نجم · 29/62
ترجمو لکڻ — سوره نجم
فَأَعْرِضْ عَن مَّن تَوَلَّىٰ عَن ذِكْرِنَا وَلَمْ يُرِدْ إِلَّا الْحَيَاةَ الدُّنْيَا ۝٢٩
Fa a`rid `am man tawallaa `an zikrinaa wa lam yurid illal hayaatad dunyaa
📖 سنڌيءَ ۾
پوءِ (اي پيغمبر) انھيءَ کان منھن موڙ جنھن اسان جي ياد ڪرڻ کان مُنھن ڦيرايو ۽ دنيا جي حياتيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه گھريائين.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 27-31 — سوره نجم

27إِنَّ الَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِالْآخِرَةِ لَيُسَمُّونَ الْمَلَائِكَةَ تَسْمِيَةَ الْأُنثَىٰ
بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي ملائڪن تي ڌيئرن جا نالا رکندا آھن.
28وَمَا لَهُم بِهِ مِنْ عِلْمٍ ۖ إِن يَتَّبِعُونَ إِلَّا الظَّنَّ ۖ وَإِنَّ الظَّنَّ لَا يُغْنِي مِنَ الْحَقِّ شَيْئًا
۽ کين ان (ڳالھ) جي ڪا خبر نه آھي، رُڳو گمان تي ھلندا آھن، ۽ بيشڪ گمان حقيقت جي سڃاڻڻ ۾ ڪجھ به نفعو نه ڏيندو آھي.
29فَأَعْرِضْ عَن مَّن تَوَلَّىٰ عَن ذِكْرِنَا وَلَمْ يُرِدْ إِلَّا الْحَيَاةَ الدُّنْيَا
پوءِ (اي پيغمبر) انھيءَ کان منھن موڙ جنھن اسان جي ياد ڪرڻ کان مُنھن ڦيرايو ۽ دنيا جي حياتيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه گھريائين.
30ذَٰلِكَ مَبْلَغُهُم مِّنَ الْعِلْمِ ۚ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعْلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبِيلِهِ وَهُوَ أَعْلَمُ بِمَنِ اهْتَدَىٰ
اھا سندن علم جي پڄاڻي آھي، بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان ڀُلو ۽ جيڪو سڌي رستي ھليو تنھنکي (به) اُھو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.
31وَلِلَّهِ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الْأَرْضِ لِيَجْزِيَ الَّذِينَ أَسَاءُوا بِمَا عَمِلُوا وَيَجْزِيَ الَّذِينَ أَحْسَنُوا بِالْحُسْنَى
۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي ته جن بڇڙا ڪم ڪيا تن کي انھن ڪمن جي ڪري نيٺ سزا ڏئي ۽ جن چڱايون ڪيون تن کي ڀلائيءَ جو بدلو ڏئي.
نجمقرآن فهرست
62آيت
MeccanRevelation
29آيت

ترجمو — نجم 29

سوره نجم آيت 29 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : پوءِ (اي پيغمبر) انھيءَ کان منھن موڙ جنھن اسان جي…

سوره آيت 29/62 — سوره نجم النجم (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره نجم ٻڌو, سوره نجم ترجمو, سوره نجم mp3, سوره نجم pdf. آيت 27–31. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers