سورو یونس عربي ۽ سنڌي

سورو یونس مڪمل سنڌي ترجمي سان پڙهو. عربي متن، سنڌي ترجمو ۽ آواز تلاوت. (109 آيت — مكية). یونس ٻڌو, یونس ترجمو, یونس mp3, یونس pdf.

سورو یونس پڙهو ۽ ٻڌو

🎧 آيت
M Mishary Rashid Alafasy
M Mahmoud Khalil Al-Husary
A Abdurrahman As-Sudais
M Mohamed Siddiq Al-Minshawi
A Abdul Basit Abdul Samad
A Ali Al-Hudhaify
A Ahmed ibn Ali al-Ajamy
A Abu Bakr Ash-Shaatree
M Muhammad Ayyoub
A Abdullah Basfar
A Abdullah Al-Juhani
M Maher Al Muaiqly
x1
الر ۚ تِلْكَ آيَاتُ الْكِتَابِ الْحَكِيمِ ۝١
📖 ترجمو آيت 1
الٓرٰ، ھيءُ آيتون حِڪمت واري ڪتاب جون آھن.
أَكَانَ لِلنَّاسِ عَجَبًا أَنْ أَوْحَيْنَا إِلَىٰ رَجُلٍ مِّنْهُمْ أَنْ أَنذِرِ النَّاسَ وَبَشِّرِ الَّذِينَ آمَنُوا أَنَّ لَهُمْ قَدَمَ صِدْقٍ عِندَ رَبِّهِمْ ۗ قَالَ الْكَافِرُونَ إِنَّ هَٰذَا لَسَاحِرٌ مُّبِينٌ ۝٢
📖 ترجمو آيت 2
ماڻھن کي (ھيءَ ڳالھ) عجب ۾ وجھندي آھي ڇا ته منجھائن ھڪ مڙس ڏانھن وحي موڪليوسون ته ماڻھن کي ڊيڄار ۽ جن ايمان آندو تن کي خوشخبري ڏي ته انھن لاءِ سندن پالڻھار وٽ وڏومرتبو آھي، ڪافرن چيو ته ھي پڌرو جادوگر آھي.
إِنَّ رَبَّكُمُ اللَّهُ الَّذِي خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ فِي سِتَّةِ أَيَّامٍ ثُمَّ اسْتَوَىٰ عَلَى الْعَرْشِ ۖ يُدَبِّرُ الْأَمْرَ ۖ مَا مِن شَفِيعٍ إِلَّا مِن بَعْدِ إِذْنِهِ ۚ ذَٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُمْ فَاعْبُدُوهُ ۚ أَفَلَا تَذَكَّرُونَ ۝٣
📖 ترجمو آيت 3
بيشڪ اوھان جو پالڻھار اُھو الله آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو (۽) وري عرش ڏانھن توجّه ڪيائين اھوئي ڪمن کي رِٿيندو آھي، ڪوئي سفارش ڪندڙ نه آھي پر سندس اجازت کانپوءِ، اھوئي اوھان جو پالڻھار الله آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، پوءِ ڇونه نصيحت وٺندا آھيو؟
إِلَيْهِ مَرْجِعُكُمْ جَمِيعًا ۖ وَعْدَ اللَّهِ حَقًّا ۚ إِنَّهُ يَبْدَأُ الْخَلْقَ ثُمَّ يُعِيدُهُ لِيَجْزِيَ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ بِالْقِسْطِ ۚ وَالَّذِينَ كَفَرُوا لَهُمْ شَرَابٌ مِّنْ حَمِيمٍ وَعَذَابٌ أَلِيمٌ بِمَا كَانُوا يَكْفُرُونَ ۝٤
📖 ترجمو آيت 4
اوھان مڙني جو ڏانھس موٽڻ آھي، الله جو انجام سچو آھي، اھوئي پھريون (به) بڻائيندو آھي وري (به) کين ھن لاءِ موٽائي بڻائيندو ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي انصاف سان بدلو ڏئي، ۽ جن نه مڃيو تن لاءِ ٽھڪندڙ پاڻي ۽ ڏکوئيندڙ عذاب انھيءَ ڪري آھي جو ڪُفر ڪيو ھئائون.
هُوَ الَّذِي جَعَلَ الشَّمْسَ ضِيَاءً وَالْقَمَرَ نُورًا وَقَدَّرَهُ مَنَازِلَ لِتَعْلَمُوا عَدَدَ السِّنِينَ وَالْحِسَابَ ۚ مَا خَلَقَ اللَّهُ ذَٰلِكَ إِلَّا بِالْحَقِّ ۚ يُفَصِّلُ الْآيَاتِ لِقَوْمٍ يَعْلَمُونَ ۝٥
📖 ترجمو آيت 5
اُھو (الله) آھي جنھن سج کي چمڪندڙ ۽ چنڊ کي روشن ڪيو ۽ اُن (چنڊ) جون منزلون ھن لاءِ مَقرّر ڪيون ته اوھين ورھن جو ڳاڻيٽو ۽ حساب ڄاڻو، الله اِھو سچ کانسواءِ نه بڻايو آھي، ڄاڻندڙ قوم لاءِ کولي نشانيون بيان ڪندو آھي.
إِنَّ فِي اخْتِلَافِ اللَّيْلِ وَالنَّهَارِ وَمَا خَلَقَ اللَّهُ فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ لَآيَاتٍ لِّقَوْمٍ يَتَّقُونَ ۝٦
📖 ترجمو آيت 6
بيشڪ رات ۽ ڏينھن جي ڦيرگھير (۾) ۽ الله جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ بڻايو تنھن ۾ پرھيزگار قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن.
إِنَّ الَّذِينَ لَا يَرْجُونَ لِقَاءَنَا وَرَضُوا بِالْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَاطْمَأَنُّوا بِهَا وَالَّذِينَ هُمْ عَنْ آيَاتِنَا غَافِلُونَ ۝٧
📖 ترجمو آيت 7
بيشڪ جيڪي اسان جي ملڻ جو آسرو نه ٿا رکن ۽ دنيا جي حياتيءَ ساڻ ريجھي ويا ۽ اُنھيءَ سان آرامي ٿي رھيا ۽ اُھي جيڪي اسان جي آيتن کان بيخبر رھيا.
أُولَٰئِكَ مَأْوَاهُمُ النَّارُ بِمَا كَانُوا يَكْسِبُونَ ۝٨
📖 ترجمو آيت 8
اھي جيڪي ڪمائيندا رھيا تنھن سببان انھن جو مڪان باھ آھي.
إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ يَهْدِيهِمْ رَبُّهُم بِإِيمَانِهِمْ ۖ تَجْرِي مِن تَحْتِهِمُ الْأَنْهَارُ فِي جَنَّاتِ النَّعِيمِ ۝٩
📖 ترجمو آيت 9
(۽) جن مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن پالڻھار سندن ايمان سببان (اھڙن بھشتن ڏانھن) سڌو رستو ڏيکاريندو، جن جي ھيٺان نعمتن وارن باغن ۾ واھيون وھنديون آھن.
دَعْوَاهُمْ فِيهَا سُبْحَانَكَ اللَّهُمَّ وَتَحِيَّتُهُمْ فِيهَا سَلَامٌ ۚ وَآخِرُ دَعْوَاهُمْ أَنِ الْحَمْدُ لِلَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ ۝١٠
📖 ترجمو آيت 10
منجھن سندين دُعا (ھيءَ) آھي ته اي الله توکي پاڪائي جڳائي ۽ منجھن سندن آڌرڀاءُ سلام آھي، سندين پوئين دُعا ھيءَ آھي ته سڀ ساراھ جھانن جي پالڻھار الله کي جُڳائي.
۞ وَلَوْ يُعَجِّلُ اللَّهُ لِلنَّاسِ الشَّرَّ اسْتِعْجَالَهُم بِالْخَيْرِ لَقُضِيَ إِلَيْهِمْ أَجَلُهُمْ ۖ فَنَذَرُ الَّذِينَ لَا يَرْجُونَ لِقَاءَنَا فِي طُغْيَانِهِمْ يَعْمَهُونَ ۝١١
📖 ترجمو آيت 11
۽ جيڪڏھن الله ماڻھن لاءِ مدائي جلد موڪلي ھا جھڙو اُھي پنھنجي چڱائي جلد گھرندا آھن ته سندين (ٺھرايل) مدت انھن لاءِ پوري ڪئي وڃي ھا، پوءِ جيڪي اسان جي ملڻ جي اميد نه رکندا آھن تن کي سندن گمراھيءَ ۾ حيران ڇڏيندا آھيون.
وَإِذَا مَسَّ الْإِنسَانَ الضُّرُّ دَعَانَا لِجَنبِهِ أَوْ قَاعِدًا أَوْ قَائِمًا فَلَمَّا كَشَفْنَا عَنْهُ ضُرَّهُ مَرَّ كَأَن لَّمْ يَدْعُنَا إِلَىٰ ضُرٍّ مَّسَّهُ ۚ كَذَٰلِكَ زُيِّنَ لِلْمُسْرِفِينَ مَا كَانُوا يَعْمَلُونَ ۝١٢
📖 ترجمو آيت 12
۽ جنھن مھل ماڻھوءَ کي ڪو ڏُک پھچندو آھي (ته) پنھنجي پاسي ڀر ويٺي يا بيٺي اسان کي سڏيندو آھي، پوءِ جنھن مھل کانئس سندس ڏک لاھيندا آھيون (ته اُن وقت اھڙي ويساري ۾ پئجي) ھليو ويندو آھي (جو) ڄڻڪ کيس جا اوکائي پُھتي ھئي تنھن (جي لاھڻ) لاءِ اسان کي سڏيو ئي نه ھوائين، اھڙي طرح حد کان لنگھندڙ جيڪي ڪندا آھن سو اُنھن لاءِ سينگاريو ويو آھي.
وَلَقَدْ أَهْلَكْنَا الْقُرُونَ مِن قَبْلِكُمْ لَمَّا ظَلَمُوا ۙ وَجَاءَتْهُمْ رُسُلُهُم بِالْبَيِّنَاتِ وَمَا كَانُوا لِيُؤْمِنُوا ۚ كَذَٰلِكَ نَجْزِي الْقَوْمَ الْمُجْرِمِينَ ۝١٣
📖 ترجمو آيت 13
۽ بيشڪ اوھان کان اڳ (گھڻن) جُڳن وارن جڏھن ظلم ڪيو ته (کين) ھلاڪ ڪيو اٿون ۽ وٽن سندن پيغمبر چِٽن معجزن سان آيا ۽ اھڙا نه ھوا جو ايمان آڻين، اھڙي طرح ڏوھارڻ قوم کي سزا ڏيندا آھيون.
ثُمَّ جَعَلْنَاكُمْ خَلَائِفَ فِي الْأَرْضِ مِن بَعْدِهِمْ لِنَنظُرَ كَيْفَ تَعْمَلُونَ ۝١٤
📖 ترجمو آيت 14
وري کائن پوءِ مُلڪ ۾ اوھان کي سندين جاڳھن تي وھاريوسون ته اوھين ڪھڙي طرح ڪم ڪريو ٿا.
وَإِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِمْ آيَاتُنَا بَيِّنَاتٍ ۙ قَالَ الَّذِينَ لَا يَرْجُونَ لِقَاءَنَا ائْتِ بِقُرْآنٍ غَيْرِ هَٰذَا أَوْ بَدِّلْهُ ۚ قُلْ مَا يَكُونُ لِي أَنْ أُبَدِّلَهُ مِن تِلْقَاءِ نَفْسِي ۖ إِنْ أَتَّبِعُ إِلَّا مَا يُوحَىٰ إِلَيَّ ۖ إِنِّي أَخَافُ إِنْ عَصَيْتُ رَبِّي عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيمٍ ۝١٥
📖 ترجمو آيت 15
۽ جڏھن اسان جون چٽيون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن (ته) جيڪي اسان جي ملڻ جي اُميد نه رکندا آھن سي چوندا آھن ته ھن کانسواءِ ٻيو قرآن آڻ يا کيس مٽاءِ، چؤ ته پنھنجي طرفان ان جي مٽائڻ جو مون کي اختيار ڪونھي، جيڪي مونکي وحي ڪيو ويندو آھي تنھن کانسواءِ (ٻئي ڪنھن جي) تابعداري نه ڪندو آھيان، بيشڪ آءٌ جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار جي نافرماني ڪريان ته وڏي ڏينھن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.
قُل لَّوْ شَاءَ اللَّهُ مَا تَلَوْتُهُ عَلَيْكُمْ وَلَا أَدْرَاكُم بِهِ ۖ فَقَدْ لَبِثْتُ فِيكُمْ عُمُرًا مِّن قَبْلِهِ ۚ أَفَلَا تَعْقِلُونَ ۝١٦
📖 ترجمو آيت 16
چؤ ته جيڪڏھن الله گھري ھا ته آءٌ اُن (قرآن) کي اوھان تي نه پڙھان ھا ۽ نڪي (الله) اُن سان اوھان کي ڄاڻي ھا، بيشڪ آءٌ اوھان ۾ ھن کان اڳ (سڄي) ڄمار رھيس (ته نه پڙھيم)، پوءِ ڇونه ٿا سمجھو؟
فَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّنِ افْتَرَىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَوْ كَذَّبَ بِآيَاتِهِ ۚ إِنَّهُ لَا يُفْلِحُ الْمُجْرِمُونَ ۝١٧
📖 ترجمو آيت 17
پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جو الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھي يا سندس آيتن کي ڪوڙ ڄاڻي، سچ آھي ته ڏوھاري نه ڇُٽندا.
وَيَعْبُدُونَ مِن دُونِ اللَّهِ مَا لَا يَضُرُّهُمْ وَلَا يَنفَعُهُمْ وَيَقُولُونَ هَٰؤُلَاءِ شُفَعَاؤُنَا عِندَ اللَّهِ ۚ قُلْ أَتُنَبِّئُونَ اللَّهَ بِمَا لَا يَعْلَمُ فِي السَّمَاوَاتِ وَلَا فِي الْأَرْضِ ۚ سُبْحَانَهُ وَتَعَالَىٰ عَمَّا يُشْرِكُونَ ۝١٨
📖 ترجمو آيت 18
۽ الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا آھن سي نڪي کين ڏک پھچائيندا آھن ۽ نڪي کين سُک پھچائيندا آھن ۽ چوندا آھن ته ھي الله وٽ اسان جا شفاعت ڪندڙ آھن، چؤ ته اوھين الله کي اھڙيءَ شيءَ بابت چتائيندا آھيو ڇا جيڪا شيء (ھو) نڪي آسمانن ۾ ۽ نڪي زمين ۾ ڄاڻندو آھي، اُھو پاڪ آھي ۽ جنھن شيء کي ساڻس شريڪ ڪندا آھيو تنھن کان اُھو مٿاھون آھي.
وَمَا كَانَ النَّاسُ إِلَّا أُمَّةً وَاحِدَةً فَاخْتَلَفُوا ۚ وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِن رَّبِّكَ لَقُضِيَ بَيْنَهُمْ فِيمَا فِيهِ يَخْتَلِفُونَ ۝١٩
📖 ترجمو آيت 19
۽ (اصل) ماڻھو ھڪ ٽوليءَ کانسواءِ نه ھوا پوءِ اختلاف ڪيائون، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جو حُڪم اڳ ٿيل نه ھجي ھا ته جنھن (ڳالھ) بابت اختلاف ڪن ٿا تنھنجو سندن وچ ۾ فيصلو پورو ڪيو وڃي ھا.
وَيَقُولُونَ لَوْلَا أُنزِلَ عَلَيْهِ آيَةٌ مِّن رَّبِّهِ ۖ فَقُلْ إِنَّمَا الْغَيْبُ لِلَّهِ فَانتَظِرُوا إِنِّي مَعَكُم مِّنَ الْمُنتَظِرِينَ ۝٢٠
📖 ترجمو آيت 20
۽ چوندا آھن ته سندن پالڻھار کان مٿس ڪو مُعجزو ڇونه لاٿو ويو آھي؟ چؤ ته ڳُجھ (جي خبر) الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي نه آھي پوءِ انتظار ڪريو، آءٌ به اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙ آھيان.
وَإِذَا أَذَقْنَا النَّاسَ رَحْمَةً مِّن بَعْدِ ضَرَّاءَ مَسَّتْهُمْ إِذَا لَهُم مَّكْرٌ فِي آيَاتِنَا ۚ قُلِ اللَّهُ أَسْرَعُ مَكْرًا ۚ إِنَّ رُسُلَنَا يَكْتُبُونَ مَا تَمْكُرُونَ ۝٢١
📖 ترجمو آيت 21
۽ جڏھن ماڻھن کي اوکائي پھچڻ کانپوءِ (پنھنجي) ٻاجھ (سان سُک جو مزو) چکائيندا آھيون (ته) اُتي جو اُتي اُنھن کي اسانجي آيتن ۾ بدگمانيون ٿينديون آھن، چؤ ته الله رِٿ رٿڻ ۾ ڏاڍو تڪڙو آھي، بيشڪ جيڪي اوھين بڇڙيون رٿون ڪندا آھيو سي اسانجا ملائڪ لکندا آھن.
هُوَ الَّذِي يُسَيِّرُكُمْ فِي الْبَرِّ وَالْبَحْرِ ۖ حَتَّىٰ إِذَا كُنتُمْ فِي الْفُلْكِ وَجَرَيْنَ بِهِم بِرِيحٍ طَيِّبَةٍ وَفَرِحُوا بِهَا جَاءَتْهَا رِيحٌ عَاصِفٌ وَجَاءَهُمُ الْمَوْجُ مِن كُلِّ مَكَانٍ وَظَنُّوا أَنَّهُمْ أُحِيطَ بِهِمْ ۙ دَعَوُا اللَّهَ مُخْلِصِينَ لَهُ الدِّينَ لَئِنْ أَنجَيْتَنَا مِنْ هَٰذِهِ لَنَكُونَنَّ مِنَ الشَّاكِرِينَ ۝٢٢
📖 ترجمو آيت 22
اُھو (الله) آھي جو اوھان کي بر ۽ دريائن ۾ گھمائيندو آھي، ايتري تائين جو جڏھن ٻيڙين ۾ ھوندا آھيو، ۽ (اُھي) پاتڻين سميت سڻائن وائن سان ھلنديون آھن ۽ اُنھن سان سرھا ٿيندا آھن ته اوچتو کين اڻائو واءُ پھچندو آھي ۽ کين چوڌاري لھر ايندي آھي ۽ ڀائيندا آھن ته بيشڪ (اُھا) کين ويڙھي ويئي (ته) الله جي عبادت ۾ سچائيءَ وارا ٿي کيس سڏيندا آھن، (۽ چوندا آھن) ته جيڪڏھن ھن (اوکائي) کان اسان کي بچائين ته ضرور شڪراني ڪندڙن مان ٿينداسون.
فَلَمَّا أَنجَاهُمْ إِذَا هُمْ يَبْغُونَ فِي الْأَرْضِ بِغَيْرِ الْحَقِّ ۗ يَا أَيُّهَا النَّاسُ إِنَّمَا بَغْيُكُمْ عَلَىٰ أَنفُسِكُم ۖ مَّتَاعَ الْحَيَاةِ الدُّنْيَا ۖ ثُمَّ إِلَيْنَا مَرْجِعُكُمْ فَنُنَبِّئُكُم بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ ۝٢٣
📖 ترجمو آيت 23
پوءِ جنھن مھل کين ڇڏايائين (ته) اُتي جو اُتي مُلڪ ۾ ناحق شرارت ڪندا آھن، اي ماڻھؤ اوھان جو شرارتون اوھان تي ئي آھن (ھيءُ) دُنيا جي حياتي جو فائدو (لڌو) وري اوھان جو موٽڻ اسان ڏانھن آھي پوءِ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي اوھان کي سُڌ ڏينداسون.
إِنَّمَا مَثَلُ الْحَيَاةِ الدُّنْيَا كَمَاءٍ أَنزَلْنَاهُ مِنَ السَّمَاءِ فَاخْتَلَطَ بِهِ نَبَاتُ الْأَرْضِ مِمَّا يَأْكُلُ النَّاسُ وَالْأَنْعَامُ حَتَّىٰ إِذَا أَخَذَتِ الْأَرْضُ زُخْرُفَهَا وَازَّيَّنَتْ وَظَنَّ أَهْلُهَا أَنَّهُمْ قَادِرُونَ عَلَيْهَا أَتَاهَا أَمْرُنَا لَيْلًا أَوْ نَهَارًا فَجَعَلْنَاهَا حَصِيدًا كَأَن لَّمْ تَغْنَ بِالْأَمْسِ ۚ كَذَٰلِكَ نُفَصِّلُ الْآيَاتِ لِقَوْمٍ يَتَفَكَّرُونَ ۝٢٤
📖 ترجمو آيت 24
دُنيا جي حياتي جو مثال رڳو انھي پاڻي وانگر آھي جنھن کي آسمان کان وسايوسون پوءِ ساڻس زمين جا (اُھي) اوڀڙ رليا مليا جن مان ماڻھو ۽ ڍور کائيندا آھن، ايتري تائين جو جنھن مھل زمين پنھنجي ساوڪ ورتي ۽ سينگاري ۽ سندس رھڻ وارن ڀانيو ته پاڻ مٿس وسوارا آھن (تنھن مھل) اوچتو اُن کي رات جو يا ڏينھن جو اسانجو حُڪم پھتو پوءِ اُن کي لُڻيل (ناس) ڪري ڇڏيوسون ڄڻڪ ڪالھ ئي نه ھُئي، اھڙي طرح سمجھندڙ قوم لاءِ کولي نشانيون بيان ڪندا آھيون.
وَاللَّهُ يَدْعُو إِلَىٰ دَارِ السَّلَامِ وَيَهْدِي مَن يَشَاءُ إِلَىٰ صِرَاطٍ مُّسْتَقِيمٍ ۝٢٥
📖 ترجمو آيت 25
۽ الله سلامتيءَ جي گھر ڏانھن سڏيندو آھي، ۽ جنھن کي وڻيس تنھن کي سڌي واٽ ڏانھن ھدايت ڪندو آھي.
۞ لِّلَّذِينَ أَحْسَنُوا الْحُسْنَىٰ وَزِيَادَةٌ ۖ وَلَا يَرْهَقُ وُجُوهَهُمْ قَتَرٌ وَلَا ذِلَّةٌ ۚ أُولَٰئِكَ أَصْحَابُ الْجَنَّةِ ۖ هُمْ فِيهَا خَالِدُونَ ۝٢٦
📖 ترجمو آيت 26
جن چڱائي ڪئي تن لاءِ (اَھڙي) چڱائي ۽ بلڪ وڌيڪ آھي، ۽ سندن منھن کي نڪي ڪارنھن ۽ نڪي خواري ويڙھيندي، اھي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.
وَالَّذِينَ كَسَبُوا السَّيِّئَاتِ جَزَاءُ سَيِّئَةٍ بِمِثْلِهَا وَتَرْهَقُهُمْ ذِلَّةٌ ۖ مَّا لَهُم مِّنَ اللَّهِ مِنْ عَاصِمٍ ۖ كَأَنَّمَا أُغْشِيَتْ وُجُوهُهُمْ قِطَعًا مِّنَ اللَّيْلِ مُظْلِمًا ۚ أُولَٰئِكَ أَصْحَابُ النَّارِ ۖ هُمْ فِيهَا خَالِدُونَ ۝٢٧
📖 ترجمو آيت 27
۽ جن بڇڙائي ڪمائي تن لاءِ اُن جھڙي بڇڙائي ۽ کين خواري ڍڪيندي، اُنھن کي الله (جي عذاب) کان ڪو بچائيندڙ نه آھي، ڄڻڪ سندن مُنھن کي اونداھي رات مان ذرو ڍڪايو ويو آھي، اھي دوزخي آھن، منجھس سدائين رھن وارا آھن.
وَيَوْمَ نَحْشُرُهُمْ جَمِيعًا ثُمَّ نَقُولُ لِلَّذِينَ أَشْرَكُوا مَكَانَكُمْ أَنتُمْ وَشُرَكَاؤُكُمْ ۚ فَزَيَّلْنَا بَيْنَهُمْ ۖ وَقَالَ شُرَكَاؤُهُم مَّا كُنتُمْ إِيَّانَا تَعْبُدُونَ ۝٢٨
📖 ترجمو آيت 28
۽ جنھن ڏينھن انھن مڙني کي گڏ ڪنداسون وري مشرڪن کي چونداسون ته اوھين ۽ اوھان جا (الله سان ٺھرايل) شريڪ پنھنجي ھنڌ بيھو، پوءِ سندن وچ ۾ جدائي وجھنداسون ۽ سندن شريڪ چوندا ته (اوھين) اسان کي نه پوڄيندا ھيؤ.
فَكَفَىٰ بِاللَّهِ شَهِيدًا بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمْ إِن كُنَّا عَنْ عِبَادَتِكُمْ لَغَافِلِينَ ۝٢٩
📖 ترجمو آيت 29
پوءِ اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ الله شاھد بس آھي ته اسين اوھان جي پوڄا کان ضرور بي خبر ھواسون.
هُنَالِكَ تَبْلُو كُلُّ نَفْسٍ مَّا أَسْلَفَتْ ۚ وَرُدُّوا إِلَى اللَّهِ مَوْلَاهُمُ الْحَقِّ ۖ وَضَلَّ عَنْهُم مَّا كَانُوا يَفْتَرُونَ ۝٣٠
📖 ترجمو آيت 30
اُن ھنڌ سڀ ڪنھن ماڻھو جيڪي اڳي موڪليو ھوندو سو (اُھو) لھندو ۽ پنھنجي سچي ڌڻي الله ڏانھن موٽايا ويندا ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيائون ٿي سو کائن ڀلجي ويندو.
قُلْ مَن يَرْزُقُكُم مِّنَ السَّمَاءِ وَالْأَرْضِ أَمَّن يَمْلِكُ السَّمْعَ وَالْأَبْصَارَ وَمَن يُخْرِجُ الْحَيَّ مِنَ الْمَيِّتِ وَيُخْرِجُ الْمَيِّتَ مِنَ الْحَيِّ وَمَن يُدَبِّرُ الْأَمْرَ ۚ فَسَيَقُولُونَ اللَّهُ ۚ فَقُلْ أَفَلَا تَتَّقُونَ ۝٣١
📖 ترجمو آيت 31
چؤ ته اوھان کي آسمان ۽ زمين مان ڪير روزي ڏيندو آھي؟ ڪنن ۽ اکين جو ٻيو ڪير مالڪ آھي ڇا؟ ۽ ڪير جيئري کي مُئي مان ڪڍندو آھي؟ ۽ ڪير مُئي کي جيئري مان ڪڍندو آھي؟ ۽ ڪير ڪمن کي رٿيندو آھي، پوءِ سُتت ئي چوندا ته الله، پوءِ چؤ ته ڇونه ڊڄندا آھيو؟
فَذَٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُمُ الْحَقُّ ۖ فَمَاذَا بَعْدَ الْحَقِّ إِلَّا الضَّلَالُ ۖ فَأَنَّىٰ تُصْرَفُونَ ۝٣٢
📖 ترجمو آيت 32
پوءِ اُھو ئي اوھان جو سچو پالڻھار الله آھي، پوءِ سچ کانپوءِ گمراھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڇا آھي، پوءِ ڪيڏي جو ڪيڏي ڦيرايا وڃو ٿا؟
كَذَٰلِكَ حَقَّتْ كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَى الَّذِينَ فَسَقُوا أَنَّهُمْ لَا يُؤْمِنُونَ ۝٣٣
📖 ترجمو آيت 33
اھڙي طرح تنھنجي پالڻھار جو حُڪم انھن بدڪارن تي لازم ٿيو آھي جو اُھي ايمان نه آڻيندا.
قُلْ هَلْ مِن شُرَكَائِكُم مَّن يَبْدَأُ الْخَلْقَ ثُمَّ يُعِيدُهُ ۚ قُلِ اللَّهُ يَبْدَأُ الْخَلْقَ ثُمَّ يُعِيدُهُ ۖ فَأَنَّىٰ تُؤْفَكُونَ ۝٣٤
📖 ترجمو آيت 34
چؤ ته اوھان جي معبودن مان ڪو آھي ڇا جو خلق کي نئي سر بڻائي وري کين (ماري) موٽائي جياري؟ چؤ ته الله نئي سر خلق کي بڻائي ٿو وري کيس موٽائي جياريندو پوءِ اوھين ڪيڏي جو ڪيڏي ڦيرايا ويندا آھيو.
قُلْ هَلْ مِن شُرَكَائِكُم مَّن يَهْدِي إِلَى الْحَقِّ ۚ قُلِ اللَّهُ يَهْدِي لِلْحَقِّ ۗ أَفَمَن يَهْدِي إِلَى الْحَقِّ أَحَقُّ أَن يُتَّبَعَ أَمَّن لَّا يَهِدِّي إِلَّا أَن يُهْدَىٰ ۖ فَمَا لَكُمْ كَيْفَ تَحْكُمُونَ ۝٣٥
📖 ترجمو آيت 35
چؤ ته اوھان جي معبودن مان ڪو آھي جو حق ڏانھن سِڌو رستو ڏيکاريندو آھي، چؤ ته الله سِڌو رستو ڏيکاريندو آھي، پوءِ جيڪو حق ڏانھن سِڌو رستو ڏيکاري سو تابعداري ڪرڻ جو وڌيڪ حقدار آھي يا اُھو جيڪو (پاڻ) رستي ڏيکارڻ کانسواءِ رستو نه لھندو ھُجي؟ پوءِ اوھان کي ڇا ٿيو، ڪھڙو نبيرو ڪريو ٿا؟
وَمَا يَتَّبِعُ أَكْثَرُهُمْ إِلَّا ظَنًّا ۚ إِنَّ الظَّنَّ لَا يُغْنِي مِنَ الْحَقِّ شَيْئًا ۚ إِنَّ اللَّهَ عَلِيمٌ بِمَا يَفْعَلُونَ ۝٣٦
📖 ترجمو آيت 36
۽ اُنھن مان گھڻا رڳو گُمان تي ھلندا آھن، بيشڪ گُمان سچ جي پورائي ڪجھ به نه ڪندو آھي، تحقيق جيڪي ڪندا آھن سو الله ڄاڻندڙ آھي.
وَمَا كَانَ هَٰذَا الْقُرْآنُ أَن يُفْتَرَىٰ مِن دُونِ اللَّهِ وَلَٰكِن تَصْدِيقَ الَّذِي بَيْنَ يَدَيْهِ وَتَفْصِيلَ الْكِتَابِ لَا رَيْبَ فِيهِ مِن رَّبِّ الْعَالَمِينَ ۝٣٧
📖 ترجمو آيت 37
۽ ھي قُرآن الله کان سواءِ پاڻون ٺھيل نه آھي پر کانئس اڳ جيڪي ڪتاب آھن تن جو سچو ڪندڙ آھي ۽ حُڪمن کي کولي بيان ڪندڙ آھي منجھس ڪو شڪ نه آھي جھانن جي پالڻھار کان آھي.
أَمْ يَقُولُونَ افْتَرَاهُ ۖ قُلْ فَأْتُوا بِسُورَةٍ مِّثْلِهِ وَادْعُوا مَنِ اسْتَطَعْتُم مِّن دُونِ اللَّهِ إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ ۝٣٨
📖 ترجمو آيت 38
يا چوندا آھن ته (ﷴ ﷺ) اُھو پاڻون ٺاھيو آھي، چؤ ته جيڪڏھن سچا آھيو ته جھڙيس ڪا سورة آڻيو ۽ الله کان سواءِ جنھن کي (سڏي) سگھو تنھن کي سڏيو.
بَلْ كَذَّبُوا بِمَا لَمْ يُحِيطُوا بِعِلْمِهِ وَلَمَّا يَأْتِهِمْ تَأْوِيلُهُ ۚ كَذَٰلِكَ كَذَّبَ الَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ ۖ فَانظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الظَّالِمِينَ ۝٣٩
📖 ترجمو آيت 39
بلڪ جنھن علم کي پھچي نه سگھيا تنھن کي ڪوڙ ڀانيائون ۽ اڃا وٽن سندس وعدن جي سچائي نه آئي آھي، جيڪي کائن اڳ ھوا تن به اھڙي طرح ڪوڙ ڀانيو ھو پوءِ ڏس ته ظالمن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي؟
وَمِنْهُم مَّن يُؤْمِنُ بِهِ وَمِنْهُم مَّن لَّا يُؤْمِنُ بِهِ ۚ وَرَبُّكَ أَعْلَمُ بِالْمُفْسِدِينَ ۝٤٠
📖 ترجمو آيت 40
۽ منجھائن ڪو اُن (قرآن) تي ايمان آڻيندو آھي ۽ منجھائن ڪو اُن تي ايمان نه آڻيندو آھي، تنھنجو پالڻھار فساد ڪندڙن کي چڱو ڄاڻندڙ آھي.
وَإِن كَذَّبُوكَ فَقُل لِّي عَمَلِي وَلَكُمْ عَمَلُكُمْ ۖ أَنتُم بَرِيئُونَ مِمَّا أَعْمَلُ وَأَنَا بَرِيءٌ مِّمَّا تَعْمَلُونَ ۝٤١
📖 ترجمو آيت 41
۽ جيڪڏھن توکي ڪوڙو ڀائين ته چؤ مون لاءِ پنھنجو عمل ۽ اوھان لاءِ پنھنجو عمل آھي، جيڪي (آءٌ) ڪريان ٿو تنھن کان اوھين بيزار آھيو ۽ جيڪي (اوھين) ڪريو ٿا تنھن کان آءٌ بيزار آھيان.
وَمِنْهُم مَّن يَسْتَمِعُونَ إِلَيْكَ ۚ أَفَأَنتَ تُسْمِعُ الصُّمَّ وَلَوْ كَانُوا لَا يَعْقِلُونَ ۝٤٢
📖 ترجمو آيت 42
۽ منجھائن ڪي توڏانھن (ڪن ڏيئي قرآن کي) ٻڌندا آھن، پوءِ تون ٻوڙن کي ٻڌائيندين ڇا جيتوڻيڪ نه سمجھندا ھجن؟
وَمِنْهُم مَّن يَنظُرُ إِلَيْكَ ۚ أَفَأَنتَ تَهْدِي الْعُمْيَ وَلَوْ كَانُوا لَا يُبْصِرُونَ ۝٤٣
📖 ترجمو آيت 43
۽ منجھائن ڪوئي توڏانھن نھاريندو آھي، پوءِ انڌن کي سِڌو رستو ڏيکاريندين ڇا؟ جيتوڻيڪ ڏسندا ئي نه ھُجن.
إِنَّ اللَّهَ لَا يَظْلِمُ النَّاسَ شَيْئًا وَلَٰكِنَّ النَّاسَ أَنفُسَهُمْ يَظْلِمُونَ ۝٤٤
📖 ترجمو آيت 44
الله ماڻھن تي ڪُجھ ظلم نه ڪندو آھي پر ماڻھو پاڻ تي ظلم ڪندا آھن.
وَيَوْمَ يَحْشُرُهُمْ كَأَن لَّمْ يَلْبَثُوا إِلَّا سَاعَةً مِّنَ النَّهَارِ يَتَعَارَفُونَ بَيْنَهُمْ ۚ قَدْ خَسِرَ الَّذِينَ كَذَّبُوا بِلِقَاءِ اللَّهِ وَمَا كَانُوا مُهْتَدِينَ ۝٤٥
📖 ترجمو آيت 45
۽ جنھن ڏينھن (الله) کين گڏ ڪندو تنھن ڏينھن ڄڻڪ (دنيا ۾) ڏينھن جي ھڪ گھڙيءَ کانسواءِ (وڌيڪ) ترسيائي نه ھوا پاڻ ۾ ھڪ ٻئي کي سڃاڻندا، بيشڪ جن الله جي ديدار کي ڪوڙ ڀانيو تن ڇيئو پاتو ۽ ھدايت وارا نه ھوا.
وَإِمَّا نُرِيَنَّكَ بَعْضَ الَّذِي نَعِدُهُمْ أَوْ نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِلَيْنَا مَرْجِعُهُمْ ثُمَّ اللَّهُ شَهِيدٌ عَلَىٰ مَا يَفْعَلُونَ ۝٤٦
📖 ترجمو آيت 46
۽ جيڪو انجام ساڻن ڪريون ٿا تنھن منجھان ڪجھ جي توکي ڏيکاريون ٿا يا توکي فوت ڪريون ته (ھر حال ۾) سندن موٽڻ اسان ڏانھن آھي وري جيڪي ڪندا آھن تنھن تي الله شاھد آھي.
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ رَّسُولٌ ۖ فَإِذَا جَاءَ رَسُولُهُمْ قُضِيَ بَيْنَهُم بِالْقِسْطِ وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ ۝٤٧
📖 ترجمو آيت 47
۽ سڀ ڪنھن اُمت لاءِ ھڪ پيغمبر آھي، پوءِ جڏھن سندن پيغمبر آيو (ته) سندن وچ ۾ اِنصاف سان نبيرو ڪيو ويو ۽ انھن تي ظلم نه ڪيو ويو.
وَيَقُولُونَ مَتَىٰ هَٰذَا الْوَعْدُ إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ ۝٤٨
📖 ترجمو آيت 48
۽ چوندا آھن ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اھو انجام ڪڏھن ٿيندو.
قُل لَّا أَمْلِكُ لِنَفْسِي ضَرًّا وَلَا نَفْعًا إِلَّا مَا شَاءَ اللَّهُ ۗ لِكُلِّ أُمَّةٍ أَجَلٌ ۚ إِذَا جَاءَ أَجَلُهُمْ فَلَا يَسْتَأْخِرُونَ سَاعَةً ۖ وَلَا يَسْتَقْدِمُونَ ۝٤٩
📖 ترجمو آيت 49
چؤ ته (آءٌ) الله جي مرضيءَ کانسواءِ پاڻ کي نڪي ڏک ۽ نڪي سُک پھچائي سگھان ٿو، سڀ ڪنھن اُمّت لاءِ ٺھرايل مُدت آھي، جڏھن سندين ٺھرايل مُدّت پُھچي ٿي ته ھڪ گھڙي دير نه ڪندا ۽ نڪي اڳڀرو ويندا.
قُلْ أَرَأَيْتُمْ إِنْ أَتَاكُمْ عَذَابُهُ بَيَاتًا أَوْ نَهَارًا مَّاذَا يَسْتَعْجِلُ مِنْهُ الْمُجْرِمُونَ ۝٥٠
📖 ترجمو آيت 50
چؤ ته مون کي خبر ڏيو ته جيڪڏھن سندس عذاب رات جو يا ڏينھن جو اوھان کي پُھچي ته (ڇا ڪري سگھندؤ) ڏوھاري ان کي ڪھڙو جلد گھُرندا آھن.
أَثُمَّ إِذَا مَا وَقَعَ آمَنتُم بِهِ ۚ آلْآنَ وَقَدْ كُنتُم بِهِ تَسْتَعْجِلُونَ ۝٥١
📖 ترجمو آيت 51
وري جنھن مھل (اُھو) پھچندو (ته) ان تي ايمان آڻيندؤ ڇا، (۽ چيو ويندن ته) ھاڻي (مڃيؤ)؟ ۽ بيشڪ (اڳي) ان کي تڪڙو گھرندا ھُيؤ.
ثُمَّ قِيلَ لِلَّذِينَ ظَلَمُوا ذُوقُوا عَذَابَ الْخُلْدِ هَلْ تُجْزَوْنَ إِلَّا بِمَا كُنتُمْ تَكْسِبُونَ ۝٥٢
📖 ترجمو آيت 52
وري ظالمن کي چيو ويندو ته ھميشگيءَ وارو عذاب چکو، جيڪي اوھين ڪمائيندا ھيؤ تنھن کانسواءِ اوھان کي ٻيو ڪو بدلو نه ڏبو.
۞ وَيَسْتَنبِئُونَكَ أَحَقٌّ هُوَ ۖ قُلْ إِي وَرَبِّي إِنَّهُ لَحَقٌّ ۖ وَمَا أَنتُم بِمُعْجِزِينَ ۝٥٣
📖 ترجمو آيت 53
۽ توکان خبر پڇندا آھن ته اھو (وعدو) سچ آھي؟ چؤ ته ھائو! مون کي پنھنجي پالڻھار جو قسم آھي ته ضرور سچ آھي، ۽ اوھين ٿڪائڻ وارا نه آھيو.
وَلَوْ أَنَّ لِكُلِّ نَفْسٍ ظَلَمَتْ مَا فِي الْأَرْضِ لَافْتَدَتْ بِهِ ۗ وَأَسَرُّوا النَّدَامَةَ لَمَّا رَأَوُا الْعَذَابَ ۖ وَقُضِيَ بَيْنَهُم بِالْقِسْطِ ۚ وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ ۝٥٤
📖 ترجمو آيت 54
۽ جيڪڏھن سڀڪنھن ظلم ڪندڙ جيءَ کي جيڪي زمين ۾ آھي سو ھجي ھا (اُھو) ضرور پنھنجو عوض ڏئي ڇڏي ھا، ۽ جڏھن عذاب ڏسندا ته ڳجھو لڄي ٿيندا، ۽ سندن وچ ۾ انصاف سان نبيرو ڪيو ويندو ۽ انھن تي ظلم نه ڪبو.
أَلَا إِنَّ لِلَّهِ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۗ أَلَا إِنَّ وَعْدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُونَ ۝٥٥
📖 ترجمو آيت 55
خبردار بيشڪ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، خبردار الله جو انجام سچو آھي پر اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.
هُوَ يُحْيِي وَيُمِيتُ وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ ۝٥٦
📖 ترجمو آيت 56
اُھو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي ۽ اوھين ڏانھس موٽايا ويندؤ.
يَا أَيُّهَا النَّاسُ قَدْ جَاءَتْكُم مَّوْعِظَةٌ مِّن رَّبِّكُمْ وَشِفَاءٌ لِّمَا فِي الصُّدُورِ وَهُدًى وَرَحْمَةٌ لِّلْمُؤْمِنِينَ ۝٥٧
📖 ترجمو آيت 57
اي ماڻھو اوھان جي پالڻھار کان اوھان وٽ نصيحت ۽ جيڪا (بيماري) سينن ۾ آھي تنھن لاءِ شفا ۽ مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ رحمت آئي آھي.
قُلْ بِفَضْلِ اللَّهِ وَبِرَحْمَتِهِ فَبِذَٰلِكَ فَلْيَفْرَحُوا هُوَ خَيْرٌ مِّمَّا يَجْمَعُونَ ۝٥٨
📖 ترجمو آيت 58
چؤ ته الله جي فضل سان ۽ سندس ٻاجھ سان (نازل ٿيو آھي) پوءِ اُن سان خوش ٿيڻ گھرجين، جو گڏ ڪندا آھن تنھن کان اُھو ڀلو آھي.
قُلْ أَرَأَيْتُم مَّا أَنزَلَ اللَّهُ لَكُم مِّن رِّزْقٍ فَجَعَلْتُم مِّنْهُ حَرَامًا وَحَلَالًا قُلْ آللَّهُ أَذِنَ لَكُمْ ۖ أَمْ عَلَى اللَّهِ تَفْتَرُونَ ۝٥٩
📖 ترجمو آيت 59
چؤ ته ڪي ڏسو ٿا ته الله روزيءَ مان جيڪي اوھان ڏانھن لاٿو آھي پوءِ منجھانئس اوھان (پاڻ) ڪُجھ حرام ۽ ڪُجھ حلال ڪيو آھي، چؤ ته الله اوھان کي موڪل ڏني آھي ڇا؟ يا الله تي ٺاھ ٺاھيندا آھيو؟
وَمَا ظَنُّ الَّذِينَ يَفْتَرُونَ عَلَى اللَّهِ الْكَذِبَ يَوْمَ الْقِيَامَةِ ۗ إِنَّ اللَّهَ لَذُو فَضْلٍ عَلَى النَّاسِ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَشْكُرُونَ ۝٦٠
📖 ترجمو آيت 60
۽ جيڪي الله تي ڪوڙ ٺاھيندا آھن تن کي قيامت جي ڏينھن ڪھڙو گمان آھي (ته کين) عذاب نه ڪندو ڇا؟ بيشڪ الله ماڻھن تي ضرور وڏي فضل ڪرڻ وارو آھي پر اُنھن مان گھڻا شڪرانو نه ڪندا آھن.
وَمَا تَكُونُ فِي شَأْنٍ وَمَا تَتْلُو مِنْهُ مِن قُرْآنٍ وَلَا تَعْمَلُونَ مِنْ عَمَلٍ إِلَّا كُنَّا عَلَيْكُمْ شُهُودًا إِذْ تُفِيضُونَ فِيهِ ۚ وَمَا يَعْزُبُ عَن رَّبِّكَ مِن مِّثْقَالِ ذَرَّةٍ فِي الْأَرْضِ وَلَا فِي السَّمَاءِ وَلَا أَصْغَرَ مِن ذَٰلِكَ وَلَا أَكْبَرَ إِلَّا فِي كِتَابٍ مُّبِينٍ ۝٦١
📖 ترجمو آيت 61
۽ ڪنھن حال ۾ نه ھوندو آھين ۽ الله جي طرف کان آيل قرآن مان جيڪي نه پڙھندو آھين ۽ ڪوبه ڪم اوھين نه ٿا ڪريو جڏھن منجھس لڳا رھندا آھيو ته اسين ئي اوھان وٽ حاضر آھيون، ۽ تنھنجي پالڻھار کان ذري جيترو نڪي زمين ۾ نڪي آسمان ۾ ڳجھو رھندو آھي ۽ نڪي اُن کان ٿورو ۽ نڪي گھڻو پر (سڀ) پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) آھي.
أَلَا إِنَّ أَوْلِيَاءَ اللَّهِ لَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ ۝٦٢
📖 ترجمو آيت 62
خبردار! الله جي پيارن کي نڪي ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.
الَّذِينَ آمَنُوا وَكَانُوا يَتَّقُونَ ۝٦٣
📖 ترجمو آيت 63
جن ايمان آندو ۽ پرھيزگاري ڪئي اٿن.
لَهُمُ الْبُشْرَىٰ فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَفِي الْآخِرَةِ ۚ لَا تَبْدِيلَ لِكَلِمَاتِ اللَّهِ ۚ ذَٰلِكَ هُوَ الْفَوْزُ الْعَظِيمُ ۝٦٤
📖 ترجمو آيت 64
تن لاءِ دُنيا جي حياتي ۽ آخرت ۾ خوشخبري آھي، الله جي حُڪمن کي ڪا ڦير گھير ڪانھي، اھائي وڏي مُراد ماڻڻ آھي.
وَلَا يَحْزُنكَ قَوْلُهُمْ ۘ إِنَّ الْعِزَّةَ لِلَّهِ جَمِيعًا ۚ هُوَ السَّمِيعُ الْعَلِيمُ ۝٦٥
📖 ترجمو آيت 65
۽ سندن چوڻ توکي نه ڏکوئي، بيشڪ سڀ غلبو الله جو ئي آھي، اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
أَلَا إِنَّ لِلَّهِ مَن فِي السَّمَاوَاتِ وَمَن فِي الْأَرْضِ ۗ وَمَا يَتَّبِعُ الَّذِينَ يَدْعُونَ مِن دُونِ اللَّهِ شُرَكَاءَ ۚ إِن يَتَّبِعُونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِنْ هُمْ إِلَّا يَخْرُصُونَ ۝٦٦
📖 ترجمو آيت 66
خبردار بيشڪ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ جيڪي الله کانسواءِ ٻـين شريڪن جي عبادت ڪندا آھن سي (حقيقت ۾) گمان کانسواءِ ٻئي جي تابعداري نه ڪندا آھن ۽ اُھي رڳو اٽڪلون ڪندا آھن.
هُوَ الَّذِي جَعَلَ لَكُمُ اللَّيْلَ لِتَسْكُنُوا فِيهِ وَالنَّهَارَ مُبْصِرًا ۚ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَاتٍ لِّقَوْمٍ يَسْمَعُونَ ۝٦٧
📖 ترجمو آيت 67
اُھو (الله) آھي جنھن اوھان لاءِ رات کي ھن ڪري بڻايو ته منجھس آرام ڪريو ۽ ڏينھن کي روشن بڻايائين، بيشڪ اُن ۾ ٻڌندڙ قوم لاءِ نشانيون آھن.
قَالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا ۗ سُبْحَانَهُ ۖ هُوَ الْغَنِيُّ ۖ لَهُ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الْأَرْضِ ۚ إِنْ عِندَكُم مِّن سُلْطَانٍ بِهَٰذَا ۚ أَتَقُولُونَ عَلَى اللَّهِ مَا لَا تَعْلَمُونَ ۝٦٨
📖 ترجمو آيت 68
ڪافر چون ٿا ته الله (پنھنجي لاءِ) اولاد ورتو آھي اُھو پاڪ آھي، اُھو بي پرواہ آھي، جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو ان جو آھي، ھن (پٽ جي چوڻ) بابت اوھان وٽ ڪا سَند نه آھي، جيڪي نه ڄاڻندا آھيو سو ڇو الله تي چوندا آھيو.
قُلْ إِنَّ الَّذِينَ يَفْتَرُونَ عَلَى اللَّهِ الْكَذِبَ لَا يُفْلِحُونَ ۝٦٩
📖 ترجمو آيت 69
چؤ جيڪي الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيندا آھن سي نه ڇٽندا.
مَتَاعٌ فِي الدُّنْيَا ثُمَّ إِلَيْنَا مَرْجِعُهُمْ ثُمَّ نُذِيقُهُمُ الْعَذَابَ الشَّدِيدَ بِمَا كَانُوا يَكْفُرُونَ ۝٧٠
📖 ترجمو آيت 70
دنيا ۾ ٿورو آسودو گذران ھوندن وري اسان وٽ سندن موٽڻ آھي پوءِ کين انھي سببان سخت عذاب چکائينداسين جو ڪُفر ڪندا آھن.
۞ وَاتْلُ عَلَيْهِمْ نَبَأَ نُوحٍ إِذْ قَالَ لِقَوْمِهِ يَا قَوْمِ إِن كَانَ كَبُرَ عَلَيْكُم مَّقَامِي وَتَذْكِيرِي بِآيَاتِ اللَّهِ فَعَلَى اللَّهِ تَوَكَّلْتُ فَأَجْمِعُوا أَمْرَكُمْ وَشُرَكَاءَكُمْ ثُمَّ لَا يَكُنْ أَمْرُكُمْ عَلَيْكُمْ غُمَّةً ثُمَّ اقْضُوا إِلَيَّ وَلَا تُنظِرُونِ ۝٧١
📖 ترجمو آيت 71
۽ نُوح جو قصو کين پڙھي ٻُڌاءِ، جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته اي منھنجي قوم جيڪڏھن منھنجو رھڻ ۽ الله جي آيتن سان منھنجي نصيحت ڏيڻ اوھان تي ڳوري ٿي آھي ته الله تي ڀروسو ڪيم پوءِ پنھنجي ڪم ۽ پنھنجن شريڪن جي مدد سان گڏجي صلاح ڪريو پوءِ اوھان جو ڪم اوھان کان ڳجھو رھجي نه وڃي ته پوءِ مون سان ڪري گذرو ۽ مون کي ڍر نه ڏيو.
فَإِن تَوَلَّيْتُمْ فَمَا سَأَلْتُكُم مِّنْ أَجْرٍ ۖ إِنْ أَجْرِيَ إِلَّا عَلَى اللَّهِ ۖ وَأُمِرْتُ أَنْ أَكُونَ مِنَ الْمُسْلِمِينَ ۝٧٢
📖 ترجمو آيت 72
پوءِ جيڪڏھن (منھنجي چوڻ کان) ڦريؤ (ته ڇا ٿيو) مون اوھان کان ڪو اجورو نه گھريو ھو، منھنجو اُجورو الله کانسواءِ ٻئي تي نه آھي ۽ مون کي حُڪم ڪيو ويو آھي ته مُسلمانن مان ھجان.
فَكَذَّبُوهُ فَنَجَّيْنَاهُ وَمَن مَّعَهُ فِي الْفُلْكِ وَجَعَلْنَاهُمْ خَلَائِفَ وَأَغْرَقْنَا الَّذِينَ كَذَّبُوا بِآيَاتِنَا ۖ فَانظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُنذَرِينَ ۝٧٣
📖 ترجمو آيت 73
پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون پوءِ کيس ۽ جيڪي ٻيڙي ۾ ساڻس ھوا تن کي بچايوسون ۽ کين انھن (ڪافرن) جو جانشين ڪيوسون ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو تن کي ٻوڙيوسون، پوءِ ڏس ته جن کي ڊيڄاريو ويو تن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي.
ثُمَّ بَعَثْنَا مِن بَعْدِهِ رُسُلًا إِلَىٰ قَوْمِهِمْ فَجَاءُوهُم بِالْبَيِّنَاتِ فَمَا كَانُوا لِيُؤْمِنُوا بِمَا كَذَّبُوا بِهِ مِن قَبْلُ ۚ كَذَٰلِكَ نَطْبَعُ عَلَىٰ قُلُوبِ الْمُعْتَدِينَ ۝٧٤
📖 ترجمو آيت 74
پوءِ اُن (نوح) کانپوءِ (گھڻا) پيغمبر سندن قوم ڏانھن موڪلياسون پوءِ وٽن پڌرن مُعجزن سان آيا پوءِ اھڙا نه ھوا جو جنھن شيء کي پھريائين ڪوڙ ڀانيو ھئائون تنھن تي ايمان آڻين، اھڙي طرح حد کان لنگھندڙن جي دلين تي مھر ھڻندا آھيون.
ثُمَّ بَعَثْنَا مِن بَعْدِهِم مُّوسَىٰ وَهَارُونَ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ وَمَلَئِهِ بِآيَاتِنَا فَاسْتَكْبَرُوا وَكَانُوا قَوْمًا مُّجْرِمِينَ ۝٧٥
📖 ترجمو آيت 75
وري کائن پوءِ مُوسىٰ ۽ ھارون کي فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن پنھنجن مُعجزن سميت موڪليوسون پوءِ وڏائي ڪيائون ۽ ڏوھارڻ قوم ھُئي.
فَلَمَّا جَاءَهُمُ الْحَقُّ مِنْ عِندِنَا قَالُوا إِنَّ هَٰذَا لَسِحْرٌ مُّبِينٌ ۝٧٦
📖 ترجمو آيت 76
پوءِ جنھن مھل وٽن اسان وٽان سچي ڳالھ آئي (تڏھن) چيائون ته بيشڪ ھي پڌرو جادو آڳي.
قَالَ مُوسَىٰ أَتَقُولُونَ لِلْحَقِّ لَمَّا جَاءَكُمْ ۖ أَسِحْرٌ هَٰذَا وَلَا يُفْلِحُ السَّاحِرُونَ ۝٧٧
📖 ترجمو آيت 77
مُوسىٰ چيو جڏھن اوھان وٽ حق آيو (ته) اُن لاءِ ڇو چوندا آھيو (ته جادو آھي)؟ ھي جادو آھي ڇا؟ ۽ جادوگر نه ڇٽندا.
قَالُوا أَجِئْتَنَا لِتَلْفِتَنَا عَمَّا وَجَدْنَا عَلَيْهِ آبَاءَنَا وَتَكُونَ لَكُمَا الْكِبْرِيَاءُ فِي الْأَرْضِ وَمَا نَحْنُ لَكُمَا بِمُؤْمِنِينَ ۝٧٨
📖 ترجمو آيت 78
چيائون ته اسان وٽ ھن لاءِ آيو آھين ڇا ته جنھن (مذھب) تي اسان پنھنجا پيءُ ڏاڏا ڏٺا تنھن کان اسان کي روڪين ۽ مُلڪ ۾ اوھان (ٻنھي) لاءِ وڏائي ھجي؟ ۽ اسين اوھان کي مڃڻ وارا نه آھيون.
وَقَالَ فِرْعَوْنُ ائْتُونِي بِكُلِّ سَاحِرٍ عَلِيمٍ ۝٧٩
📖 ترجمو آيت 79
۽ فرعون چيو ته سڀئي ھوشيار جادوگر مون وٽ آڻيو.
فَلَمَّا جَاءَ السَّحَرَةُ قَالَ لَهُم مُّوسَىٰ أَلْقُوا مَا أَنتُم مُّلْقُونَ ۝٨٠
📖 ترجمو آيت 80
پوءِ جنھن مھل جادوگر آيا (تنھن مھل) مُوسىٰ انھن کي چيو ته جيڪي اُڇلائڻو اٿو سو اوھين اڇليو.
فَلَمَّا أَلْقَوْا قَالَ مُوسَىٰ مَا جِئْتُم بِهِ السِّحْرُ ۖ إِنَّ اللَّهَ سَيُبْطِلُهُ ۖ إِنَّ اللَّهَ لَا يُصْلِحُ عَمَلَ الْمُفْسِدِينَ ۝٨١
📖 ترجمو آيت 81
پوءِ جنھن مھل اُڇليائون (ته) موسىٰ چيو ته جيڪي آندو اٿَوَ سو جادو آھي، بيشڪ الله ان کي سگھوئي باطل ڪندو، بيشڪ الله فسادين جو ڪم نه ٺاھيندو آھي.
وَيُحِقُّ اللَّهُ الْحَقَّ بِكَلِمَاتِهِ وَلَوْ كَرِهَ الْمُجْرِمُونَ ۝٨٢
📖 ترجمو آيت 82
۽ الله حق کي پنھنجي حُڪم سان ثابت ڪندو آھي جيتوڻيڪ ڏوھاري بڇان ڀانئين.
فَمَا آمَنَ لِمُوسَىٰ إِلَّا ذُرِّيَّةٌ مِّن قَوْمِهِ عَلَىٰ خَوْفٍ مِّن فِرْعَوْنَ وَمَلَئِهِمْ أَن يَفْتِنَهُمْ ۚ وَإِنَّ فِرْعَوْنَ لَعَالٍ فِي الْأَرْضِ وَإِنَّهُ لَمِنَ الْمُسْرِفِينَ ۝٨٣
📖 ترجمو آيت 83
پوءِ موسىٰ تي سندس قوم مان ھڪ ٽوليءَ کانسواءِ فرعون ۽ سندس سردارن کان ڊڄڻ جي ڪري ته متان کين ايذائين (ڪنھن) ايمان نه آندو، ۽ تحقيق فرعون (اُن) مُلڪ ۾ ھٺيلو ھو، ۽ اُھو ضرور حَد کان لنگھندڙن مان ھو.
وَقَالَ مُوسَىٰ يَا قَوْمِ إِن كُنتُمْ آمَنتُم بِاللَّهِ فَعَلَيْهِ تَوَكَّلُوا إِن كُنتُم مُّسْلِمِينَ ۝٨٤
📖 ترجمو آيت 84
۽ موسىٰ چيو ته اي منھنجي قوم جيڪڏھن اوھان الله تي اِيمان آندو آھي ته جي مُسلمان آھيو ته مٿس ڀروسو ڪريو.
فَقَالُوا عَلَى اللَّهِ تَوَكَّلْنَا رَبَّنَا لَا تَجْعَلْنَا فِتْنَةً لِّلْقَوْمِ الظَّالِمِينَ ۝٨٥
📖 ترجمو آيت 85
پوءِ چيائون ته الله تي ڀروسو ڪيوسون، اي اسان جا پالڻھار اسان کي ظالمن جي قوم جي پرک نه ڪر.
وَنَجِّنَا بِرَحْمَتِكَ مِنَ الْقَوْمِ الْكَافِرِينَ ۝٨٦
📖 ترجمو آيت 86
۽ ڪافرن جي قوم کان پنھنجي ٻاجھ سان اسان کي بچاءِ.
وَأَوْحَيْنَا إِلَىٰ مُوسَىٰ وَأَخِيهِ أَن تَبَوَّءَا لِقَوْمِكُمَا بِمِصْرَ بُيُوتًا وَاجْعَلُوا بُيُوتَكُمْ قِبْلَةً وَأَقِيمُوا الصَّلَاةَ ۗ وَبَشِّرِ الْمُؤْمِنِينَ ۝٨٧
📖 ترجمو آيت 87
۽ موسىٰ ۽ سندس ڀاءُ ڏانھن وحي ڪيوسون ته اوھين پنھنجي قوم لاءِ مِصر ۾ گھر بڻايو ۽ (اُنھن) پنھنجن گھرن کي قبلي جي سامھون ڪريو ۽ نماز پڙھو، ۽ مؤمنن کي خوشخبري ڏي.
وَقَالَ مُوسَىٰ رَبَّنَا إِنَّكَ آتَيْتَ فِرْعَوْنَ وَمَلَأَهُ زِينَةً وَأَمْوَالًا فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا رَبَّنَا لِيُضِلُّوا عَن سَبِيلِكَ ۖ رَبَّنَا اطْمِسْ عَلَىٰ أَمْوَالِهِمْ وَاشْدُدْ عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ فَلَا يُؤْمِنُوا حَتَّىٰ يَرَوُا الْعَذَابَ الْأَلِيمَ ۝٨٨
📖 ترجمو آيت 88
۽ مُوسىٰ چيو ته اي اسان جا پالڻھار تو فرعون ۽ سندس سردارن کي سينگار ۽ (گھڻو) مال دنيا جي حياتيءَ ۾ (ھن لاءِ) ڏنو آھي ته اي اسان جا پالڻھار تنھنجي واٽ کان ماڻھن کي ڀُلائين، اي اسان جا پالڻھار سندن مال کي ناس ڪر ۽ سندين دلين مُھر ھَڻ جو جيستائين ڏکوئيندڙ عذاب (نه) ڏسن تيسين ايمان نه آڻين.
قَالَ قَدْ أُجِيبَت دَّعْوَتُكُمَا فَاسْتَقِيمَا وَلَا تَتَّبِعَانِّ سَبِيلَ الَّذِينَ لَا يَعْلَمُونَ ۝٨٩
📖 ترجمو آيت 89
(الله) چيو ته بيشڪ اوھان (ٻنھي) جي دُعا قبول ڪئي وئي پوءِ ٻئي قائم رھو ۽ جيڪي نه ڄاڻندا آھن تن جي واٽ جي تابعداري نه ڪريو.
۞ وَجَاوَزْنَا بِبَنِي إِسْرَائِيلَ الْبَحْرَ فَأَتْبَعَهُمْ فِرْعَوْنُ وَجُنُودُهُ بَغْيًا وَعَدْوًا ۖ حَتَّىٰ إِذَا أَدْرَكَهُ الْغَرَقُ قَالَ آمَنتُ أَنَّهُ لَا إِلَٰهَ إِلَّا الَّذِي آمَنَتْ بِهِ بَنُو إِسْرَائِيلَ وَأَنَا مِنَ الْمُسْلِمِينَ ۝٩٠
📖 ترجمو آيت 90
۽ بني اسرائيلن کي سمنڊ کان (پار) لنگھايوسون پوءِ سندن پويان فرعون ۽ سندس لشڪر ظلم ۽ سرڪشي ڪرڻ لاءِ ايتري قدر سندن پُٺيان پيا جيسين ٻُڏا (فرعون) چيو ته ايمان آندم سچ آھي ته جنھن تي بني اسرائيلن ايمان آندو آھي تنھن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي ۽ آءٌ مسلمانن منجھان آھيان.
آلْآنَ وَقَدْ عَصَيْتَ قَبْلُ وَكُنتَ مِنَ الْمُفْسِدِينَ ۝٩١
📖 ترجمو آيت 91
(چيو ويو ته) ھاڻي (ٿو ايمان آڻين)؟ ۽ بيشڪ توکان پوءِ اچن تن لاءِ نشاني ھجين، ۽ گھڻا ماڻھو اسان جي نشانين کان ضرور بيخبر آھن.
فَالْيَوْمَ نُنَجِّيكَ بِبَدَنِكَ لِتَكُونَ لِمَنْ خَلْفَكَ آيَةً ۚ وَإِنَّ كَثِيرًا مِّنَ النَّاسِ عَنْ آيَاتِنَا لَغَافِلُونَ ۝٩٢
📖 ترجمو آيت 92
پوءِ اڄ تنھنجي لاشي کي ھِن لاءِ بچائينداسون ته جيڪي توکان پوءِ اچن تن لاءِ نشاني ھجين، ۽ گھڻا ماڻھو اسان جي نشانين کان ضرور بيخبر آھن.
وَلَقَدْ بَوَّأْنَا بَنِي إِسْرَائِيلَ مُبَوَّأَ صِدْقٍ وَرَزَقْنَاهُم مِّنَ الطَّيِّبَاتِ فَمَا اخْتَلَفُوا حَتَّىٰ جَاءَهُمُ الْعِلْمُ ۚ إِنَّ رَبَّكَ يَقْضِي بَيْنَهُمْ يَوْمَ الْقِيَامَةِ فِيمَا كَانُوا فِيهِ يَخْتَلِفُونَ ۝٩٣
📖 ترجمو آيت 93
۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي چڱي ھنڌ رھڻ جي جاءِ ڏني سون ۽ کين سُٺين شين مان روزي ڏني سون، پوءِ (ايستائين) اختلاف نه ڪيائون جيسين وٽن علم (يعني قرآن نه) آيو، بيشڪ تنھنجو پالڻھار جنھن ڳالھ بابت جھڳڙو ڪندا آھن تنھن جو قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ فيصلو ڪندو.
فَإِن كُنتَ فِي شَكٍّ مِّمَّا أَنزَلْنَا إِلَيْكَ فَاسْأَلِ الَّذِينَ يَقْرَءُونَ الْكِتَابَ مِن قَبْلِكَ ۚ لَقَدْ جَاءَكَ الْحَقُّ مِن رَّبِّكَ فَلَا تَكُونَنَّ مِنَ الْمُمْتَرِينَ ۝٩٤
📖 ترجمو آيت 94
پوءِ جيڪي توڏانھن نازل ڪيوسون تنھن کان جيڪڏھن شڪ ۾ آھين ته جيڪي توکان اڳ ڪتاب پڙھندا آھن تن کان پُڇ، بيشڪ تنھنجي پالڻھار کان توڏانھن حق آيو آھي پوءِ تون شڪ ڪندڙن مان نه ھُج.
وَلَا تَكُونَنَّ مِنَ الَّذِينَ كَذَّبُوا بِآيَاتِ اللَّهِ فَتَكُونَ مِنَ الْخَاسِرِينَ ۝٩٥
📖 ترجمو آيت 95
۽ نڪي تون انھن مان ھج جن الله جي آيتن کي ڪُوڙ ڄاتو ته تون ڇيئي وارن مان ٿيندين.
إِنَّ الَّذِينَ حَقَّتْ عَلَيْهِمْ كَلِمَتُ رَبِّكَ لَا يُؤْمِنُونَ ۝٩٦
📖 ترجمو آيت 96
بيشڪ جن تي پنھنجي پالڻھار (جي عذاب) جو حُڪم لازم ٿي چڪو آھي سي ايمان نه آڻيندا.
وَلَوْ جَاءَتْهُمْ كُلُّ آيَةٍ حَتَّىٰ يَرَوُا الْعَذَابَ الْأَلِيمَ ۝٩٧
📖 ترجمو آيت 97
جيتوڻيڪ وٽن سڀ دليل اچن جيستائين ته ڏکوئيندڙ عذاب ڏسن.
فَلَوْلَا كَانَتْ قَرْيَةٌ آمَنَتْ فَنَفَعَهَا إِيمَانُهَا إِلَّا قَوْمَ يُونُسَ لَمَّا آمَنُوا كَشَفْنَا عَنْهُمْ عَذَابَ الْخِزْيِ فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَمَتَّعْنَاهُمْ إِلَىٰ حِينٍ ۝٩٨
📖 ترجمو آيت 98
يُونُس جي قوم کانسواءِ ڪن ڳوٺن (وارن عذاب نازل ٿيڻ وقت) ڇونه ايمان آندو ته سندن ايمان کين فائدو ڏئي ھا، جنھن مھل (يونس جي قوم) ايمان آندو (ته اُن وقت) خواريءَ وارو عذاب دُنيا جي حياتيءَ ۾ کانئن لاٿوسون ۽ کين ڪُجھ وقت آسُودو ڪيوسون.
وَلَوْ شَاءَ رَبُّكَ لَآمَنَ مَن فِي الْأَرْضِ كُلُّهُمْ جَمِيعًا ۚ أَفَأَنتَ تُكْرِهُ النَّاسَ حَتَّىٰ يَكُونُوا مُؤْمِنِينَ ۝٩٩
📖 ترجمو آيت 99
۽ جيڪڏھن تنھنجو پالڻھار گھري ھا ته جيڪي زمين ۾ آھن سي سڀ سمورا ضرور ايمان آڻين ھا، پوءِ تون ماڻھن کي زور ڪندين ڇا ته مؤمن ٿين؟
وَمَا كَانَ لِنَفْسٍ أَن تُؤْمِنَ إِلَّا بِإِذْنِ اللَّهِ ۚ وَيَجْعَلُ الرِّجْسَ عَلَى الَّذِينَ لَا يَعْقِلُونَ ۝١٠٠
📖 ترجمو آيت 100
۽ ڪنھن ماڻھوءَ کي الله جي گھُر کانسواءِ مؤمن ٿيڻ جو اختيار نه آھي، ۽ جيڪي نه ڄاڻندا آھن تن تي (ڪفر جي) پليتي رکندو آھي.
قُلِ انظُرُوا مَاذَا فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ وَمَا تُغْنِي الْآيَاتُ وَالنُّذُرُ عَن قَوْمٍ لَّا يُؤْمِنُونَ ۝١٠١
📖 ترجمو آيت 101
چؤ ته نھاريو ته آسمانن ۽ زمين ۾ ڪھڙيون (سندن قدرتون) آُھن؟ ۽ نه مڃيندڙ قوم کي نشانيون ۽ ڊيڄارڻ فائدو نه ڏيندا آھن.
فَهَلْ يَنتَظِرُونَ إِلَّا مِثْلَ أَيَّامِ الَّذِينَ خَلَوْا مِن قَبْلِهِمْ ۚ قُلْ فَانتَظِرُوا إِنِّي مَعَكُم مِّنَ الْمُنتَظِرِينَ ۝١٠٢
📖 ترجمو آيت 102
پوءِ اُنھن جھڙين مُصيبتن کانسواءِ انتظار نه ڪندا آھن جيڪي کانئن اڳ گذري ويون، (کين) چؤ ته انتظار ڪريو آءٌ به اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙن مان آھيان.
ثُمَّ نُنَجِّي رُسُلَنَا وَالَّذِينَ آمَنُوا ۚ كَذَٰلِكَ حَقًّا عَلَيْنَا نُنجِ الْمُؤْمِنِينَ ۝١٠٣
📖 ترجمو آيت 103
وري اسين پيغمبرن کي ۽ جن ايمان آندو تن کي بچائيندا آھيون اھڙي طرح اسان تي حق آھي ته مؤمنن کي بچايون.
قُلْ يَا أَيُّهَا النَّاسُ إِن كُنتُمْ فِي شَكٍّ مِّن دِينِي فَلَا أَعْبُدُ الَّذِينَ تَعْبُدُونَ مِن دُونِ اللَّهِ وَلَٰكِنْ أَعْبُدُ اللَّهَ الَّذِي يَتَوَفَّاكُمْ ۖ وَأُمِرْتُ أَنْ أَكُونَ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ ۝١٠٤
📖 ترجمو آيت 104
چؤ ته اي ماڻھؤ جيڪڏھن منھنجي دين کان شڪ ۾ آھيو ته (ٻُڌو ته) الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا آھيو تن کي نه پوڄيندس پر اُن الله کي پوڄيندس جيڪو اوھان کي ماريندو آھي، ۽ مُون کي حڪم ڪيو ويو آھي ته مؤمنن مان ھجان.
وَأَنْ أَقِمْ وَجْهَكَ لِلدِّينِ حَنِيفًا وَلَا تَكُونَنَّ مِنَ الْمُشْرِكِينَ ۝١٠٥
📖 ترجمو آيت 105
۽ (ھيءَ) ته پنھنجي مھاڙ کي حنيف دين لاءِ بيھڪ وٺاءِ، ۽ مُشرڪن مان نه ھُج.
وَلَا تَدْعُ مِن دُونِ اللَّهِ مَا لَا يَنفَعُكَ وَلَا يَضُرُّكَ ۖ فَإِن فَعَلْتَ فَإِنَّكَ إِذًا مِّنَ الظَّالِمِينَ ۝١٠٦
📖 ترجمو آيت 106
۽ الله کانسواءِ انھي جي عبادت نه ڪر جيڪو توکي نڪي سُک پُھچائي ۽ نڪي توکي ڏُک پھچائي، پوءِ جيڪڏھن (ائين) ڪندين ته اُنھي مھل تون ظالمن مان ٿيندين.
وَإِن يَمْسَسْكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلَا كَاشِفَ لَهُ إِلَّا هُوَ ۖ وَإِن يُرِدْكَ بِخَيْرٍ فَلَا رَادَّ لِفَضْلِهِ ۚ يُصِيبُ بِهِ مَن يَشَاءُ مِنْ عِبَادِهِ ۚ وَهُوَ الْغَفُورُ الرَّحِيمُ ۝١٠٧
📖 ترجمو آيت 107
۽ جيڪڏھن الله توکي ڪو ڏک پھچائي ته اُن ڌاران ڪو اُن جي لاھڻ وارو ڪونھي، ۽ جيڪڏھن تولاءِ چڱائي گھري ته سندس فضل ڪو ھٽائڻ وارو نه آھي، پنھنجي ٻانھن مان جنھن کي وڻيس تنھن کي فضل پُھچائيندو آھي، ۽ اُھو بخشڻھار مھربان آھي.
قُلْ يَا أَيُّهَا النَّاسُ قَدْ جَاءَكُمُ الْحَقُّ مِن رَّبِّكُمْ ۖ فَمَنِ اهْتَدَىٰ فَإِنَّمَا يَهْتَدِي لِنَفْسِهِ ۖ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّمَا يَضِلُّ عَلَيْهَا ۖ وَمَا أَنَا عَلَيْكُم بِوَكِيلٍ ۝١٠٨
📖 ترجمو آيت 108
چؤ ته اي ماڻھؤ بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان حق آيو آھي، پوءِ جيڪو ھدايت وارو ٿيو سو پاڻ لاءِ ھدايت ٿو لھي، ۽ جيڪو ڀُلو تنھن تي گمراھيءَ ھجڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه آھي، ۽ آءٌ اوھان جو ذمي وار نه آھيان.
وَاتَّبِعْ مَا يُوحَىٰ إِلَيْكَ وَاصْبِرْ حَتَّىٰ يَحْكُمَ اللَّهُ ۚ وَهُوَ خَيْرُ الْحَاكِمِينَ ۝١٠٩
📖 ترجمو آيت 109
۽ جيڪي توڏانھن وحي ڪيو وڃي ٿو تنھنجي تابعداري ڪر ۽ (ايستائين) صبر ڪر جيسين الله نبيرو ڪري، ۽ اُھو چڱو نبيرو ڪندڙ آھي.
→ 9 یونس (10/114) 11 ←
پڙهو سورو یونس سنڌي ترجمو – پڙهڻ ۽ ٻڌڻ

10يونس Yunus 📚 109 آيت مكية

آيت به آيت – سورو یونس — 109 آيت




قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers