سورو ہود عربي ۽ سنڌي

سورو ہود مڪمل سنڌي ترجمي سان پڙهو. عربي متن، سنڌي ترجمو ۽ آواز تلاوت. (123 آيت — مكية). ہود ٻڌو, ہود ترجمو, ہود mp3, ہود pdf.

سورو ہود پڙهو ۽ ٻڌو

🎧 آيت
M Mishary Rashid Alafasy
M Mahmoud Khalil Al-Husary
A Abdurrahman As-Sudais
M Mohamed Siddiq Al-Minshawi
A Abdul Basit Abdul Samad
A Ali Al-Hudhaify
A Ahmed ibn Ali al-Ajamy
A Abu Bakr Ash-Shaatree
M Muhammad Ayyoub
A Abdullah Basfar
A Abdullah Al-Juhani
M Maher Al Muaiqly
x1
الر ۚ كِتَابٌ أُحْكِمَتْ آيَاتُهُ ثُمَّ فُصِّلَتْ مِن لَّدُنْ حَكِيمٍ خَبِيرٍ ۝١
📖 ترجمو آيت 1
الرٰ، (ھي) ڪتاب آھي جنھن جون آيتون مُحڪم آھن وري حِڪمت واري داناء الله وٽان بيان ڪيل آھن.
أَلَّا تَعْبُدُوا إِلَّا اللَّهَ ۚ إِنَّنِي لَكُم مِّنْهُ نَذِيرٌ وَبَشِيرٌ ۝٢
📖 ترجمو آيت 2
ته الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نه ڪريو، آءٌ سندس طرف کان اوھان کي ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ آھيان.
وَأَنِ اسْتَغْفِرُوا رَبَّكُمْ ثُمَّ تُوبُوا إِلَيْهِ يُمَتِّعْكُم مَّتَاعًا حَسَنًا إِلَىٰ أَجَلٍ مُّسَمًّى وَيُؤْتِ كُلَّ ذِي فَضْلٍ فَضْلَهُ ۖ وَإِن تَوَلَّوْا فَإِنِّي أَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ كَبِيرٍ ۝٣
📖 ترجمو آيت 3
۽ ته پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري ڏانھس (توبه ڪري) موٽو ته ٺھرايل مُدّت تائين اوھان کي چڱي نفعي سان فائدو ڏئي ۽ سڀڪنھن ڀلائيءَ واري کي سندس ڀلائي جو عوض ڏئي، ۽ جيڪڏھن اوھين ڦرندؤ ته بيشڪ آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو.
إِلَى اللَّهِ مَرْجِعُكُمْ ۖ وَهُوَ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ ۝٤
📖 ترجمو آيت 4
الله ڏانھن اوھان جو موٽڻ آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شي تي وس وارو آھي.
أَلَا إِنَّهُمْ يَثْنُونَ صُدُورَهُمْ لِيَسْتَخْفُوا مِنْهُ ۚ أَلَا حِينَ يَسْتَغْشُونَ ثِيَابَهُمْ يَعْلَمُ مَا يُسِرُّونَ وَمَا يُعْلِنُونَ ۚ إِنَّهُ عَلِيمٌ بِذَاتِ الصُّدُورِ ۝٥
📖 ترجمو آيت 5
خبردار بيشڪ اُھي پنھنجن سينن کي ھن لاءِ وٽيندا آھن ته کانئس لِڪن، خبردار جنھن دم (اُھِي) پنھنجا ڪپڙا ڍڪيندا آھن (تنھن دم ۾) جيڪي ڳجھو ڪندا آھن ۽ جيڪي پڌرا ڪندا آھن سو (الله) ڄاڻندو آھي، بيشڪ اُھو سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي.
۞ وَمَا مِن دَابَّةٍ فِي الْأَرْضِ إِلَّا عَلَى اللَّهِ رِزْقُهَا وَيَعْلَمُ مُسْتَقَرَّهَا وَمُسْتَوْدَعَهَا ۚ كُلٌّ فِي كِتَابٍ مُّبِينٍ ۝٦
📖 ترجمو آيت 6
۽ ڪو چُرندڙ زمين ۾ آھي ئي نه پر سندس روزي الله تي آھي ۽ سندس رھڻ جو ھنڌ ۽ سنديس سانڀڻ جي جاءِ (الله) ڄاڻندو آھي، سڀ پڌري ڪتابن ۾ لکيل آھي.
وَهُوَ الَّذِي خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ فِي سِتَّةِ أَيَّامٍ وَكَانَ عَرْشُهُ عَلَى الْمَاءِ لِيَبْلُوَكُمْ أَيُّكُمْ أَحْسَنُ عَمَلًا ۗ وَلَئِن قُلْتَ إِنَّكُم مَّبْعُوثُونَ مِن بَعْدِ الْمَوْتِ لَيَقُولَنَّ الَّذِينَ كَفَرُوا إِنْ هَٰذَا إِلَّا سِحْرٌ مُّبِينٌ ۝٧
📖 ترجمو آيت 7
۽ اُھو (الله) آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو ۽ سندس عرش پاڻي تي ھو (اھو بڻائڻ ھن ڪري آھي) ته اوھان کي پرکي ته اوھان مان عملن جي ڪري ڪير تمام چڱو آھي، ۽ جيڪڏھن انھن کي چوين ته موت کانپوءِ اوھين جياريا ويندؤ ته ڪافر ضرور چوندا ته ھي پڌرو جادو آھي.
وَلَئِنْ أَخَّرْنَا عَنْهُمُ الْعَذَابَ إِلَىٰ أُمَّةٍ مَّعْدُودَةٍ لَّيَقُولُنَّ مَا يَحْبِسُهُ ۗ أَلَا يَوْمَ يَأْتِيهِمْ لَيْسَ مَصْرُوفًا عَنْهُمْ وَحَاقَ بِهِم مَّا كَانُوا بِهِ يَسْتَهْزِئُونَ ۝٨
📖 ترجمو آيت 8
۽ جيڪڏھن ڪنھن مُقرّر مُدّت تائين کائن عذاب کڻي ھٽايون ته ضرور چوندا ته اُن کي ڪنھن جھليو آھي؟ خبردار جنھن ڏينھن (اُھو عذاب) وٽن ايندو (تنھن ڏينھن) کائن ٽرڻو نه آھي ۽ جنھن (شيء) سان ٺـٺوليون ڪندا ھوا سا کين وڪوڙي ويندي.
وَلَئِنْ أَذَقْنَا الْإِنسَانَ مِنَّا رَحْمَةً ثُمَّ نَزَعْنَاهَا مِنْهُ إِنَّهُ لَيَئُوسٌ كَفُورٌ ۝٩
📖 ترجمو آيت 9
۽ جيڪڏھن ماڻھوءَ کي پاڻ وٽان ڪا ٻاجھ چکايون ٿا (۽) وري اُھا کانئس کسيون ٿا، ته اُھو نااميد بي شڪر (بڻيو) آھي.
وَلَئِنْ أَذَقْنَاهُ نَعْمَاءَ بَعْدَ ضَرَّاءَ مَسَّتْهُ لَيَقُولَنَّ ذَهَبَ السَّيِّئَاتُ عَنِّي ۚ إِنَّهُ لَفَرِحٌ فَخُورٌ ۝١٠
📖 ترجمو آيت 10
۽ جيڪڏھن ان کي ڏک پھچڻ کانپوءِ سُک پُھچايون ته ضرور چوندو ته مون کان ڏک ويا، اھو پڪ سرھو وڏائي ڪندڙ ٿيندو آھي.
إِلَّا الَّذِينَ صَبَرُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ أُولَٰئِكَ لَهُم مَّغْفِرَةٌ وَأَجْرٌ كَبِيرٌ ۝١١
📖 ترجمو آيت 11
پر جن صبر ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي.
فَلَعَلَّكَ تَارِكٌ بَعْضَ مَا يُوحَىٰ إِلَيْكَ وَضَائِقٌ بِهِ صَدْرُكَ أَن يَقُولُوا لَوْلَا أُنزِلَ عَلَيْهِ كَنزٌ أَوْ جَاءَ مَعَهُ مَلَكٌ ۚ إِنَّمَا أَنتَ نَذِيرٌ ۚ وَاللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ وَكِيلٌ ۝١٢
📖 ترجمو آيت 12
پوءِ (اي پيغمبر) جيڪي توڏانھن وحي ڪجي ٿو تنھن مان متان ڪي ڇڏي ڏئين ۽ (پڻ) متان دل تنگ ڪرين ڪافرن جي ھن چوڻ تي ته مٿس خزانو ڇونه لاٿو ويو يا ملائڪ ساڻس ڇونه آيو، (نه ڇڏ ۽ نه دل تنگ ڪر) ڇوته تون ڊيڄاريندڙ ئي آھين ۽ الله ھر شيء جو سنڀاليندڙ آھي.
أَمْ يَقُولُونَ افْتَرَاهُ ۖ قُلْ فَأْتُوا بِعَشْرِ سُوَرٍ مِّثْلِهِ مُفْتَرَيَاتٍ وَادْعُوا مَنِ اسْتَطَعْتُم مِّن دُونِ اللَّهِ إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ ۝١٣
📖 ترجمو آيت 13
بلڪ (ائين) به چون ٿا ته اُھو (قرآن) پاڻ ٺاھيو اٿس، چؤ ته جيڪڏھن سچا آھيو ته (اوھين به) اُن جھڙيون ڏہ سورتون پاڻون ٺاھيل آڻيو ۽ الله کانسواءِ (ٻـين) جن کي سڏي سگھو تن کي سڏيو.
فَإِلَّمْ يَسْتَجِيبُوا لَكُمْ فَاعْلَمُوا أَنَّمَا أُنزِلَ بِعِلْمِ اللَّهِ وَأَن لَّا إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ۖ فَهَلْ أَنتُم مُّسْلِمُونَ ۝١٤
📖 ترجمو آيت 14
پوءِ جيڪڏھن اوھان جو (اھو چوڻ) قبول نه ڪن ته ڄاڻو ته (اُھو قرآن) رڳو الله جي علم سان لاٿو ويو آھي ۽ (ڄاڻو) ته ان کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آھي، پوءِ اوھين اسلام تي (مُحڪم) ڇونه رھندؤ.
مَن كَانَ يُرِيدُ الْحَيَاةَ الدُّنْيَا وَزِينَتَهَا نُوَفِّ إِلَيْهِمْ أَعْمَالَهُمْ فِيهَا وَهُمْ فِيهَا لَا يُبْخَسُونَ ۝١٥
📖 ترجمو آيت 15
جيڪو دنيا جي حياتي ۽ سندس سينگار گھرندو ھجي تن کي دنيا ۾ (ئي) سندن عملن جو اجورو پورو ڏينداسون ۽ انھن کي اُن ۾ گھٽ نه ڏبو.
أُولَٰئِكَ الَّذِينَ لَيْسَ لَهُمْ فِي الْآخِرَةِ إِلَّا النَّارُ ۖ وَحَبِطَ مَا صَنَعُوا فِيهَا وَبَاطِلٌ مَّا كَانُوا يَعْمَلُونَ ۝١٦
📖 ترجمو آيت 16
اِھي اُھي آھن جن لاءِ آخرت ۾ باہ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه آھي، ۽ جيڪي دنيا ۾ ڪيائون سو چٽ ٿيو ۽ جيڪي ڪمائيندا ھوا سو باطل ٿيو.
أَفَمَن كَانَ عَلَىٰ بَيِّنَةٍ مِّن رَّبِّهِ وَيَتْلُوهُ شَاهِدٌ مِّنْهُ وَمِن قَبْلِهِ كِتَابُ مُوسَىٰ إِمَامًا وَرَحْمَةً ۚ أُولَٰئِكَ يُؤْمِنُونَ بِهِ ۚ وَمَن يَكْفُرْ بِهِ مِنَ الْأَحْزَابِ فَالنَّارُ مَوْعِدُهُ ۚ فَلَا تَكُ فِي مِرْيَةٍ مِّنْهُ ۚ إِنَّهُ الْحَقُّ مِن رَّبِّكَ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لَا يُؤْمِنُونَ ۝١٧
📖 ترجمو آيت 17
(اُھو ماڻھو گمراھن جھڙو نه آھي) جيڪو پنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان پڌري حجت تي ھجي ۽ الله کان اُن لاءِ شاھد (يعني قرآن پڙھندو) ھجي ۽ اُن (قرآن) کان اڳ موسىٰ جو ڪتاب (توريت) امام ۽ رحمت (به گواہ ھجي)، اِھي (ماڻھو) اُن (قرآن) تي ايمان آڻين ٿا، (پوءِ انھن جي سڀني) ٽولين مان جيڪو اُن (قرآن) جو انڪار ڪندو تنھن جي رھڻ جو ھنڌ باھ آھي، تنھنڪري (تون) کانئس شڪ ۾ نه ھُج، اُھو تنھنجي پالڻھار جي پار کان حق (لٿو) آھي پر گھڻا ماڻھو ايمان نه ٿا آڻين.
وَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّنِ افْتَرَىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا ۚ أُولَٰئِكَ يُعْرَضُونَ عَلَىٰ رَبِّهِمْ وَيَقُولُ الْأَشْهَادُ هَٰؤُلَاءِ الَّذِينَ كَذَبُوا عَلَىٰ رَبِّهِمْ ۚ أَلَا لَعْنَةُ اللَّهِ عَلَى الظَّالِمِينَ ۝١٨
📖 ترجمو آيت 18
۽ جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي، اھي پنھنجي پالڻھار جي آڏو ڪيا ويندا ۽ شاھد چوندا ته اھي آھن جن پنھنجي پالڻھار تي ڪوڙ چيو، خبردار (انھن) ظالمن تي الله جي لعنت آھي.
الَّذِينَ يَصُدُّونَ عَن سَبِيلِ اللَّهِ وَيَبْغُونَهَا عِوَجًا وَهُم بِالْآخِرَةِ هُمْ كَافِرُونَ ۝١٩
📖 ترجمو آيت 19
جيڪي الله جي واٽ کان جھليندا آھن ۽ ان جي ڏنگائي گھرندا آھن، ۽ اُھي ئي آخرت کي نه مڃيندا آھن.
أُولَٰئِكَ لَمْ يَكُونُوا مُعْجِزِينَ فِي الْأَرْضِ وَمَا كَانَ لَهُم مِّن دُونِ اللَّهِ مِنْ أَوْلِيَاءَ ۘ يُضَاعَفُ لَهُمُ الْعَذَابُ ۚ مَا كَانُوا يَسْتَطِيعُونَ السَّمْعَ وَمَا كَانُوا يُبْصِرُونَ ۝٢٠
📖 ترجمو آيت 20
اُھي مُلڪ ۾ ڪڏھن عاجز ڪرڻ وارا نه آھن ۽ الله کانسواءِ (ٻيا ڪي) انھن جا مددگار نه آھن، انھن کي ٻيڻو عذاب ڪيو ويندو، جو ٻُڌي نه ٿي سگھيا ۽ نه ٿي ڏٺائون.
أُولَٰئِكَ الَّذِينَ خَسِرُوا أَنفُسَهُمْ وَضَلَّ عَنْهُم مَّا كَانُوا يَفْتَرُونَ ۝٢١
📖 ترجمو آيت 21
اِھي اُھي آھن جن پاڻ کي ڇيئو لاتو ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا سو کانئن ڀلجي ويو.
لَا جَرَمَ أَنَّهُمْ فِي الْآخِرَةِ هُمُ الْأَخْسَرُونَ ۝٢٢
📖 ترجمو آيت 22
بيشڪ اِھي (ماڻھو) ضرور آخرت ۾ ڇيئي وارا آھن.
إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ وَأَخْبَتُوا إِلَىٰ رَبِّهِمْ أُولَٰئِكَ أَصْحَابُ الْجَنَّةِ ۖ هُمْ فِيهَا خَالِدُونَ ۝٢٣
📖 ترجمو آيت 23
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا ۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھن نويا سي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.
۞ مَثَلُ الْفَرِيقَيْنِ كَالْأَعْمَىٰ وَالْأَصَمِّ وَالْبَصِيرِ وَالسَّمِيعِ ۚ هَلْ يَسْتَوِيَانِ مَثَلًا ۚ أَفَلَا تَذَكَّرُونَ ۝٢٤
📖 ترجمو آيت 24
انھن ٻن ٽولين جو مثال انڌي ۽ ٻوڙي ۽ ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ وانگر آھي، (اھي) مثال ۾ برابر آھن ڇا؟ پوءِ ڇونه ٿا نصيحت وٺو.
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا نُوحًا إِلَىٰ قَوْمِهِ إِنِّي لَكُمْ نَذِيرٌ مُّبِينٌ ۝٢٥
📖 ترجمو آيت 25
۽ بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليو (اُن چيو ته) آءٌ اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄارندڙ آھيان.
أَن لَّا تَعْبُدُوا إِلَّا اللَّهَ ۖ إِنِّي أَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ أَلِيمٍ ۝٢٦
📖 ترجمو آيت 26
ته الله کانسواءِ (اوھين ٻئي جي) عبادت نه ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان کي ڏکوئيندڙ ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو.
فَقَالَ الْمَلَأُ الَّذِينَ كَفَرُوا مِن قَوْمِهِ مَا نَرَاكَ إِلَّا بَشَرًا مِّثْلَنَا وَمَا نَرَاكَ اتَّبَعَكَ إِلَّا الَّذِينَ هُمْ أَرَاذِلُنَا بَادِيَ الرَّأْيِ وَمَا نَرَىٰ لَكُمْ عَلَيْنَا مِن فَضْلٍ بَلْ نَظُنُّكُمْ كَاذِبِينَ ۝٢٧
📖 ترجمو آيت 27
پوءِ سندس قوم مان ڪافر ٽوليءَ چيو ته توکي پاڻ جھڙي ماڻھو کانسواءِ (ٻيو) نٿا ڏسون ۽ اسان مان بي سوچ خسيسن کان سواءِ (ٻيو) تنھنجو تابعدار نه ٿا ڏسون، ۽ پاڻ کان اوھان جي ڪا زيادتي نه ٿا ڏسون بلڪ اوھان کي ڪوڙ ڀائيندا آھيون.
قَالَ يَا قَوْمِ أَرَأَيْتُمْ إِن كُنتُ عَلَىٰ بَيِّنَةٍ مِّن رَّبِّي وَآتَانِي رَحْمَةً مِّنْ عِندِهِ فَعُمِّيَتْ عَلَيْكُمْ أَنُلْزِمُكُمُوهَا وَأَنتُمْ لَهَا كَارِهُونَ ۝٢٨
📖 ترجمو آيت 28
(نوح) چيو ته اي منھنجي قوم (مون کي) ڏسيو ته سھين ته جيڪڏھن (آءٌ) پنھنجي پالڻھار جي پڪي حجت تي ھجان ۽ پاڻ وٽان مون کي رحمت ڏني ھجيس ۽ (جنھن جي حقيقت) اوھان کان لڪائي وئي ھجي ته اُن (جي مڃڻ) جو ھن ھوندي اوھان کي ڇو زور ڪريون جو اوھين اُن کي بڇان ڀائيندا ھجو؟
وَيَا قَوْمِ لَا أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ مَالًا ۖ إِنْ أَجْرِيَ إِلَّا عَلَى اللَّهِ ۚ وَمَا أَنَا بِطَارِدِ الَّذِينَ آمَنُوا ۚ إِنَّهُم مُّلَاقُو رَبِّهِمْ وَلَٰكِنِّي أَرَاكُمْ قَوْمًا تَجْهَلُونَ ۝٢٩
📖 ترجمو آيت 29
۽ اي منھنجي قوم (آءٌ) اوھان کان اُن بابت ڪو مال نٿو گھران، منھنجو اجورو الله کانسواءِ ٻئي تي نه آھي ۽ آءٌ مؤمنن کي تڙڻ وارو نه آھيان، ڇوته اُھي پنھنجي پالڻھار کي ملڻ وارا آھن پر آءٌ اوھان کي جاھل قوم ڏسان ٿو.
وَيَا قَوْمِ مَن يَنصُرُنِي مِنَ اللَّهِ إِن طَرَدتُّهُمْ ۚ أَفَلَا تَذَكَّرُونَ ۝٣٠
📖 ترجمو آيت 30
۽ اي منھنجي قوم جيڪڏھن کين تڙيندس ته مون کي الله کان ڪير ڇڏائيندو، پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟
وَلَا أَقُولُ لَكُمْ عِندِي خَزَائِنُ اللَّهِ وَلَا أَعْلَمُ الْغَيْبَ وَلَا أَقُولُ إِنِّي مَلَكٌ وَلَا أَقُولُ لِلَّذِينَ تَزْدَرِي أَعْيُنُكُمْ لَن يُؤْتِيَهُمُ اللَّهُ خَيْرًا ۖ اللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا فِي أَنفُسِهِمْ ۖ إِنِّي إِذًا لَّمِنَ الظَّالِمِينَ ۝٣١
📖 ترجمو آيت 31
۽ آءٌ اوھان کي نٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آھن ۽ نڪي (ڪو) ڳُجھ ڄاڻندو آھيان ۽ نڪي چوان ٿو ته آءٌ ملائڪ آھيان ۽ جن کي اوھان جون اکيون ھيڻو ڏسن ٿيون تن لاءِ نٿو چوان ته الله کين ڪا چڱائي نه ڏيندو، جيڪي سندين دلين ۾ آھي سو الله چڱو ڄاڻندڙ آھي، (جي چوندس ته) آءٌ انھيءَ مھل ظالمن مان ٿيندس.
قَالُوا يَا نُوحُ قَدْ جَادَلْتَنَا فَأَكْثَرْتَ جِدَالَنَا فَأْتِنَا بِمَا تَعِدُنَا إِن كُنتَ مِنَ الصَّادِقِينَ ۝٣٢
📖 ترجمو آيت 32
چيائون اي نوح بيشڪ تو اسان سان جھڳڙو ڪيو پوءِ اسان سان گھڻو جھيڙو ڪيئي جيڪڏھن سچن مان آھين ته اسان سان جيڪو انجام ڪرين ٿو سو اسان وٽ آڻ.
قَالَ إِنَّمَا يَأْتِيكُم بِهِ اللَّهُ إِن شَاءَ وَمَا أَنتُم بِمُعْجِزِينَ ۝٣٣
📖 ترجمو آيت 33
(نوح) چيو ته اُھو اوھان وٽ رڳو الله آڻيندو جيڪڏھن اُن گھريو ته ۽ اوھين (ڀڄي) عاجزي ڪرڻ وارا نه آھيو.
وَلَا يَنفَعُكُمْ نُصْحِي إِنْ أَرَدتُّ أَنْ أَنصَحَ لَكُمْ إِن كَانَ اللَّهُ يُرِيدُ أَن يُغْوِيَكُمْ ۚ هُوَ رَبُّكُمْ وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ ۝٣٤
📖 ترجمو آيت 34
۽ جيڪڏھن آءٌ اوھان کي نصيحت ڏيڻ گھران ته جيڪڏھن الله اوھان جو ڀُلائڻ گھرندو ته منھنجي نصيحت اوھان کي ڪو نفعو نه ڏيندي، اُھو اوھان جو پالڻھار آھي، ۽ ڏانھس موٽايا ويندؤ.
أَمْ يَقُولُونَ افْتَرَاهُ ۖ قُلْ إِنِ افْتَرَيْتُهُ فَعَلَيَّ إِجْرَامِي وَأَنَا بَرِيءٌ مِّمَّا تُجْرِمُونَ ۝٣٥
📖 ترجمو آيت 35
بلڪ (ھيئن به) چوندا آھن ته (ھن پيغمبر) اُھو پاڻون ٺاھيو آھي، چئو ته جيڪڏھن مون اُن کي پاڻ ٺاھيو آھي ته منھنجو ڏوھ مون تي آھي ۽ جيڪي اوھين ڏوھ ڪندا آھيو تنھن کان آءٌ بيزار آھيان.
وَأُوحِيَ إِلَىٰ نُوحٍ أَنَّهُ لَن يُؤْمِنَ مِن قَوْمِكَ إِلَّا مَن قَدْ آمَنَ فَلَا تَبْتَئِسْ بِمَا كَانُوا يَفْعَلُونَ ۝٣٦
📖 ترجمو آيت 36
۽ نُوح ڏانھن وحي ڪيو ويو ته جنھن ايمان آندو آھي تنھن کانسواءِ تنھنجي قوم مان ٻيو ڪوبه ڪڏھن ايمان نه آڻيندو تنھنڪري جيڪي ڪندا آھن تنھن تي تون رنج نه ٿي.
وَاصْنَعِ الْفُلْكَ بِأَعْيُنِنَا وَوَحْيِنَا وَلَا تُخَاطِبْنِي فِي الَّذِينَ ظَلَمُوا ۚ إِنَّهُم مُّغْرَقُونَ ۝٣٧
📖 ترجمو آيت 37
۽ اسان جي روبرو ۽ اسان جي حُڪم سان ٻيڙي جوڙ ۽ ظالمن بابت مون کي نه چئج، ڇوته اُھي ٻوڙيا ويندا.
وَيَصْنَعُ الْفُلْكَ وَكُلَّمَا مَرَّ عَلَيْهِ مَلَأٌ مِّن قَوْمِهِ سَخِرُوا مِنْهُ ۚ قَالَ إِن تَسْخَرُوا مِنَّا فَإِنَّا نَسْخَرُ مِنكُمْ كَمَا تَسْخَرُونَ ۝٣٨
📖 ترجمو آيت 38
۽ ٻيڙي بڻائڻ لڳو، جڏھن ڪڏھن سندس قوم مان ڪا ٽولي وٽانئس لنگھي ٿي (ته) مٿس ٺـٺوليون ڪيائون، (نوح) ٿي چيو ته جيڪڏھن اوھين اسان تي ٺـٺوليون ڪريو ٿا ته اسين (به) اھڙيون ٺـٺوليون اوھان تي ڪنداسون جھڙيون ٺـٺوليون (اوھين) ڪريو ٿا.
فَسَوْفَ تَعْلَمُونَ مَن يَأْتِيهِ عَذَابٌ يُخْزِيهِ وَيَحِلُّ عَلَيْهِ عَذَابٌ مُّقِيمٌ ۝٣٩
📖 ترجمو آيت 39
پوءِ جنھن کي عذاب پھچندو تنھن کي سگھوئي ڄاڻندؤ جو (اُھو) ان کي خوار ڪندو ۽ مٿس سدائين عذاب (پيو) لھندو.
حَتَّىٰ إِذَا جَاءَ أَمْرُنَا وَفَارَ التَّنُّورُ قُلْنَا احْمِلْ فِيهَا مِن كُلٍّ زَوْجَيْنِ اثْنَيْنِ وَأَهْلَكَ إِلَّا مَن سَبَقَ عَلَيْهِ الْقَوْلُ وَمَنْ آمَنَ ۚ وَمَا آمَنَ مَعَهُ إِلَّا قَلِيلٌ ۝٤٠
📖 ترجمو آيت 40
(انھيءَ ڪم ۾ ھوا) ايتري تائين جو اسان جو حُڪم آيو ۽ تنور اُڀاميو چيوسون ته سڀڪنھن جنس (جي جانورن) مان ٻه ٻه (نر ۽ مادي) ۽ جن بابت حڪم ٿي چڪو آھي (ته ھلاڪ ڪبا) تن ڌاران ٻيا پنھنجي گھر وارا ۽ جن ايمان آندو سي منجھس چاڙھ، ۽ ٿورن کانسواءِ مٿس ايمان نه آندو ھوائون.
۞ وَقَالَ ارْكَبُوا فِيهَا بِسْمِ اللَّهِ مَجْرَاهَا وَمُرْسَاهَا ۚ إِنَّ رَبِّي لَغَفُورٌ رَّحِيمٌ ۝٤١
📖 ترجمو آيت 41
۽ (نوحؑ) چيو ته منجھس چڙھو الله جي نالي سان سندس ھلڻ ۽ سندس بيھڻ آھي، ڇوته منھنجو پالڻھار ضرور بخشيندڙ مھربان آھي.
وَهِيَ تَجْرِي بِهِمْ فِي مَوْجٍ كَالْجِبَالِ وَنَادَىٰ نُوحٌ ابْنَهُ وَكَانَ فِي مَعْزِلٍ يَا بُنَيَّ ارْكَب مَّعَنَا وَلَا تَكُن مَّعَ الْكَافِرِينَ ۝٤٢
📖 ترجمو آيت 42
۽ اُھا جبلن جھڙين لھرين ۾ کين (کڻي) ھلڻ لڳي، ۽ نوحؓ پنھنجي پٽ کي سڏيو ۽ اُھو ڪناري تي ھو ته اي مُنھنجا پُٽ اسان سان چڙھ ۽ ڪافرن سان گڏ نه ھُج.
قَالَ سَآوِي إِلَىٰ جَبَلٍ يَعْصِمُنِي مِنَ الْمَاءِ ۚ قَالَ لَا عَاصِمَ الْيَوْمَ مِنْ أَمْرِ اللَّهِ إِلَّا مَن رَّحِمَ ۚ وَحَالَ بَيْنَهُمَا الْمَوْجُ فَكَانَ مِنَ الْمُغْرَقِينَ ۝٤٣
📖 ترجمو آيت 43
چيائين ته (اھڙي) جبل تي پناھ وٺندس جو مون کي پاڻيءَ کان بچائيندو، (نوحؑ) چيو ته اڄ الله جي عذاب کان ڪو بچائيندڙ ڪونھي پر جنھن تي (پاڻ) رحم ڪري (سو بچي سگھندو)، ايتري ۾ ٻنھي جي وچ ۾ لھر اچي پئي ۽ (اُھو) ٻڏلن مان ٿيو.
وَقِيلَ يَا أَرْضُ ابْلَعِي مَاءَكِ وَيَا سَمَاءُ أَقْلِعِي وَغِيضَ الْمَاءُ وَقُضِيَ الْأَمْرُ وَاسْتَوَتْ عَلَى الْجُودِيِّ ۖ وَقِيلَ بُعْدًا لِّلْقَوْمِ الظَّالِمِينَ ۝٤٤
📖 ترجمو آيت 44
۽ فرمايو ويو ته اي زمين (تون) پنھنجو پاڻي چُھي وڃ ۽ اي آسمان (تون پنھنجو پاڻي) بند ڪر ۽ پاڻي سُڪايو ويو ۽ ڪم پورو ڪيو ويو ۽ (ٻيڙي جبل) جوديءَ تي بيٺي ۽ چيو ويو ته (شل) ظالمن جي قوم ناس ٿئي.
وَنَادَىٰ نُوحٌ رَّبَّهُ فَقَالَ رَبِّ إِنَّ ابْنِي مِنْ أَهْلِي وَإِنَّ وَعْدَكَ الْحَقُّ وَأَنتَ أَحْكَمُ الْحَاكِمِينَ ۝٤٥
📖 ترجمو آيت 45
۽ نوحؑ پنھنجي پالڻھار کي سڏيو ۽ چيائين اي منھنجا پالڻھار منھنجو پٽ (به) منھنجي گھر وارن منجھان آھي ۽ بيشڪ تنھنجو انجام بلڪل سچو آھي ۽ تو حاڪمن جو حاڪم آھين.
قَالَ يَا نُوحُ إِنَّهُ لَيْسَ مِنْ أَهْلِكَ ۖ إِنَّهُ عَمَلٌ غَيْرُ صَالِحٍ ۖ فَلَا تَسْأَلْنِ مَا لَيْسَ لَكَ بِهِ عِلْمٌ ۖ إِنِّي أَعِظُكَ أَن تَكُونَ مِنَ الْجَاهِلِينَ ۝٤٦
📖 ترجمو آيت 46
(الله) فرمايو ته اي نوح اُھو تنھنجي گھر وارن مان نه آھي، ڇوته اَڻ سڌريل ڪمن وارو آھي، تنھنڪري جنھن جي توکي ڪا خبر نه آھي تنھن بابت مون کان نه پُڇ، آءٌ توکي نصيحت ڪريان ٿو ته متان جاھلن مان ٿئين.
قَالَ رَبِّ إِنِّي أَعُوذُ بِكَ أَنْ أَسْأَلَكَ مَا لَيْسَ لِي بِهِ عِلْمٌ ۖ وَإِلَّا تَغْفِرْ لِي وَتَرْحَمْنِي أَكُن مِّنَ الْخَاسِرِينَ ۝٤٧
📖 ترجمو آيت 47
(نوحؓ) چيو ته اي منھنجا پالڻھار جنھن (ڳالھ جي حقيقت) جي مون کي خبر نه آھي تنھن بابت توکان پڇڻ جي آءٌ تو وٽان پناھ گھران ٿو، ۽ جي تون نه بخشيندين ۽ رحم نه ڪندين ته ڇيئي وارن مان ٿيندس.
قِيلَ يَا نُوحُ اهْبِطْ بِسَلَامٍ مِّنَّا وَبَرَكَاتٍ عَلَيْكَ وَعَلَىٰ أُمَمٍ مِّمَّن مَّعَكَ ۚ وَأُمَمٌ سَنُمَتِّعُهُمْ ثُمَّ يَمَسُّهُم مِّنَّا عَذَابٌ أَلِيمٌ ۝٤٨
📖 ترجمو آيت 48
چيو ويو ته اي نوحؑ اسان جي طرف کان سلامتي ۽ برڪتن سان لھ جي توتي ھجن ۽ انھن ٽولين تي (به) جيڪي توساڻ آھن، ۽ (ٻيون ڪي) جماعتون ھونديون جن کي آسودو ڪنداسون وري انھن (مان ڪافرن) کي اسان وٽان ڏکوئيندڙ عذاب پھچندو.
تِلْكَ مِنْ أَنبَاءِ الْغَيْبِ نُوحِيهَا إِلَيْكَ ۖ مَا كُنتَ تَعْلَمُهَا أَنتَ وَلَا قَوْمُكَ مِن قَبْلِ هَٰذَا ۖ فَاصْبِرْ ۖ إِنَّ الْعَاقِبَةَ لِلْمُتَّقِينَ ۝٤٩
📖 ترجمو آيت 49
اِھي (قصا) ڳُجھين خبرن مان آھن جي تو ڏانھن وحي ڪريون ٿا، ھن کان اڳ نڪي (ان کي) تون ڄاڻندو ھئين ۽ نڪا تنھنجي قوم ڄاڻندي ھئي، پوءِ صبر ڪريو، بيشڪ پڇاڙي پرھيزگارن لاءِ آھي.
وَإِلَىٰ عَادٍ أَخَاهُمْ هُودًا ۚ قَالَ يَا قَوْمِ اعْبُدُوا اللَّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُ ۖ إِنْ أَنتُمْ إِلَّا مُفْتَرُونَ ۝٥٠
📖 ترجمو آيت 50
۽ عادين ڏانھن سندن ڀاءُ ھود کي (موڪليوسون)، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نه آھي، اوھين رڳو ٺاھ ٺاھيندڙ آھيو.
يَا قَوْمِ لَا أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ أَجْرًا ۖ إِنْ أَجْرِيَ إِلَّا عَلَى الَّذِي فَطَرَنِي ۚ أَفَلَا تَعْقِلُونَ ۝٥١
📖 ترجمو آيت 51
اي منھنجي قوم اوھان کان (ھن پيغام پھچائڻ تي) ڪو اجورو نٿو گھران، منھنجو اجورو رڳو انھي تي آھي جنھن مون کي پيدا ڪيو آھي، پوءِ اوھين ڇونه ٿا سمجھو.
وَيَا قَوْمِ اسْتَغْفِرُوا رَبَّكُمْ ثُمَّ تُوبُوا إِلَيْهِ يُرْسِلِ السَّمَاءَ عَلَيْكُم مِّدْرَارًا وَيَزِدْكُمْ قُوَّةً إِلَىٰ قُوَّتِكُمْ وَلَا تَتَوَلَّوْا مُجْرِمِينَ ۝٥٢
📖 ترجمو آيت 52
۽ اي منھنجي قوم پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري سندس اڳيان توبه ڪريو ته اوھان تي لڳولڳ وسندڙ ڪڪر موڪليندو ۽ اوھان جي سگھ تي سگھ وڌائيندو ۽ اوھين ڏوھي ٿي منھن نه ڦيريو.
قَالُوا يَا هُودُ مَا جِئْتَنَا بِبَيِّنَةٍ وَمَا نَحْنُ بِتَارِكِي آلِهَتِنَا عَن قَوْلِكَ وَمَا نَحْنُ لَكَ بِمُؤْمِنِينَ ۝٥٣
📖 ترجمو آيت 53
چيائون ته اي ھُود اسان وٽ ڪوئي دليل نه آندو اٿئي ۽ اسين تنھنجي چوڻ تي پنھنجن معبودن کي ڇڏڻ وارا نه آھيون ۽ نڪي توکي مڃيندڙ آھيون.
إِن نَّقُولُ إِلَّا اعْتَرَاكَ بَعْضُ آلِهَتِنَا بِسُوءٍ ۗ قَالَ إِنِّي أُشْهِدُ اللَّهَ وَاشْهَدُوا أَنِّي بَرِيءٌ مِّمَّا تُشْرِكُونَ ۝٥٤
📖 ترجمو آيت 54
اسين توکي رڳو (ھي ڳالھ) چئون ٿا ته اسان جي ڪِن بُتن توکي ڪي ايذايو آھي، (ھود) چيو بيشڪ آءٌ الله کي شاھد ڪريان ٿو ۽ اوھين به شاھد ھُجو تحقيق آءٌ انھن کان بيزار آھيان جن کي (الله سان) شريڪ بڻائيندا آھيو.
مِن دُونِهِ ۖ فَكِيدُونِي جَمِيعًا ثُمَّ لَا تُنظِرُونِ ۝٥٥
📖 ترجمو آيت 55
اُن (الله) ڌاران پوءِ مون سان سڀئي مدائي ڪريو وري مون کي مُھلت نه ڏيو.
إِنِّي تَوَكَّلْتُ عَلَى اللَّهِ رَبِّي وَرَبِّكُم ۚ مَّا مِن دَابَّةٍ إِلَّا هُوَ آخِذٌ بِنَاصِيَتِهَا ۚ إِنَّ رَبِّي عَلَىٰ صِرَاطٍ مُّسْتَقِيمٍ ۝٥٦
📖 ترجمو آيت 56
تحقيق مون پنھنجي پالڻھار ۽ اوھان جي پالڻھار الله تي ڀروسو ڪيو آھي، ڪو (جاندار) چرندڙ نه آھي جنھنجي پيشانيءَ (جي چڳه) اُن (الله) کانسواءِ ٻيو ڪو (ھٿ ۾) وٺندڙ ھجي بيشڪ منھنجو پالڻھار سڌيءَ واٽ تي آھي.
فَإِن تَوَلَّوْا فَقَدْ أَبْلَغْتُكُم مَّا أُرْسِلْتُ بِهِ إِلَيْكُمْ ۚ وَيَسْتَخْلِفُ رَبِّي قَوْمًا غَيْرَكُمْ وَلَا تَضُرُّونَهُ شَيْئًا ۚ إِنَّ رَبِّي عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ حَفِيظٌ ۝٥٧
📖 ترجمو آيت 57
پوءِ جيڪڏھن ڦرندؤ ته (مون کي ڇا ٿيندو) بيشڪ جنھن پيغام سان اوھان ڏانھن موڪليو ويو آھيان سو اوھان کي پھچايم، ۽ منھنجو پالڻھار اوھان کانسواءِ ٻيءَ قوم کي اوھان جي جاءِ تي وھاريندو، ۽ اوھين کيس ڪُجھ ذرو نقصان پھچائي نه سگھندؤ، بيشڪ منھنجو پالڻھار سڀني شين تي نگھبان آھي.
وَلَمَّا جَاءَ أَمْرُنَا نَجَّيْنَا هُودًا وَالَّذِينَ آمَنُوا مَعَهُ بِرَحْمَةٍ مِّنَّا وَنَجَّيْنَاهُم مِّنْ عَذَابٍ غَلِيظٍ ۝٥٨
📖 ترجمو آيت 58
۽ جنھن مھل اسان جو عذاب پھتو (تنھن مھل) ھود کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسون، ۽ کين سخت عذاب کان ڇڏايوسون.
وَتِلْكَ عَادٌ ۖ جَحَدُوا بِآيَاتِ رَبِّهِمْ وَعَصَوْا رُسُلَهُ وَاتَّبَعُوا أَمْرَ كُلِّ جَبَّارٍ عَنِيدٍ ۝٥٩
📖 ترجمو آيت 59
۽ اھو حال عادين جو آھي جو پنھنجي پالڻھار جي نشانين جو انڪار ڪيائون ۽ پنھنجي پيغمبرن جي نافرماني ڪيائون ۽ سڀڪنھن ھٺيلي فساديءَ جي حُڪم جا تابعدار ٿيا.
وَأُتْبِعُوا فِي هَٰذِهِ الدُّنْيَا لَعْنَةً وَيَوْمَ الْقِيَامَةِ ۗ أَلَا إِنَّ عَادًا كَفَرُوا رَبَّهُمْ ۗ أَلَا بُعْدًا لِّعَادٍ قَوْمِ هُودٍ ۝٦٠
📖 ترجمو آيت 60
۽ ھن دُنيا ۾ (به) ۽ قيامت جي ڏينھن (به) پويان لعنت لاتي وين، خبردار تحقيق عادين پنھنجي پالڻھار جو انڪار ڪيو، خبردار عادين کي لعنت ھجي جو ھود جي قوم ھوا.
۞ وَإِلَىٰ ثَمُودَ أَخَاهُمْ صَالِحًا ۚ قَالَ يَا قَوْمِ اعْبُدُوا اللَّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُ ۖ هُوَ أَنشَأَكُم مِّنَ الْأَرْضِ وَاسْتَعْمَرَكُمْ فِيهَا فَاسْتَغْفِرُوهُ ثُمَّ تُوبُوا إِلَيْهِ ۚ إِنَّ رَبِّي قَرِيبٌ مُّجِيبٌ ۝٦١
📖 ترجمو آيت 61
۽ ثمود جي قوم ڏانھن سندن ڀاءُ صالحؑ کي موڪليوسون، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو ان کانسواءِ (ڪو ٻيو) معبود نه آھي، اُنھيءَ اوھان کي زمين مان پيدا ڪيو ۽ منجھس اوھان کي آباد ڪيائين تنھنڪري کانئس بخشش گھرو وري سندس اڳيان توبه ڪريو، بيشڪ منھنجو پالڻھار ويجھو (۽) قبول ڪندڙ آھي.
قَالُوا يَا صَالِحُ قَدْ كُنتَ فِينَا مَرْجُوًّا قَبْلَ هَٰذَا ۖ أَتَنْهَانَا أَن نَّعْبُدَ مَا يَعْبُدُ آبَاؤُنَا وَإِنَّنَا لَفِي شَكٍّ مِّمَّا تَدْعُونَا إِلَيْهِ مُرِيبٍ ۝٦٢
📖 ترجمو آيت 62
چيائون ته اي صالح ھن کان اڳ بيشڪ اسين تو ۾ (ڪيئي) اُميدون رکندا ھواسون (جي ھاڻي بند ٿيون) اسان جي ابن ڏاڏن جن کي پوڄيو تن جي پوڄڻ کان اسان کي ڇو ٿو جھلين؟ ۽ جنھن ڏانھن اسان کي سڏين ٿو تنھن کان اسين بلڪل شڪ ۾ پيل آھيون.
قَالَ يَا قَوْمِ أَرَأَيْتُمْ إِن كُنتُ عَلَىٰ بَيِّنَةٍ مِّن رَّبِّي وَآتَانِي مِنْهُ رَحْمَةً فَمَن يَنصُرُنِي مِنَ اللَّهِ إِنْ عَصَيْتُهُ ۖ فَمَا تَزِيدُونَنِي غَيْرَ تَخْسِيرٍ ۝٦٣
📖 ترجمو آيت 63
(صالح) چيو ته اي منھنجي قوم (مون کي اوھين) ڏسو ته سھين ته جيڪڏھن آءٌ پنھنجي پالڻھار کان چٽيءَ حُجت تي ھجان ۽ پنھنجي طرف کان مون تي ٻاجھ ڪئي ھجيس ته جيڪڏھن (آءٌ اوھان جو چيو مڃي) سندس نافرماني ڪريان ته الله کان مون کي ڪير ڇڏائيندو؟ پوءِ اوھان مون لاءِ رڳو نقصان وڌايو؟
وَيَا قَوْمِ هَٰذِهِ نَاقَةُ اللَّهِ لَكُمْ آيَةً فَذَرُوهَا تَأْكُلْ فِي أَرْضِ اللَّهِ وَلَا تَمَسُّوهَا بِسُوءٍ فَيَأْخُذَكُمْ عَذَابٌ قَرِيبٌ ۝٦٤
📖 ترجمو آيت 64
۽ اي منھنجي قوم ھيءَ الله جي ڏاچي اوھان لاءِ نشاني (مُعجزو) آھي پوءِ ان کي ڇڏيو ته الله جي زمين ۾ (جتي وڻيس اُتي) چَري ۽ ان کي ڪو ايذاءُ نه پھچايو نه ته پوءِ اوھان کي ستت ئي عذاب اچي وٺندو.
فَعَقَرُوهَا فَقَالَ تَمَتَّعُوا فِي دَارِكُمْ ثَلَاثَةَ أَيَّامٍ ۖ ذَٰلِكَ وَعْدٌ غَيْرُ مَكْذُوبٍ ۝٦٥
📖 ترجمو آيت 65
پوءِ اُن جو کُچون ڪپي (ماري) وڌائون پوءِ (صالحؑ) چيو ته اوھين پنھنجن گھرن ۾ (ڇڙا) ٽي ڏينھن فائدو وٺو، اُھو فائدو ڪوڙو نه آھي.
فَلَمَّا جَاءَ أَمْرُنَا نَجَّيْنَا صَالِحًا وَالَّذِينَ آمَنُوا مَعَهُ بِرَحْمَةٍ مِّنَّا وَمِنْ خِزْيِ يَوْمِئِذٍ ۗ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ الْقَوِيُّ الْعَزِيزُ ۝٦٦
📖 ترجمو آيت 66
پوءِ جنھن مھل اسان جو عذاب آيو (تنھن مھل) صالح ۽ جن ساڻس ايمان آندو ھو تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسون ۽ قيامت جي ڏينھن جي خواري کان (به) تحقيق تنھنجو پالڻھار طاقت وارو ۽ غالب آھي.
وَأَخَذَ الَّذِينَ ظَلَمُوا الصَّيْحَةُ فَأَصْبَحُوا فِي دِيَارِهِمْ جَاثِمِينَ ۝٦٧
📖 ترجمو آيت 67
۽ (انھن) ظالمن کي ھڪ خوفناڪ آواز ورتو پوءِ صبح جو پنھنجن حويلين ۾ ڪرونڊڙا ٿي مري ويا.
كَأَن لَّمْ يَغْنَوْا فِيهَا ۗ أَلَا إِنَّ ثَمُودَ كَفَرُوا رَبَّهُمْ ۗ أَلَا بُعْدًا لِّثَمُودَ ۝٦٨
📖 ترجمو آيت 68
ڄڻڪ منجھس رھيا ئي نه ھوا، خبردار ثمودي پنھنجي رب کان منڪر ٿيا، ٻڌو! ثمودين تي لعنت ھجي.
وَلَقَدْ جَاءَتْ رُسُلُنَا إِبْرَاهِيمَ بِالْبُشْرَىٰ قَالُوا سَلَامًا ۖ قَالَ سَلَامٌ ۖ فَمَا لَبِثَ أَن جَاءَ بِعِجْلٍ حَنِيذٍ ۝٦٩
📖 ترجمو آيت 69
۽ بيشڪ اسانجا قاصد ابراھيمؑ وٽ خوشخبري (ڏيڻ) لاءِ آيا (پوءِ) سلام ڏنائون، (ابراھيمؑ) سلام ورايو پوءِ ڀُڳل گابي (جي گوشت آڻڻ) ۾ ڪا دير نه ڪيائين.
فَلَمَّا رَأَىٰ أَيْدِيَهُمْ لَا تَصِلُ إِلَيْهِ نَكِرَهُمْ وَأَوْجَسَ مِنْهُمْ خِيفَةً ۚ قَالُوا لَا تَخَفْ إِنَّا أُرْسِلْنَا إِلَىٰ قَوْمِ لُوطٍ ۝٧٠
📖 ترجمو آيت 70
پوءِ جنھن مھل سندن ھٿن کي اُن (گوشت) ڏانھن نه پھچندو ڏنائين (تنھن مھل) کين اوپرو ڀانيائين ۽ کائن دل ۾ ڊنون چيائون ته نه ڊڄ اسان کي لُوط جي قوم ڏانھن موڪليو ويو آھي.
وَامْرَأَتُهُ قَائِمَةٌ فَضَحِكَتْ فَبَشَّرْنَاهَا بِإِسْحَاقَ وَمِن وَرَاءِ إِسْحَاقَ يَعْقُوبَ ۝٧١
📖 ترجمو آيت 71
۽ سنديس زال جا بيٺل ھُئي سا کِلي پوءِ ان کي اسحاق جي (ڄمڻ جي) ۽ اسحاق جي پٺيان يعقوب جي مُبارڪ ڏنيسون.
قَالَتْ يَا وَيْلَتَىٰ أَأَلِدُ وَأَنَا عَجُوزٌ وَهَٰذَا بَعْلِي شَيْخًا ۖ إِنَّ هَٰذَا لَشَيْءٌ عَجِيبٌ ۝٧٢
📖 ترجمو آيت 72
چيائين ته مون لاءِ افسوس آھي آءٌ ھن حالت ۾ ڄڻينديس ڇا جو آءٌ پاڻ ڪراڙي جھور آھيان ۽ ھيءُ منھنجو مڙس ٻڍو آھي، ھي ته ھڪ عجيب ڳالھ آھي.
قَالُوا أَتَعْجَبِينَ مِنْ أَمْرِ اللَّهِ ۖ رَحْمَتُ اللَّهِ وَبَرَكَاتُهُ عَلَيْكُمْ أَهْلَ الْبَيْتِ ۚ إِنَّهُ حَمِيدٌ مَّجِيدٌ ۝٧٣
📖 ترجمو آيت 73
چيائون ته الله جي حُڪم تي عجب ڇو ٿي ڪرين اي ھن گھر وارؤ اوھان تي الله جي ٻاجھ ۽ سندس برڪتون آھن، بيشڪ اھو (الله) ساراھيل وڏائيءَ وارو آھي.
فَلَمَّا ذَهَبَ عَنْ إِبْرَاهِيمَ الرَّوْعُ وَجَاءَتْهُ الْبُشْرَىٰ يُجَادِلُنَا فِي قَوْمِ لُوطٍ ۝٧٤
📖 ترجمو آيت 74
پوءِ جنھن مھل ابراھيمؑ کان ڀؤ لٿو ۽ خوشخبري پُھتس (ته اُن وقت) لُوط جي قوم بابت اسان سان تڪرار ڪرڻ لڳو.
إِنَّ إِبْرَاهِيمَ لَحَلِيمٌ أَوَّاهٌ مُّنِيبٌ ۝٧٥
📖 ترجمو آيت 75
ڇوته اِبراھيم بُردبار نرم دل (الله ڏانھن) موٽندڙ ھو.
يَا إِبْرَاهِيمُ أَعْرِضْ عَنْ هَٰذَا ۖ إِنَّهُ قَدْ جَاءَ أَمْرُ رَبِّكَ ۖ وَإِنَّهُمْ آتِيهِمْ عَذَابٌ غَيْرُ مَرْدُودٍ ۝٧٦
📖 ترجمو آيت 76
(چيوسون ته) اي ابراھيمؑ اِن خيال کان مُڙي وڃ، تحقيق تنھنجي پالڻھار جو حُڪم اچي چڪو آھي، ۽ کين اَڻ ٽر عذاب اچڻ وارو آھي.
وَلَمَّا جَاءَتْ رُسُلُنَا لُوطًا سِيءَ بِهِمْ وَضَاقَ بِهِمْ ذَرْعًا وَقَالَ هَٰذَا يَوْمٌ عَصِيبٌ ۝٧٧
📖 ترجمو آيت 77
۽ جڏھن اسان جا قاصد لُوط وٽ آيا (تڏھن) سندن (اچڻ) سببان خفي ٿيو ۽ انھن جي سببان تنگدل ٿيو ۽ چيائين ته ھي ڏينھن سخت آھي.
وَجَاءَهُ قَوْمُهُ يُهْرَعُونَ إِلَيْهِ وَمِن قَبْلُ كَانُوا يَعْمَلُونَ السَّيِّئَاتِ ۚ قَالَ يَا قَوْمِ هَٰؤُلَاءِ بَنَاتِي هُنَّ أَطْهَرُ لَكُمْ ۖ فَاتَّقُوا اللَّهَ وَلَا تُخْزُونِ فِي ضَيْفِي ۖ أَلَيْسَ مِنكُمْ رَجُلٌ رَّشِيدٌ ۝٧٨
📖 ترجمو آيت 78
۽ سندس قوم ڏانھس ڊوڙندي آئي، ۽ (اُھي) اڳي بُڇڙا ڪم ڪندا ھئا، چيائين ته اي منھنجي قوم ھيءُ منھنجون ڌيئرون اوھان جي (نڪاح) لاءِ ڏاڍيون سٺيون آھن پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجي مھمانن (سان بڇڙي ھلت ڪري) ۽ مونکي لڄي نه ڪريو، اوھان ۾ ڪو ڀلارو مڙس ڪونھي ڇا (جو اوھان کي جھلي)؟
قَالُوا لَقَدْ عَلِمْتَ مَا لَنَا فِي بَنَاتِكَ مِنْ حَقٍّ وَإِنَّكَ لَتَعْلَمُ مَا نُرِيدُ ۝٧٩
📖 ترجمو آيت 79
چيائون ته تون پڪي طرح ڄاڻي چڪو آھين ته اسان کي تنھنجي ڌيئرن ۾ ڪا احتياجي ڪانه آھي، ۽ توکي ته معلوم آھي جو اسين گھرون ٿا.
قَالَ لَوْ أَنَّ لِي بِكُمْ قُوَّةً أَوْ آوِي إِلَىٰ رُكْنٍ شَدِيدٍ ۝٨٠
📖 ترجمو آيت 80
(لُوط) چيو ته جيڪڏھن مون کي اوھان سان مقابلي جي سگھ ھجي ھا يا ڪنھن ڏاڍي اوٽ جي پناھ وٺان ھا (ته جيڪي ڪرڻو ھو سو ڪريان ھا).
قَالُوا يَا لُوطُ إِنَّا رُسُلُ رَبِّكَ لَن يَصِلُوا إِلَيْكَ ۖ فَأَسْرِ بِأَهْلِكَ بِقِطْعٍ مِّنَ اللَّيْلِ وَلَا يَلْتَفِتْ مِنكُمْ أَحَدٌ إِلَّا امْرَأَتَكَ ۖ إِنَّهُ مُصِيبُهَا مَا أَصَابَهُمْ ۚ إِنَّ مَوْعِدَهُمُ الصُّبْحُ ۚ أَلَيْسَ الصُّبْحُ بِقَرِيبٍ ۝٨١
📖 ترجمو آيت 81
(ملائڪن) چيو ته اي لُوط اسين تنھنجي پالڻھار جا موڪليل آھيون (اُھي) تو وٽ ڪڏھن نه پھچي سگھندا پوءِ (تون) پنھنجي گھر وارن سوڌو ڪجھ رات ڏئي نِڪر ۽ اوھان کي جڳائي ته ڪو ھڪڙو پوءِ تي ڪافرن جي عذاب ڏانھن نه واجھائي پر تنھنجي زال (واجھائيندي)، ھن ڪري ته جو (عذاب) اُن (ڪافرن جي) قوم کي پھچندو سو اُن کي (به) پھچڻو آھي، سندن (عذاب پھچڻ جي) انجام جي مھل صبح آھي، صُبح ويجھو نه آھي ڇا؟
فَلَمَّا جَاءَ أَمْرُنَا جَعَلْنَا عَالِيَهَا سَافِلَهَا وَأَمْطَرْنَا عَلَيْهَا حِجَارَةً مِّن سِجِّيلٍ مَّنضُودٍ ۝٨٢
📖 ترجمو آيت 82
پوءِ جنھن مھل اسان جو حُڪم پھتو ته اُن (ڳوٺ) کي ھيٺ مٿي ڪيوسون ۽ اُن تي پڪي مٽيءَ جا ڳوڙھا لڳولڳ وسايا سون.
مُّسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ ۖ وَمَا هِيَ مِنَ الظَّالِمِينَ بِبَعِيدٍ ۝٨٣
📖 ترجمو آيت 83
جو تنھنجي پالڻھار وٽان نشان ٿيل ھوا، ۽ اُھا (سزا) ظالمن کان پري نه ھئي.
۞ وَإِلَىٰ مَدْيَنَ أَخَاهُمْ شُعَيْبًا ۚ قَالَ يَا قَوْمِ اعْبُدُوا اللَّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُ ۖ وَلَا تَنقُصُوا الْمِكْيَالَ وَالْمِيزَانَ ۚ إِنِّي أَرَاكُم بِخَيْرٍ وَإِنِّي أَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ مُّحِيطٍ ۝٨٤
📖 ترجمو آيت 84
۽ مدين (جي قوم) ڏانھن سندن ڀاءُ شعيبؑ کي موڪليوسون، (شعيب) چيو ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن کانسواءِ اوھان جو ڪو معبُود ڪونھي، ۽ ماڻ ۽ تور گھٽائي نه ڏيو آءٌ اوھان کي آسودو ڏسان ٿو آءٌ اوھان تي وڪوڙيندڙ ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو.
وَيَا قَوْمِ أَوْفُوا الْمِكْيَالَ وَالْمِيزَانَ بِالْقِسْطِ ۖ وَلَا تَبْخَسُوا النَّاسَ أَشْيَاءَهُمْ وَلَا تَعْثَوْا فِي الْأَرْضِ مُفْسِدِينَ ۝٨٥
📖 ترجمو آيت 85
۽ اي منھنجي قوم ماڻ ۽ تور انصاف سان پوري ڏيو وٺو ۽ ماڻھن کي سندين شيون گھٽائي نه ڏيو ۽ نڪي مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙو وجھو.
بَقِيَّتُ اللَّهِ خَيْرٌ لَّكُمْ إِن كُنتُم مُّؤْمِنِينَ ۚ وَمَا أَنَا عَلَيْكُم بِحَفِيظٍ ۝٨٦
📖 ترجمو آيت 86
جيڪڏھن اوھين مؤمن آھيو ته الله جي بچايل بچت اوھان لاءِ ڀلي آھي، ۽ آءٌ اوھان تي نگھبان نه آھيان.
قَالُوا يَا شُعَيْبُ أَصَلَاتُكَ تَأْمُرُكَ أَن نَّتْرُكَ مَا يَعْبُدُ آبَاؤُنَا أَوْ أَن نَّفْعَلَ فِي أَمْوَالِنَا مَا نَشَاءُ ۖ إِنَّكَ لَأَنتَ الْحَلِيمُ الرَّشِيدُ ۝٨٧
📖 ترجمو آيت 87
چيائون ته اي شعيب تنھنجي نماز توکي حڪم ڪيو آھي ڇا ته جنھن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا ھوا تنھن کي يا پنھنجن مالن ۾ جيڪي ڪرڻ گھرندا آھيون سو ڇڏي ڏيون، (چٿر ڪري چيائون) ته بيشڪ بردبار سنئين رستي وارو آھين.
قَالَ يَا قَوْمِ أَرَأَيْتُمْ إِن كُنتُ عَلَىٰ بَيِّنَةٍ مِّن رَّبِّي وَرَزَقَنِي مِنْهُ رِزْقًا حَسَنًا ۚ وَمَا أُرِيدُ أَنْ أُخَالِفَكُمْ إِلَىٰ مَا أَنْهَاكُمْ عَنْهُ ۚ إِنْ أُرِيدُ إِلَّا الْإِصْلَاحَ مَا اسْتَطَعْتُ ۚ وَمَا تَوْفِيقِي إِلَّا بِاللَّهِ ۚ عَلَيْهِ تَوَكَّلْتُ وَإِلَيْهِ أُنِيبُ ۝٨٨
📖 ترجمو آيت 88
(شعيبؑ) چيو ته اي منھنجي قوم (اوھين ڏسو ته سھي ته آءٌ) جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار کان چِٽي حُجّت تي ھجان ۽ پنھنجي پار کان چڱي روزي مون کي ڏني ھجيس (ته اوھان جو چيو ڪئن مڃيندس) ۽ جنھن کان اوھان کي جھليان ٿو تنھن کان اوھان (کي جھلڻ) جي ابتڙ ھلڻ نٿو گھران، جيڪي ٿي سگھيم سو سڌارڻ کانسواءِ نه گھرندس، ۽ الله (جي فضل) کانسواءِ مون کي ڪا سگھ نه آھي، مٿس ڀروسو ڪيم ۽ ڏانھس موٽان ٿو.
وَيَا قَوْمِ لَا يَجْرِمَنَّكُمْ شِقَاقِي أَن يُصِيبَكُم مِّثْلُ مَا أَصَابَ قَوْمَ نُوحٍ أَوْ قَوْمَ هُودٍ أَوْ قَوْمَ صَالِحٍ ۚ وَمَا قَوْمُ لُوطٍ مِّنكُم بِبَعِيدٍ ۝٨٩
📖 ترجمو آيت 89
۽ اي منھنجي قوم اوھان کي مون سان دشمني ڪرڻ اھڙي عذاب جو سبب نه بڻجي جھڙو عذاب نوح جي قوم يا ھود جي قوم يا صالح جي قوم کي پُھتو، ۽ لُوط جي قوم اوھان کان ڪا پري نه آھي.
وَاسْتَغْفِرُوا رَبَّكُمْ ثُمَّ تُوبُوا إِلَيْهِ ۚ إِنَّ رَبِّي رَحِيمٌ وَدُودٌ ۝٩٠
📖 ترجمو آيت 90
۽ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري اڳيانس توبه ڪريو، تحقيق منھنجو پالڻھار مھربان (سڀڪنھن جو) سڄڻ آھي.
قَالُوا يَا شُعَيْبُ مَا نَفْقَهُ كَثِيرًا مِّمَّا تَقُولُ وَإِنَّا لَنَرَاكَ فِينَا ضَعِيفًا ۖ وَلَوْلَا رَهْطُكَ لَرَجَمْنَاكَ ۖ وَمَا أَنتَ عَلَيْنَا بِعَزِيزٍ ۝٩١
📖 ترجمو آيت 91
چيائون ته اي شعيب جيڪي تون چوين ٿو تنھن مان گھڻو نٿا سمجھون ۽ توکي پاڻ مان بلڪل ھيڻون ڏسون ٿا، ۽ جيڪڏھن تنھنجو ڪڙم نه ھجي ھا ته توکي پٿرن سان ماريون ھا، ۽ تون اسان تي ڪو سردار نه آھين.
قَالَ يَا قَوْمِ أَرَهْطِي أَعَزُّ عَلَيْكُم مِّنَ اللَّهِ وَاتَّخَذْتُمُوهُ وَرَاءَكُمْ ظِهْرِيًّا ۖ إِنَّ رَبِّي بِمَا تَعْمَلُونَ مُحِيطٌ ۝٩٢
📖 ترجمو آيت 92
(شعيب) چيو ته اي منھنجي قوم اوھان وٽ منھنجو ڪڙم الله کان وڌيڪ پيارو آھي ڇا؟ ۽ اُن (الله جي حُڪم) کي پنھنجي پٺيءَ پويان اُڇلي ڇڏيو اٿوَ، تحقيق جيڪي ڪندا آھيو سو منھنجي پالڻھار جي قابو ۾ آھي.
وَيَا قَوْمِ اعْمَلُوا عَلَىٰ مَكَانَتِكُمْ إِنِّي عَامِلٌ ۖ سَوْفَ تَعْلَمُونَ مَن يَأْتِيهِ عَذَابٌ يُخْزِيهِ وَمَنْ هُوَ كَاذِبٌ ۖ وَارْتَقِبُوا إِنِّي مَعَكُمْ رَقِيبٌ ۝٩٣
📖 ترجمو آيت 93
۽ اي منھنجي قوم اوھين پنھنجي پر تي عمل ڪريو آءٌ (به) عمل ڪندڙ آھيان، سگھوئي ڄاڻندؤ ته ڪنھن کي عذاب پھچي ٿو جو کيس خوار ڪندو ۽ جيڪو ڪوڙو آھي تنھن کي به، ۽ انتظار ڪريو آءٌ (به) اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙ آھيان.
وَلَمَّا جَاءَ أَمْرُنَا نَجَّيْنَا شُعَيْبًا وَالَّذِينَ آمَنُوا مَعَهُ بِرَحْمَةٍ مِّنَّا وَأَخَذَتِ الَّذِينَ ظَلَمُوا الصَّيْحَةُ فَأَصْبَحُوا فِي دِيَارِهِمْ جَاثِمِينَ ۝٩٤
📖 ترجمو آيت 94
۽ جنھن مھل اسان جو عذاب آيو تنھن مھل شعيبؑ کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو ھو تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسون، ۽ ظالمن کي سخت ڪڙڪي (اچي) پڪڙيو پوءِ پنھنجن گھرن ۾ گوڏن ڀر مري ويا.
كَأَن لَّمْ يَغْنَوْا فِيهَا ۗ أَلَا بُعْدًا لِّمَدْيَنَ كَمَا بَعِدَتْ ثَمُودُ ۝٩٥
📖 ترجمو آيت 95
ڄڻڪ منجھن رھيا ئي نه ھوا، خبردار مدين وارن تي ڦِٽ ھجي جھڙي ثمود قوم تي لعنت ٿي.
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا مُوسَىٰ بِآيَاتِنَا وَسُلْطَانٍ مُّبِينٍ ۝٩٦
📖 ترجمو آيت 96
۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجين نشانين ۽ پڌري حُجّت سان موڪليوسون.
إِلَىٰ فِرْعَوْنَ وَمَلَئِهِ فَاتَّبَعُوا أَمْرَ فِرْعَوْنَ ۖ وَمَا أَمْرُ فِرْعَوْنَ بِرَشِيدٍ ۝٩٧
📖 ترجمو آيت 97
فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن پوءِ (سڀ ماڻھو) فرعون جي حُڪم جي پويان لڳا، ۽ فرعون جو حُڪم سڌو نه ھو.
يَقْدُمُ قَوْمَهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ فَأَوْرَدَهُمُ النَّارَ ۖ وَبِئْسَ الْوِرْدُ الْمَوْرُودُ ۝٩٨
📖 ترجمو آيت 98
قيامت جي ڏينھن (فرعون) پنھنجي قوم جو اڳواڻ ٿيندو پوءِ کين باھ ۾ گھيڙيندو، ۽ جنھن گھٽ ۾ گھيڙيا ويندا سو بڇڙو آھي.
وَأُتْبِعُوا فِي هَٰذِهِ لَعْنَةً وَيَوْمَ الْقِيَامَةِ ۚ بِئْسَ الرِّفْدُ الْمَرْفُودُ ۝٩٩
📖 ترجمو آيت 99
۽ ھن (دنيا) ۾ (به) لعنت انھن کي پويان لڳائي ويئي ۽ قيامت جي ڏينھن (به) جيڪو (لعنت جو) انعام ملين سو بڇڙو آھي.
ذَٰلِكَ مِنْ أَنبَاءِ الْقُرَىٰ نَقُصُّهُ عَلَيْكَ ۖ مِنْهَا قَائِمٌ وَحَصِيدٌ ۝١٠٠
📖 ترجمو آيت 100
(اي پيغمبر) اھي ڳوٺن جون خبرون آھن جي توتي بيان ڪريون ٿا انھن مان (ڪي) قائم (آھن) ۽ (ڪي) ناس ٿيل.
وَمَا ظَلَمْنَاهُمْ وَلَٰكِن ظَلَمُوا أَنفُسَهُمْ ۖ فَمَا أَغْنَتْ عَنْهُمْ آلِهَتُهُمُ الَّتِي يَدْعُونَ مِن دُونِ اللَّهِ مِن شَيْءٍ لَّمَّا جَاءَ أَمْرُ رَبِّكَ ۖ وَمَا زَادُوهُمْ غَيْرَ تَتْبِيبٍ ۝١٠١
📖 ترجمو آيت 101
۽ اسان انھن تي ظلم نه ڪيو پر ھنن پاڻ تي (پاڻھين) ظلم ڪيو پوءِ جنھن مھل تنھنجي پالڻھار جو حُڪم پھتو (ته) سندن معبودن جن کي الله کان سواءِ سڏيندا ھوا کائن ڪُجھ به نه ٽاريو، ۽ ھلاڪي کانسواءِ (ٻيو ڪي) کين نه وڌايائون.
وَكَذَٰلِكَ أَخْذُ رَبِّكَ إِذَا أَخَذَ الْقُرَىٰ وَهِيَ ظَالِمَةٌ ۚ إِنَّ أَخْذَهُ أَلِيمٌ شَدِيدٌ ۝١٠٢
📖 ترجمو آيت 102
۽ ائين تنھنجي پالڻھار جو اُن مھل ڳوٺن (وارن) کي اُن حالت ۾ پڪڙڻ ٿيندو آھي جڏھن اُھي ظُلم ڪندڙ ٿيندا آھن، بيشڪ سندس پڪڙ سخت ڏکوئيندڙ آھي.
إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَةً لِّمَنْ خَافَ عَذَابَ الْآخِرَةِ ۚ ذَٰلِكَ يَوْمٌ مَّجْمُوعٌ لَّهُ النَّاسُ وَذَٰلِكَ يَوْمٌ مَّشْهُودٌ ۝١٠٣
📖 ترجمو آيت 103
بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ انھيءَ لاءِ نشاني آھي جو آخرت جي عذاب کان ڊنو، اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن ۾ ماڻھن کي ميڙبو ۽ اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن ۾ (سڀ) حاضر ٿيندا.
وَمَا نُؤَخِّرُهُ إِلَّا لِأَجَلٍ مَّعْدُودٍ ۝١٠٤
📖 ترجمو آيت 104
۽ مُقرّر مُدت کانسواءِ ان کي نه ٿا ڍر ڏيون.
يَوْمَ يَأْتِ لَا تَكَلَّمُ نَفْسٌ إِلَّا بِإِذْنِهِ ۚ فَمِنْهُمْ شَقِيٌّ وَسَعِيدٌ ۝١٠٥
📖 ترجمو آيت 105
جنھن ڏينھن (اُھو) ايندو ته ڪو ماڻھو اُن (الله) جي موڪل کانسواءِ نه ڳالھائيندو، پوءِ اُنھن مان ڪي بدبخت ھوندا ۽ ڪي نيڪ بخت ھوندا.
فَأَمَّا الَّذِينَ شَقُوا فَفِي النَّارِ لَهُمْ فِيهَا زَفِيرٌ وَشَهِيقٌ ۝١٠٦
📖 ترجمو آيت 106
پوءِ جيڪي بدبخت ٿيا سي باہ ۾ (گھڙندا) انھن کي منجھس چيڪَ ۽ دانھَن ھوندي.
خَالِدِينَ فِيهَا مَا دَامَتِ السَّمَاوَاتُ وَالْأَرْضُ إِلَّا مَا شَاءَ رَبُّكَ ۚ إِنَّ رَبَّكَ فَعَّالٌ لِّمَا يُرِيدُ ۝١٠٧
📖 ترجمو آيت 107
مگر جيترو وقت تنھنجي پالڻھار گھريو ان کانسواءِ آسمانن ۽ زمين جي بقا ھجڻ تائين منجھس سدائين رھندا، بيشڪ تنھنجو پالڻھار جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي.
۞ وَأَمَّا الَّذِينَ سُعِدُوا فَفِي الْجَنَّةِ خَالِدِينَ فِيهَا مَا دَامَتِ السَّمَاوَاتُ وَالْأَرْضُ إِلَّا مَا شَاءَ رَبُّكَ ۖ عَطَاءً غَيْرَ مَجْذُوذٍ ۝١٠٨
📖 ترجمو آيت 108
۽ جيڪي نيڪ بخت ڪيا ويا سي بھشت ۾ (گھڙندا) مگر جيترو وقت تنھنجي پالڻھار گھريو (ان کانسواءِ) آسمانن ۽ زمين جي بقا ھجڻ تائين منجھس سدائين رھندا، (اِھا) بخشش اَڻ کٽ آھي.
فَلَا تَكُ فِي مِرْيَةٍ مِّمَّا يَعْبُدُ هَٰؤُلَاءِ ۚ مَا يَعْبُدُونَ إِلَّا كَمَا يَعْبُدُ آبَاؤُهُم مِّن قَبْلُ ۚ وَإِنَّا لَمُوَفُّوهُمْ نَصِيبَهُمْ غَيْرَ مَنقُوصٍ ۝١٠٩
📖 ترجمو آيت 109
تنھنڪري اِھي جيڪا پوڄا ڪندا آھن تنھن کان تون شڪ ۾ نه رھ، جھڙو سندن پيءُ ڏاڏا اڳ پوڄيندا ھوا اِن کانسواءِ اِھي نه پوڄيندا آھن، ۽ اسين کين اَڻ کٽ (عذاب) جو سندن پورو حصّو ڏيندڙ آھيون.
وَلَقَدْ آتَيْنَا مُوسَى الْكِتَابَ فَاخْتُلِفَ فِيهِ ۚ وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِن رَّبِّكَ لَقُضِيَ بَيْنَهُمْ ۚ وَإِنَّهُمْ لَفِي شَكٍّ مِّنْهُ مُرِيبٍ ۝١١٠
📖 ترجمو آيت 110
۽ بيشڪ موسىؑ کي ڪتاب ڏنوسون پوءِ منجھس اختلاف پيو، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جو حڪم اڳي نه ٿي چڪي ھا ته سندن وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي ھا، ۽ اُھي کانئس وڏي شڪ ۾ پيل آھن.
وَإِنَّ كُلًّا لَّمَّا لَيُوَفِّيَنَّهُمْ رَبُّكَ أَعْمَالَهُمْ ۚ إِنَّهُ بِمَا يَعْمَلُونَ خَبِيرٌ ۝١١١
📖 ترجمو آيت 111
۽ جنھن مھل (اُٿاريا ويندا ته) سڀڪنھن کي تنھنجو پالڻھار سندن اعمالن جو پورو بدلو ڏيندو، ڇوته جيڪي ڪندا آھن تنھنجي اُھو خبر رکندڙ آھي.
فَاسْتَقِمْ كَمَا أُمِرْتَ وَمَن تَابَ مَعَكَ وَلَا تَطْغَوْا ۚ إِنَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ ۝١١٢
📖 ترجمو آيت 112
پوءِ جئن توکي حُڪم ڪيو ويو آھي تئن تون مُحڪم رھ ۽ جن توسان توبه ڪئي (سي به محڪم رھن) ۽ حد کان نه لنگھو، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.
وَلَا تَرْكَنُوا إِلَى الَّذِينَ ظَلَمُوا فَتَمَسَّكُمُ النَّارُ وَمَا لَكُم مِّن دُونِ اللَّهِ مِنْ أَوْلِيَاءَ ثُمَّ لَا تُنصَرُونَ ۝١١٣
📖 ترجمو آيت 113
۽ ظالمن ڏانھن لاڙو نه ڪريو نه ته اوھان کي باھ لڳندي ۽ الله کان سواءِ ڪو اوھان جو دوست نه آھي وري مدد نه ڏبوَ.
وَأَقِمِ الصَّلَاةَ طَرَفَيِ النَّهَارِ وَزُلَفًا مِّنَ اللَّيْلِ ۚ إِنَّ الْحَسَنَاتِ يُذْهِبْنَ السَّيِّئَاتِ ۚ ذَٰلِكَ ذِكْرَىٰ لِلذَّاكِرِينَ ۝١١٤
📖 ترجمو آيت 114
۽ ڏينھن جي اڳياڙيءَ ۽ پوياڙي جي وقتن ۾ ۽ ڪو وقت رات ۾ (به) نماز پڙھ، تحقيق چڱايون مداين کي نينديون آھن، نصيحت وٺندڙن لاءِ اِھا نصيحت آھي.
وَاصْبِرْ فَإِنَّ اللَّهَ لَا يُضِيعُ أَجْرَ الْمُحْسِنِينَ ۝١١٥
📖 ترجمو آيت 115
۽ صبر ڪر بيشڪ الله ڀلارن جو اجر نه وڃائيندو آھي.
فَلَوْلَا كَانَ مِنَ الْقُرُونِ مِن قَبْلِكُمْ أُولُو بَقِيَّةٍ يَنْهَوْنَ عَنِ الْفَسَادِ فِي الْأَرْضِ إِلَّا قَلِيلًا مِّمَّنْ أَنجَيْنَا مِنْهُمْ ۗ وَاتَّبَعَ الَّذِينَ ظَلَمُوا مَا أُتْرِفُوا فِيهِ وَكَانُوا مُجْرِمِينَ ۝١١٦
📖 ترجمو آيت 116
پوءِ اوھان کان اڳ اڳين صدين وارن مان (گھڻا) سمجھ ڀريا ڇونه ٿيا جو (ماڻھن کي) ملڪ ۾ فساد (وجھڻ) کان جھلين ھا پر ڪي ٿورڙا ٿيا جن کي منجھائن بچايوسون، ۽ جيڪي ظالم ھوا سي جنھن (مال) ۾ آسودا ڪيا ويا تنھنجي پٺيان لڳا ۽ اُھي ڏوھاري ھوا.
وَمَا كَانَ رَبُّكَ لِيُهْلِكَ الْقُرَىٰ بِظُلْمٍ وَأَهْلُهَا مُصْلِحُونَ ۝١١٧
📖 ترجمو آيت 117
۽ (اي پيغمبر) تنھنجو پالڻھار اھڙو نه آھي جو ڳوٺن کي سندن سڌريل رھاڪُن ھوندي ظلم سان ناس ڪري ڇڏي.
وَلَوْ شَاءَ رَبُّكَ لَجَعَلَ النَّاسَ أُمَّةً وَاحِدَةً ۖ وَلَا يَزَالُونَ مُخْتَلِفِينَ ۝١١٨
📖 ترجمو آيت 118
۽ جيڪڏھن تنھنجو پالڻھار گھري ھا ته (سڀني) ماڻھن کي ھڪ ئي مذھب (تي) ڪري ھا ۽ (اُھي) سدائين مختلف (مذھب تي) رھندا.
إِلَّا مَن رَّحِمَ رَبُّكَ ۚ وَلِذَٰلِكَ خَلَقَهُمْ ۗ وَتَمَّتْ كَلِمَةُ رَبِّكَ لَأَمْلَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الْجِنَّةِ وَالنَّاسِ أَجْمَعِينَ ۝١١٩
📖 ترجمو آيت 119
پر جن تي تنھنجي پالڻھار رحم ڪيو (سي ھڪ ئي مذھب تي رھندا)، ۽ کين انھيءَ لاءِ (الله) پيدا ڪيو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار جو ٻولُ پورو ٿيو جو جنن ۽ ماڻھن مان گڏي دوزخ ضرور ڀريندس.
وَكُلًّا نَّقُصُّ عَلَيْكَ مِنْ أَنبَاءِ الرُّسُلِ مَا نُثَبِّتُ بِهِ فُؤَادَكَ ۚ وَجَاءَكَ فِي هَٰذِهِ الْحَقُّ وَمَوْعِظَةٌ وَذِكْرَىٰ لِلْمُؤْمِنِينَ ۝١٢٠
📖 ترجمو آيت 120
۽ (اي پيغمبر) پيغمبرن جي خبرن مان تو وٽ ايترو بيان ڪريون ٿا جنھن سان تنھنجي دل کي مضبوط ڪريون، ۽ اُنھن (خبرن) ۾ حق ۽ مؤمنن لاءِ نصيحت ۽ سمجھاڻي آئي آھي.
وَقُل لِّلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ اعْمَلُوا عَلَىٰ مَكَانَتِكُمْ إِنَّا عَامِلُونَ ۝١٢١
📖 ترجمو آيت 121
۽ (اي پيغمبر) جيڪي نه مڃيندا آھن تن کي چؤ ته اوھين پنھنجي جاءِ عمل ڪريو، اسين (به) عمل ڪندڙ آھيون.
وَانتَظِرُوا إِنَّا مُنتَظِرُونَ ۝١٢٢
📖 ترجمو آيت 122
۽ انتظار ڪريو، اسين (به) انتطار ڪندڙ آھيون.
وَلِلَّهِ غَيْبُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَإِلَيْهِ يُرْجَعُ الْأَمْرُ كُلُّهُ فَاعْبُدْهُ وَتَوَكَّلْ عَلَيْهِ ۚ وَمَا رَبُّكَ بِغَافِلٍ عَمَّا تَعْمَلُونَ ۝١٢٣
📖 ترجمو آيت 123
۽ آسمانن ۽ زمين جو ڳُجھ رڳو الله کي (معلوم) آھي ۽ سڀ ڪم ڏانھس موٽايو ويندو آھي پوءِ سندس عبادت ڪر ۽ مٿس ڀروسو رک، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھن کان تنھنجو پالڻھار بي خبر نه آھي.
→ 10 ہود (11/114) 12 ←
پڙهو سورو ہود سنڌي ترجمو – پڙهڻ ۽ ٻڌڻ

11هود Hud 📚 123 آيت مكية

آيت به آيت – سورو ہود — 123 آيت




قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers