`jizin fil ardi wa laisa lahoo min dooniheee awliyaaa`; ulaaa ika fee dalaalim mubeen
📖 سنڌيءَ ۾
۽ جيڪو الله ڏانھن سڏيندڙ کي سڏ نه ڏيندو سو مُلڪ ۾ (ڀڄي) ٿَڪائڻ وارو نه آھي ۽ الله کانسواءِ اُن جا ڪي سڄڻ نه آھن، اُھي پڌريءَ گمراھي ۾ آھن.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 30-34 — سوره احقاف

30قَالُوا يَا قَوْمَنَا إِنَّا سَمِعْنَا كِتَابًا أُنزِلَ مِن بَعْدِ مُوسَىٰ مُصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيْهِ يَهْدِي إِلَى الْحَقِّ وَإِلَىٰ طَرِيقٍ مُّسْتَقِيمٍ
چيائون ته اي اسان جي قوم بيشڪ اسان اھڙو ڪتاب ٻڌو جو ُموسىٰ کانپوءِ لاٿو ويو آھي جو جيڪي اُن کان اڳ (نازل ٿيل) ھو تنھن کي سچو ڪندڙ آھي سچي دين ڏانھن ۽ سِڌي واٽ ڏانھن رستو ڏيکاري ٿو.
31يَا قَوْمَنَا أَجِيبُوا دَاعِيَ اللَّهِ وَآمِنُوا بِهِ يَغْفِرْ لَكُم مِّن ذُنُوبِكُمْ وَيُجِرْكُم مِّنْ عَذَابٍ أَلِيمٍ
اي اسان جي قوم الله جي (طرف) سڏيندڙ کي سڏ ڏيو ۽ اُن تي ايمان آڻيو ته (الله) اوھان جا ڪي ڏوھ اوھان کي بخشي ۽ ڏکوئيندڙ عذاب کان اوھان کي ڇڏائي.
32وَمَن لَّا يُجِبْ دَاعِيَ اللَّهِ فَلَيْسَ بِمُعْجِزٍ فِي الْأَرْضِ وَلَيْسَ لَهُ مِن دُونِهِ أَوْلِيَاءُ ۚ أُولَٰئِكَ فِي ضَلَالٍ مُّبِينٍ
۽ جيڪو الله ڏانھن سڏيندڙ کي سڏ نه ڏيندو سو مُلڪ ۾ (ڀڄي) ٿَڪائڻ وارو نه آھي ۽ الله کانسواءِ اُن جا ڪي سڄڻ نه آھن، اُھي پڌريءَ گمراھي ۾ آھن.
33أَوَلَمْ يَرَوْا أَنَّ اللَّهَ الَّذِي خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ وَلَمْ يَعْيَ بِخَلْقِهِنَّ بِقَادِرٍ عَلَىٰ أَن يُحْيِيَ الْمَوْتَىٰ ۚ بَلَىٰ إِنَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
نه ڏٺو اٿن ڇا ته الله جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو آھي ۽ انھن جي بڻائڻ ۾ نه ٿڪو سو ھن (ڳالھ) تي وس وارو آھي ته مُئن کي جياري، ھائو! بيشڪ اِھو سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھي.
34وَيَوْمَ يُعْرَضُ الَّذِينَ كَفَرُوا عَلَى النَّارِ أَلَيْسَ هَٰذَا بِالْحَقِّ ۖ قَالُوا بَلَىٰ وَرَبِّنَا ۚ قَالَ فَذُوقُوا الْعَذَابَ بِمَا كُنتُمْ تَكْفُرُونَ
۽ جنھن ڏينھن ڪافر باھ جي سامھون آڻبا، (تنھن ڏينھن چئبن ته) ھي (وعدو) سچ نه آھي ڇا؟ چوندا ھائو! اسان جي پالڻھار جو قسم آھي، (الله) چوندو ته انھي ڪري عذاب چکو جو انڪار ڪندا ھئو.
احقافقرآن فهرست
35آيت
MeccanRevelation
32آيت

ترجمو — احقاف 32

سوره احقاف آيت 32 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : ۽ جيڪو الله ڏانھن سڏيندڙ کي سڏ نه ڏيندو سو…

سوره آيت 32/35 — سوره احقاف الأحقاف (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره احقاف ٻڌو, سوره احقاف ترجمو, سوره احقاف mp3, سوره احقاف pdf. آيت 30–34. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers