احقاف · 23/35
ترجمو لکڻ — سوره احقاف
قَالَ إِنَّمَا الْعِلْمُ عِندَ اللَّهِ وَأُبَلِّغُكُم مَّا أُرْسِلْتُ بِهِ وَلَٰكِنِّي أَرَاكُمْ قَوْمًا تَجْهَلُونَ ۝٢٣
Qaala innamal `ilmu indal laahi wa uballighukum maaa uriltu bihee wa laakinneee araakum qawman tajhaloon
📖 سنڌيءَ ۾
چيائين ته اِھو علم رڳو الله کي آھي، ۽ جنھن (پيغام) سان موڪليو ويو آھيان سو اوھان کي پھچايان ٿو پر اوھان کي ھڪ جاھل قوم ڏسان ٿو.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 21-25 — سوره احقاف

21۞ وَاذْكُرْ أَخَا عَادٍ إِذْ أَنذَرَ قَوْمَهُ بِالْأَحْقَافِ وَقَدْ خَلَتِ النُّذُرُ مِن بَيْنِ يَدَيْهِ وَمِنْ خَلْفِهِ أَلَّا تَعْبُدُوا إِلَّا اللَّهَ إِنِّي أَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيمٍ
۽ عاد جي ڀاءُ (ھود) کي ياد ڪر، جڏھن پنھنجي قوم کي (واديءَ) اَحقاف ۾ ڊيڄاريائين ۽ بيشڪ سندس اڳيان ۽ سندس پوئتان (ڪيترائي) ڊيڄاريندڙ گذريا ھوا ته الله کانسواءِ ڪنھين جي عبادت نه ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.
22قَالُوا أَجِئْتَنَا لِتَأْفِكَنَا عَنْ آلِهَتِنَا فَأْتِنَا بِمَا تَعِدُنَا إِن كُنتَ مِنَ الصَّادِقِينَ
چيائون ته اسان وٽ ھن لاءِ آيو آھين ڇا ته اسان کي پنھنجن معبودن کان ڦيرائن، پوءِ جيڪڏھن سچن مان آھين ته جيڪو وعدو اسان کي ڏئين ٿو سو اسان وٽ آڻ.
23قَالَ إِنَّمَا الْعِلْمُ عِندَ اللَّهِ وَأُبَلِّغُكُم مَّا أُرْسِلْتُ بِهِ وَلَٰكِنِّي أَرَاكُمْ قَوْمًا تَجْهَلُونَ
چيائين ته اِھو علم رڳو الله کي آھي، ۽ جنھن (پيغام) سان موڪليو ويو آھيان سو اوھان کي پھچايان ٿو پر اوھان کي ھڪ جاھل قوم ڏسان ٿو.
24فَلَمَّا رَأَوْهُ عَارِضًا مُّسْتَقْبِلَ أَوْدِيَتِهِمْ قَالُوا هَٰذَا عَارِضٌ مُّمْطِرُنَا ۚ بَلْ هُوَ مَا اسْتَعْجَلْتُم بِهِ ۖ رِيحٌ فِيهَا عَذَابٌ أَلِيمٌ
پوءِ جنھن مھل اُن کي ڪڪر (جھڙو) ڏٺائون جو سندن ميدانن ڏانھن سامھون ايندڙ ھو (تنھن مھل) چيائون ته ھيءُ ڪڪر آھي جو اسان تي وَسندو، (ھود چيو ته نه نه!) بلڪ اِھو اُھو آھي جنھن کي جلدي گھريؤ، (اھا) ھڪ آنڌي آھي جنھن ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
25تُدَمِّرُ كُلَّ شَيْءٍ بِأَمْرِ رَبِّهَا فَأَصْبَحُوا لَا يُرَىٰ إِلَّا مَسَاكِنُهُمْ ۚ كَذَٰلِكَ نَجْزِي الْقَوْمَ الْمُجْرِمِينَ
(جو) پنھنجي پالڻھار جي حُڪم سان سڀڪنھن شيءَ کي ناس ڪندي پوءِ (اھڙا ناس) ٿيا جو سندن گھرن کانسواءِ ڪجھ نه ٿي ڏٺو ويو، اھڙي طرح ڏوھاري قوم کي سزا ڏيندا آھيون.
احقافقرآن فهرست
35آيت
MeccanRevelation
23آيت

ترجمو — احقاف 23

سوره احقاف آيت 23 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : چيائين ته اِھو علم رڳو الله کي آھي، ۽ جنھن…

سوره آيت 23/35 — سوره احقاف الأحقاف (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره احقاف ٻڌو, سوره احقاف ترجمو, سوره احقاف mp3, سوره احقاف pdf. آيت 21–25. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers