صافات · 100/182
ترجمو لکڻ — صافات
رَبِّ هَبْ لِي مِنَ الصَّالِحِينَ ۝١٠٠
Rabbi hab lee minas saaliheen
📖 سنڌيءَ ۾
اي منھنجا پالڻھار صالحن مان (ڪو پُٽ) مون کي عطا ڪر.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 98-102 — صافات

98فَأَرَادُوا بِهِ كَيْدًا فَجَعَلْنَاهُمُ الْأَسْفَلِينَ
پوءِ ساڻس فريب ڪرڻ جو ارادو ڪيائون پوءِ کين تمام زير ڪيوسون.
99وَقَالَ إِنِّي ذَاهِبٌ إِلَىٰ رَبِّي سَيَهْدِينِ
۽ ابراھيم چيو ته بيشڪ آءٌ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وڃڻ وارو آھيان (اھو) سگھوئي مون کي واٽ ڏيکاريندو (جتي سندس رضا ھوندي).
100رَبِّ هَبْ لِي مِنَ الصَّالِحِينَ
اي منھنجا پالڻھار صالحن مان (ڪو پُٽ) مون کي عطا ڪر.
101فَبَشَّرْنَاهُ بِغُلَامٍ حَلِيمٍ
پوءِ کيس ھڪ حليمت واري نينگر جي خوشخبري ڏني سون.
102فَلَمَّا بَلَغَ مَعَهُ السَّعْيَ قَالَ يَا بُنَيَّ إِنِّي أَرَىٰ فِي الْمَنَامِ أَنِّي أَذْبَحُكَ فَانظُرْ مَاذَا تَرَىٰ ۚ قَالَ يَا أَبَتِ افْعَلْ مَا تُؤْمَرُ ۖ سَتَجِدُنِي إِن شَاءَ اللَّهُ مِنَ الصَّابِرِينَ
پوءِ جڏھن ساڻس گڏ ڊوڙڻ (واريءَ عمر) کي پھتو (تڏھن ابراھيم) چيو ته اي منھنجا پُٽڙا بيشڪ آءٌ ننڊ ۾ ڏسان ٿو ته آءٌ توکي ڪُھان ٿو پوءِ تون نظر ڪر ته تنھنجي دل ۾ ڇا ٿو اچي؟ چيائين ته اي مُنھنجا ابا جنھن ڪم جو توکي حُڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪر جيڪڏھن الله گھريو ته مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لھندين.
صافاتقرآن فهرست
182آيت
MeccanRevelation
100آيت

ترجمو — صافات 100

سورو صافات آيت 100 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : اي منھنجا پالڻھار صالحن مان (ڪو پُٽ) مون کي عطا…

سورو آيت 100/182 — صافات الصافات (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: صافات ٻڌو, صافات ترجمو, صافات mp3, صافات pdf. آيت 98–102. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers