غافر · 76/85
ترجمو لکڻ — سوره غافر
ادْخُلُوا أَبْوَابَ جَهَنَّمَ خَالِدِينَ فِيهَا ۖ فَبِئْسَ مَثْوَى الْمُتَكَبِّرِينَ ۝٧٦
Udkhulooo abwaaba Jahannama khaalideena feehaa fabi`sa maswal mutakabbireen
📖 سنڌيءَ ۾
(ھاڻي) دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ (آھيو)، پوءِ (ڏسو ته دوزخ) ھٺيلن جي جاءِ بڇڙي آھي.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 74-78 — سوره غافر

74مِن دُونِ اللَّهِ ۖ قَالُوا ضَلُّوا عَنَّا بَل لَّمْ نَكُن نَّدْعُو مِن قَبْلُ شَيْئًا ۚ كَذَٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ الْكَافِرِينَ
الله ڌاران (ٻيا) (اُھي) چوندا ته اسان (جي نظر) کان گُم ٿي ويا بلڪ ڪنھن شي کي اڳي نه پوڄيندا ھواسون، اھڙيءَ طرح الله ڪافرن کي گُمراھ ڪندو آھي.
75ذَٰلِكُم بِمَا كُنتُمْ تَفْرَحُونَ فِي الْأَرْضِ بِغَيْرِ الْحَقِّ وَبِمَا كُنتُمْ تَمْرَحُونَ
اِھا (سزا) اِنھيءَ سببان آھي جو اوھين زمين ۾ ناحق خوشيءَ (سبب آڪڙ) ڪندا ھئو ۽ ھن سببان (به) جو اوھين لاڏ ڪندا ھئو.
76ادْخُلُوا أَبْوَابَ جَهَنَّمَ خَالِدِينَ فِيهَا ۖ فَبِئْسَ مَثْوَى الْمُتَكَبِّرِينَ
(ھاڻي) دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ (آھيو)، پوءِ (ڏسو ته دوزخ) ھٺيلن جي جاءِ بڇڙي آھي.
77فَاصْبِرْ إِنَّ وَعْدَ اللَّهِ حَقٌّ ۚ فَإِمَّا نُرِيَنَّكَ بَعْضَ الَّذِي نَعِدُهُمْ أَوْ نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِلَيْنَا يُرْجَعُونَ
پوءِ (اي پيغمبر تون) صبر ڪر بيشڪ الله جو وعدو سچو آھي، تنھنڪري جيڪڏھن کين جيڪو انجام ڏيون ٿا تنھن مان ڪجھ توکي (دُنيا ۾) ڏيکاريون يا (عذاب جي ظاھر ٿيڻ کان اڳ) توکي ماريون ته (نيٺ) اسان ڏانھن موٽائبا.
78وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا رُسُلًا مِّن قَبْلِكَ مِنْهُم مَّن قَصَصْنَا عَلَيْكَ وَمِنْهُم مَّن لَّمْ نَقْصُصْ عَلَيْكَ ۗ وَمَا كَانَ لِرَسُولٍ أَن يَأْتِيَ بِآيَةٍ إِلَّا بِإِذْنِ اللَّهِ ۚ فَإِذَا جَاءَ أَمْرُ اللَّهِ قُضِيَ بِالْحَقِّ وَخَسِرَ هُنَالِكَ الْمُبْطِلُونَ
۽ بيشڪ توکان اڳ ڪيترائي پيغمبر موڪلياسون منجھائن ڪنھن جو احوال توکي بيان ڪيوسون ۽ منجھائن ڪنھن جو احوال توکي بيان نه ڪيوسون، ۽ ڪنھن به پيغمبر کي الله جي حُڪم کانسواءِ ڪو (به) مُعجزو آڻڻو نه ھو، پوءِ جڏھن الله جو حُڪم آيو تڏھن انصاف سان نبيرو ڪيو ويندو ۽ اُتي ڪوُڙن ڇيئو پاتو.
غافرقرآن فهرست
85آيت
MeccanRevelation
76آيت

ترجمو — غافر 76

سوره غافر آيت 76 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : (ھاڻي) دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ (آھيو)،…

سوره آيت 76/85 — سوره غافر غافر (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره غافر ٻڌو, سوره غافر ترجمو, سوره غافر mp3, سوره غافر pdf. آيت 74–78. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers