انعام · 89/165
ترجمو لکڻ — سوره انعام
أُولَٰئِكَ الَّذِينَ آتَيْنَاهُمُ الْكِتَابَ وَالْحُكْمَ وَالنُّبُوَّةَ ۚ فَإِن يَكْفُرْ بِهَا هَٰؤُلَاءِ فَقَدْ وَكَّلْنَا بِهَا قَوْمًا لَّيْسُوا بِهَا بِكَافِرِينَ ۝٨٩
Ulaaa`ikal lazeena aatainaahumul Kitaaba wal hukma wan Nubuwwah; fa iny yakfur bihaa haaa`ulaaa`i faqad wakkalnaa bihaa qawmal laisoo bihaa bikaafireen
📖 سنڌيءَ ۾
اِھي اُھي آھن جن کي ڪتاب ۽ حِڪمت ۽ پيغمبري ڏني سون، پوءِ جيڪڏھن ھي ماڻھو (قرآن جي انھن) ڳالھين کي نه مڃين ته بيشڪ اسان ھڪ قوم کي مقرّر ڪيو آھي جي (قرآن جي انھن) ڳالھين جا انڪار ڪندڙ نه ٿيندا.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 87-91 — سوره انعام

87وَمِنْ آبَائِهِمْ وَذُرِّيَّاتِهِمْ وَإِخْوَانِهِمْ ۖ وَاجْتَبَيْنَاهُمْ وَهَدَيْنَاهُمْ إِلَىٰ صِرَاطٍ مُّسْتَقِيمٍ
۽ سندن پين ڏاڏن ۽ سندن اولاد ۽ سندن ڀائرن مان به، ۽ کين چونڊيوسون ۽ کين سڌي واٽ ڏانھن ھدايت ڪئي سون.
88ذَٰلِكَ هُدَى اللَّهِ يَهْدِي بِهِ مَن يَشَاءُ مِنْ عِبَادِهِ ۚ وَلَوْ أَشْرَكُوا لَحَبِطَ عَنْهُم مَّا كَانُوا يَعْمَلُونَ
اھا الله جي ھدايت آھي پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھري تنھن کي ان رستي لائي، ۽ جيڪڏھن (اھي ماڻھو) شرڪ ڪن ھا ته جيڪي ڪمايائون سو کانئن ضرور ناس ٿئي ھا.
89أُولَٰئِكَ الَّذِينَ آتَيْنَاهُمُ الْكِتَابَ وَالْحُكْمَ وَالنُّبُوَّةَ ۚ فَإِن يَكْفُرْ بِهَا هَٰؤُلَاءِ فَقَدْ وَكَّلْنَا بِهَا قَوْمًا لَّيْسُوا بِهَا بِكَافِرِينَ
اِھي اُھي آھن جن کي ڪتاب ۽ حِڪمت ۽ پيغمبري ڏني سون، پوءِ جيڪڏھن ھي ماڻھو (قرآن جي انھن) ڳالھين کي نه مڃين ته بيشڪ اسان ھڪ قوم کي مقرّر ڪيو آھي جي (قرآن جي انھن) ڳالھين جا انڪار ڪندڙ نه ٿيندا.
90أُولَٰئِكَ الَّذِينَ هَدَى اللَّهُ ۖ فَبِهُدَاهُمُ اقْتَدِهْ ۗ قُل لَّا أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ أَجْرًا ۖ إِنْ هُوَ إِلَّا ذِكْرَىٰ لِلْعَالَمِينَ
اِھي اُھي آھن جن کي الله ھدايت ڪئي آھي پوءِ تون به سندن طريقي جي پيروي ڪر، چؤ ته اوھان کان اُن (پيغام پُھچائڻ) تي ڪو اجورو نٿو گھُران، اِھو قرآن خاص جھانن لاءِ نصيحت آھي.
91وَمَا قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدْرِهِ إِذْ قَالُوا مَا أَنزَلَ اللَّهُ عَلَىٰ بَشَرٍ مِّن شَيْءٍ ۗ قُلْ مَنْ أَنزَلَ الْكِتَابَ الَّذِي جَاءَ بِهِ مُوسَىٰ نُورًا وَهُدًى لِّلنَّاسِ ۖ تَجْعَلُونَهُ قَرَاطِيسَ تُبْدُونَهَا وَتُخْفُونَ كَثِيرًا ۖ وَعُلِّمْتُم مَّا لَمْ تَعْلَمُوا أَنتُمْ وَلَا آبَاؤُكُمْ ۖ قُلِ اللَّهُ ۖ ثُمَّ ذَرْهُمْ فِي خَوْضِهِمْ يَلْعَبُونَ
۽ اُنھن (يھودين) الله جو سندس شان مطابق قدر نه ڪيو ھن ڪري جو چيائون ته الله ڪنھن ماڻھوءَ تي ڪُجھ نه لاٿو آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو ڪتاب ڪنھن لاٿو جيڪو موسىٰ آندو ھو؟ جو ماڻھن لاءِ نُور ۽ ھدايت ھو جنھن کي اوھين جزون جزون ڪريو ٿا اُن جي ڪنھن ڀاڱي کي پڌرو ڪندا آھيو ۽ گھڻو لڪائيندا آھيو، ۽ جيڪي (ڳالھيون) نڪي اوھين ۽ نڪي اوھان جا پيءُ ڏاڏا ڄاڻندا ھئا سي اوھان کي سيکاريون ويون، چؤ ته الله (ڪتاب لاٿو آھي) وري انھن کي سندن اجائي بحث ۾ راند ڪندو ڇڏي ڏي.
انعامقرآن فهرست
165آيت
MeccanRevelation
89آيت

ترجمو — انعام 89

سوره انعام آيت 89 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : اِھي اُھي آھن جن کي ڪتاب ۽ حِڪمت ۽ پيغمبري…

سوره آيت 89/165 — سوره انعام الأنعام (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره انعام ٻڌو, سوره انعام ترجمو, سوره انعام mp3, سوره انعام pdf. آيت 87–91. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers