غافر · 23/85
ترجمو لکڻ — سوره غافر
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا مُوسَىٰ بِآيَاتِنَا وَسُلْطَانٍ مُّبِينٍ ۝٢٣
Wa laqad arsalnaa Moosaa bi Aayaatinaa wa sultaanim mubeen
📖 سنڌيءَ ۾
۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجن مُعجزن ۽ پڌريءَ حُجّت سان موڪليوسون.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 21-25 — سوره غافر

21۞ أَوَلَمْ يَسِيرُوا فِي الْأَرْضِ فَيَنظُرُوا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِينَ كَانُوا مِن قَبْلِهِمْ ۚ كَانُوا هُمْ أَشَدَّ مِنْهُمْ قُوَّةً وَآثَارًا فِي الْأَرْضِ فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنُوبِهِمْ وَمَا كَانَ لَهُم مِّنَ اللَّهِ مِن وَاقٍ
مُلڪ ۾ نه گھميا آھن ڇا؟ ته (نھاري) ڏسن ته انھن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي جيڪي کانئن اڳ ھوا، اُھي کائن سگھ ۾ زمين تي نشانين (يعني محلاتن جوڙڻ) ۾ تمام ڏاڍا ھوا پوءِ الله سندن گناھن سببان کين پڪڙيو، ۽ الله (جي عذاب) کان اُنھن کي ڪو بچائيندڙ نه ھو.
22ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ كَانَت تَّأْتِيهِمْ رُسُلُهُم بِالْبَيِّنَاتِ فَكَفَرُوا فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ ۚ إِنَّهُ قَوِيٌّ شَدِيدُ الْعِقَابِ
اِھا (سزا) ھن ڪري ھين جو سندن پيغمبر (پڌرن) مُعجزن سان وٽن آيا ٿي پوءِ انڪار ڪيائون تنھنڪري الله کين پڪڙيو، بيشڪ اُھو سگھارو سخت سزا ڏيڻ وارو آھي.
23وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا مُوسَىٰ بِآيَاتِنَا وَسُلْطَانٍ مُّبِينٍ
۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجن مُعجزن ۽ پڌريءَ حُجّت سان موڪليوسون.
24إِلَىٰ فِرْعَوْنَ وَهَامَانَ وَقَارُونَ فَقَالُوا سَاحِرٌ كَذَّابٌ
فرعون ۽ ھامان ۽ قارون ڏانھن پوءِ چيائون ته ڪُوڙو جادوگر آھي.
25فَلَمَّا جَاءَهُم بِالْحَقِّ مِنْ عِندِنَا قَالُوا اقْتُلُوا أَبْنَاءَ الَّذِينَ آمَنُوا مَعَهُ وَاسْتَحْيُوا نِسَاءَهُمْ ۚ وَمَا كَيْدُ الْكَافِرِينَ إِلَّا فِي ضَلَالٍ
پوءِ جنھن مھل اسان وٽان ھنن وٽ سچي (پيغام) سان آيو (تنھن مھل) چيائون ته جن مٿس ايمان آندو آھي تن جا پُٽ ڪُھو ۽ سندن ڌيئرون جيئرون ڇڏيو، ۽ ڪافرن جو فريب ته رڳو غلطيءَ ۾ آھي.
غافرقرآن فهرست
85آيت
MeccanRevelation
23آيت

ترجمو — غافر 23

سوره غافر آيت 23 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : ۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجن مُعجزن ۽ پڌريءَ حُجّت سان…

سوره آيت 23/85 — سوره غافر غافر (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره غافر ٻڌو, سوره غافر ترجمو, سوره غافر mp3, سوره غافر pdf. آيت 21–25. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers