سورو انبیاء عربي ۽ سنڌي
سورو انبیاء مڪمل سنڌي ترجمي سان پڙهو. عربي متن، سنڌي ترجمو ۽ آواز تلاوت. (112 آيت — مكية). انبیاء ٻڌو, انبیاء ترجمو, انبیاء mp3, انبیاء pdf.سورو انبیاء پڙهو ۽ ٻڌو
🎧 آيت
M
Mishary Rashid Alafasy
✓
Mishary Rashid Alafasy
✓
M
Mahmoud Khalil Al-Husary
✓
Mahmoud Khalil Al-Husary
✓
A
Abdurrahman As-Sudais
✓
Abdurrahman As-Sudais
✓
M
Mohamed Siddiq Al-Minshawi
✓
Mohamed Siddiq Al-Minshawi
✓
A
Abdul Basit Abdul Samad
✓
Abdul Basit Abdul Samad
✓
A
Ali Al-Hudhaify
✓
Ali Al-Hudhaify
✓
A
Ahmed ibn Ali al-Ajamy
✓
Ahmed ibn Ali al-Ajamy
✓
A
Abu Bakr Ash-Shaatree
✓
Abu Bakr Ash-Shaatree
✓
M
Muhammad Ayyoub
✓
Muhammad Ayyoub
✓
A
Abdullah Basfar
✓
Abdullah Basfar
✓
A
Abdullah Al-Juhani
✓
Abdullah Al-Juhani
✓
M
Maher Al Muaiqly
✓
Maher Al Muaiqly
✓
—
x1
اقْتَرَبَ لِلنَّاسِ حِسَابُهُمْ وَهُمْ فِي غَفْلَةٍ مُّعْرِضُونَ ١
📖 ترجمو
آيت 1
ماڻھن لاءِ سندن حساب ويجھو ٿيو آھي ۽ اُھي غفلت ۾ (رھي کانئس) منھن موڙيندڙ آھن.
مَا يَأْتِيهِم مِّن ذِكْرٍ مِّن رَّبِّهِم مُّحْدَثٍ إِلَّا اسْتَمَعُوهُ وَهُمْ يَلْعَبُونَ ٢
📖 ترجمو
آيت 2
سندن پالڻھار وٽان ڪا نئين نصيحت وٽن نه ايندي آھي پر اُن کي (ٺـٺوليءَ وانگر راند) کيڏندي ٻڌندا آھن.
لَاهِيَةً قُلُوبُهُمْ ۗ وَأَسَرُّوا النَّجْوَى الَّذِينَ ظَلَمُوا هَلْ هَٰذَا إِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ ۖ أَفَتَأْتُونَ السِّحْرَ وَأَنتُمْ تُبْصِرُونَ ٣
📖 ترجمو
آيت 3
سندن دليون وائڙيون آھن، ۽ ظالم ڳجھيون صلاحون ڪندا آھن، ته ھي (پيغمبر) اوھان جھڙو ئي ماڻھو آھي، ۽ اوھين ڏسي وائسي جادوءَ کي ڇو ويجھا ويندا آھيو؟
قَالَ رَبِّي يَعْلَمُ الْقَوْلَ فِي السَّمَاءِ وَالْأَرْضِ ۖ وَهُوَ السَّمِيعُ الْعَلِيمُ ٤
📖 ترجمو
آيت 4
(پيغمبر) چيو ته منھنجو پالڻھار سڀ ڳالھ ڄاڻندڙ آھي (جا) آسمان ۽ زمين ۾ (جتي ھُجي)، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
بَلْ قَالُوا أَضْغَاثُ أَحْلَامٍ بَلِ افْتَرَاهُ بَلْ هُوَ شَاعِرٌ فَلْيَأْتِنَا بِآيَةٍ كَمَا أُرْسِلَ الْأَوَّلُونَ ٥
📖 ترجمو
آيت 5
بلڪ چيائون ته (اھو قرآن) اجايا خيالات آھن بلڪ اُن کي ٺاھ ٺاھيو اٿس بلڪ اُھو شاعر آھي، پوءِ جڳائي ته اسان وٽ ڪا نشاني آڻي جھڙي طرح پھريان (پيغمبر) موڪليا ويا ھوا.
مَا آمَنَتْ قَبْلَهُم مِّن قَرْيَةٍ أَهْلَكْنَاهَا ۖ أَفَهُمْ يُؤْمِنُونَ ٦
📖 ترجمو
آيت 6
(ھائو) ڪوبه ڳوٺ جنھن کي اڳ ناس ڪيوسون تنھن (جي رھاڪن پنھنجن پيغمبرن تي) ايمان نه آندو ھو، پوءِ ھيءَ ايمان آڻيندا آھن ڇا؟
وَمَا أَرْسَلْنَا قَبْلَكَ إِلَّا رِجَالًا نُّوحِي إِلَيْهِمْ ۖ فَاسْأَلُوا أَهْلَ الذِّكْرِ إِن كُنتُمْ لَا تَعْلَمُونَ ٧
📖 ترجمو
آيت 7
۽ (اي پيغمبر) توکان اڳ رڳا مرد موڪلياسون جن ڏانھن وحي ڪيوھوسون (چؤ ته) جيڪڏھن نه ڄاڻندا آھيو ته ڪتاب وارن کان پڇو.
وَمَا جَعَلْنَاهُمْ جَسَدًا لَّا يَأْكُلُونَ الطَّعَامَ وَمَا كَانُوا خَالِدِينَ ٨
📖 ترجمو
آيت 8
۽ اُنھن (پيغمبرن) جو جُسو اھڙو نه بڻايوسون جو طعام نه کائين ۽ نه سدائين رھڻ وارا ھوا.
ثُمَّ صَدَقْنَاهُمُ الْوَعْدَ فَأَنجَيْنَاهُمْ وَمَن نَّشَاءُ وَأَهْلَكْنَا الْمُسْرِفِينَ ٩
📖 ترجمو
آيت 9
وري ساڻن (پنھنجي) انجام کي سچو ڪيوسون پوءِ اُنھن کي ۽ جنھن لاءِ گھريوسون تنھن کي بچايوسون ۽ حد کان لنگھندڙن کي ناس ڪيوسون.
لَقَدْ أَنزَلْنَا إِلَيْكُمْ كِتَابًا فِيهِ ذِكْرُكُمْ ۖ أَفَلَا تَعْقِلُونَ ١٠
📖 ترجمو
آيت 10
بيشڪ اوھان ڏانھن ھڪ ڪتاب نازل ڪيوسون جنھن ۾ اوھان لاءِ نصيحت آھي، پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟
وَكَمْ قَصَمْنَا مِن قَرْيَةٍ كَانَتْ ظَالِمَةً وَأَنشَأْنَا بَعْدَهَا قَوْمًا آخَرِينَ ١١
📖 ترجمو
آيت 11
۽ ڪيترائي ڳوٺ جو اُھي ظالم ھوا ويران ڪياسون ۽ کانئن پوءِ ٻيو قومون پيدا ڪيون سون.
فَلَمَّا أَحَسُّوا بَأْسَنَا إِذَا هُم مِّنْهَا يَرْكُضُونَ ١٢
📖 ترجمو
آيت 12
پوءِ جنھن دم اسان جو عذاب سھي ڪيائون (تنھن دم) اُمالڪ اُتاھون اُٿي ڀڳا ٿي.
لَا تَرْكُضُوا وَارْجِعُوا إِلَىٰ مَا أُتْرِفْتُمْ فِيهِ وَمَسَاكِنِكُمْ لَعَلَّكُمْ تُسْأَلُونَ ١٣
📖 ترجمو
آيت 13
(چيوسون ته) نه ڀڄو ۽ جن (نعمتن) ۾ آسودا ھُيؤ اُنھن ڏانھن ۽ پنھنجن گھرن ڏانھن موٽو ته مانَ اوھان کان پڇيو وڃي.
قَالُوا يَا وَيْلَنَا إِنَّا كُنَّا ظَالِمِينَ ١٤
📖 ترجمو
آيت 14
چوندا رھيا ته اسان لاءِ خرابي آھي بيشڪ اسين ظالم ھئاسون.
فَمَا زَالَت تِّلْكَ دَعْوَاهُمْ حَتَّىٰ جَعَلْنَاهُمْ حَصِيدًا خَامِدِينَ ١٥
📖 ترجمو
آيت 15
پوءِ سدائين سندن اھو پڪارڻ ھو تانجو کين لڻيل (۽) وسانيل ڪيوسون.
وَمَا خَلَقْنَا السَّمَاءَ وَالْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا لَاعِبِينَ ١٦
📖 ترجمو
آيت 16
۽ آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي سا ڪا اسان راند نه بڻائي آھي.
لَوْ أَرَدْنَا أَن نَّتَّخِذَ لَهْوًا لَّاتَّخَذْنَاهُ مِن لَّدُنَّا إِن كُنَّا فَاعِلِينَ ١٧
📖 ترجمو
آيت 17
جيڪڏھن اسان کي راند بڻائڻ (يعني ٻارن ٻچن) جو ڪو ارادو ھجي ھا ته ضرور اُنکي پاڻ وٽان وٺون ھا (يعني پاڻ جھڙا ڪريون ھا)، جيڪڏھن اسين ڪندڙ ھجون ھا (پر اسين ائين ڪندڙ نه آھيون).
بَلْ نَقْذِفُ بِالْحَقِّ عَلَى الْبَاطِلِ فَيَدْمَغُهُ فَإِذَا هُوَ زَاهِقٌ ۚ وَلَكُمُ الْوَيْلُ مِمَّا تَصِفُونَ ١٨
📖 ترجمو
آيت 18
بلڪ سچ کي ڪُوڙ تي اُڇليندا آھيون پوءِ اُھو سندن مٿو ڀڃندو آھي پوءِ اُنھيءَ مھل اُھو (ڪوڙ) چٽ ٿيندڙ آھي ۽ جيڪي (الله جون) وصفون اوھين بيان ڪندا آھيو تنھن سببان اوھان لاءِ خرابي آھي.
وَلَهُ مَن فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ وَمَنْ عِندَهُ لَا يَسْتَكْبِرُونَ عَنْ عِبَادَتِهِ وَلَا يَسْتَحْسِرُونَ ١٩
📖 ترجمو
آيت 19
۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ جيڪي وٽس آھن سي سندس عبادت کان وڏائي نه ڪندا آھن ۽ نڪي ٿڪبا آھن.
يُسَبِّحُونَ اللَّيْلَ وَالنَّهَارَ لَا يَفْتُرُونَ ٢٠
📖 ترجمو
آيت 20
(اُھي) رات جو ۽ ڏينھن جو پاڪائي بيان ڪندا آھن سُست نه ٿيندا آھن.
أَمِ اتَّخَذُوا آلِهَةً مِّنَ الْأَرْضِ هُمْ يُنشِرُونَ ٢١
📖 ترجمو
آيت 21
زمين (جي شين) مان اھڙا معبود ورتا اٿن ڇا جو اُھي (مئي کانپوءِ کين) کڙو ڪندا؟
لَوْ كَانَ فِيهِمَا آلِهَةٌ إِلَّا اللَّهُ لَفَسَدَتَا ۚ فَسُبْحَانَ اللَّهِ رَبِّ الْعَرْشِ عَمَّا يَصِفُونَ ٢٢
📖 ترجمو
آيت 22
جيڪڏھن آسمان ۽ زمين ۾ الله کانسواءِ (گھڻا) معبود ھجن ھا ته (آسمان ۽ زمين) ٻئي اُجڙن ھا، پوءِ ڪافر جيڪو بيان ڪندا آھن تنھن (ڳالھ) کان عرش جو پالڻھار پاڪ آھي.
لَا يُسْأَلُ عَمَّا يَفْعَلُ وَهُمْ يُسْأَلُونَ ٢٣
📖 ترجمو
آيت 23
(الله) جيڪي ڪندو آھي تنھن بابت (اُھو) نه پڇبو ۽ اُنھن کان پڇا ڪبي.
أَمِ اتَّخَذُوا مِن دُونِهِ آلِهَةً ۖ قُلْ هَاتُوا بُرْهَانَكُمْ ۖ هَٰذَا ذِكْرُ مَن مَّعِيَ وَذِكْرُ مَن قَبْلِي ۗ بَلْ أَكْثَرُهُمْ لَا يَعْلَمُونَ الْحَقَّ ۖ فَهُم مُّعْرِضُونَ ٢٤
📖 ترجمو
آيت 24
اُن کانسواءِ (ٻيا) معبود ڇا ورتائون؟ (اي پيغمبر کين) چؤ ته پنھنجو دليل آڻيو، ھي (قرآن) منھنجي سنگت جي نصيحت آھي ۽ (ھي) مون کان اڳ وارن جي نصيحت آھي (يعني توريت ۽ انجيل انھن مان دليل ڏيو) بلڪ انھن مان گھڻا حق کي نه ڄاڻندا آھن اُن ڪري اُھي مُنھن موڙيندڙ آھن.
وَمَا أَرْسَلْنَا مِن قَبْلِكَ مِن رَّسُولٍ إِلَّا نُوحِي إِلَيْهِ أَنَّهُ لَا إِلَٰهَ إِلَّا أَنَا فَاعْبُدُونِ ٢٥
📖 ترجمو
آيت 25
۽ توکان اڳ جيڪو (به) پيغمبر موڪليوسون تنھن ڏانھن ھي ئي وحي ڪيوسون ته مون کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي تنھنڪري منھنجي عبادت ڪريو.
وَقَالُوا اتَّخَذَ الرَّحْمَٰنُ وَلَدًا ۗ سُبْحَانَهُ ۚ بَلْ عِبَادٌ مُّكْرَمُونَ ٢٦
📖 ترجمو
آيت 26
۽ چون ٿا ته الله (پنھنجي لاءِ) اولاد ورتو آھي اُھو پاڪ آھي، بلڪ (ملائڪ الله جا) سڳورا ٻانھا آھن.
لَا يَسْبِقُونَهُ بِالْقَوْلِ وَهُم بِأَمْرِهِ يَعْمَلُونَ ٢٧
📖 ترجمو
آيت 27
ڳالھائڻ ۾ اُن کان آڳاٽائي نه ڪندا آھن ۽ سندس حُڪم موجب ڪم ڪندا آھن.
يَعْلَمُ مَا بَيْنَ أَيْدِيهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ وَلَا يَشْفَعُونَ إِلَّا لِمَنِ ارْتَضَىٰ وَهُم مِّنْ خَشْيَتِهِ مُشْفِقُونَ ٢٨
📖 ترجمو
آيت 28
جيڪي سندن اڳتان ۽ جيڪي سندن پوئتان آھي سو (الله) ڄاڻندو آھي ۽ (الله) جنھن کان راضي ٿئي تنھن کان سواءِ ٻئي لاءِ سفارش نه ڪندا آھن ۽ اُھي سندس ڀَوَ کان ڊڄندڙ آھن.
۞ وَمَن يَقُلْ مِنْهُمْ إِنِّي إِلَٰهٌ مِّن دُونِهِ فَذَٰلِكَ نَجْزِيهِ جَهَنَّمَ ۚ كَذَٰلِكَ نَجْزِي الظَّالِمِينَ ٢٩
📖 ترجمو
آيت 29
۽ منجھائن جيڪو چوي ته آءٌ الله کان سواءِ معبود آھيان تنھن کي دوزخ جي سزا ڏينداسون، ظالمن کي اھڙي ئي سزا ڏيندا آھيون.
أَوَلَمْ يَرَ الَّذِينَ كَفَرُوا أَنَّ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ كَانَتَا رَتْقًا فَفَتَقْنَاهُمَا ۖ وَجَعَلْنَا مِنَ الْمَاءِ كُلَّ شَيْءٍ حَيٍّ ۖ أَفَلَا يُؤْمِنُونَ ٣٠
📖 ترجمو
آيت 30
ڪافرن نه ڏٺو آھي ڇا ته آسمان ۽ زمين بند ٿيل ھوا؟ پوءِ انھن کي کوليوسون، ۽ سڀڪنھن جيئري شيء کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيوسون، پوءِ ڇونه ايمان آڻيندا آھن؟
وَجَعَلْنَا فِي الْأَرْضِ رَوَاسِيَ أَن تَمِيدَ بِهِمْ وَجَعَلْنَا فِيهَا فِجَاجًا سُبُلًا لَّعَلَّهُمْ يَهْتَدُونَ ٣١
📖 ترجمو
آيت 31
۽ زمين ۾ جبل پيدا ڪياسون ته متان کين ڌوڏي ۽ منجھس ويڪريون واٽون بڻايوسون ته مانَ اُھي واٽ لھن.
وَجَعَلْنَا السَّمَاءَ سَقْفًا مَّحْفُوظًا ۖ وَهُمْ عَنْ آيَاتِهَا مُعْرِضُونَ ٣٢
📖 ترجمو
آيت 32
۽ آسمان کي مُحڪم ڇت بڻائي سون، ۽ اُھي اُن جي نشانين کان مُنھن موڙيندڙ آھن.
وَهُوَ الَّذِي خَلَقَ اللَّيْلَ وَالنَّهَارَ وَالشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ۖ كُلٌّ فِي فَلَكٍ يَسْبَحُونَ ٣٣
📖 ترجمو
آيت 33
۽ (الله) اُھو آھي جنھن رات ۽ ڏينھن ۽ سج ۽ چنڊ بڻايو، سڀڪو (تارو پنھنجي) آسمان ۾ ترندو آھي.
وَمَا جَعَلْنَا لِبَشَرٍ مِّن قَبْلِكَ الْخُلْدَ ۖ أَفَإِن مِّتَّ فَهُمُ الْخَالِدُونَ ٣٤
📖 ترجمو
آيت 34
۽ توکان اڳ ڪنھن ماڻھوءَ کي سدائين رھڻ وارو نه ڪيوسون، جيڪڏھن تون مُئين ته اُھي سدائين رھڻ وارا آھن.
كُلُّ نَفْسٍ ذَائِقَةُ الْمَوْتِ ۗ وَنَبْلُوكُم بِالشَّرِّ وَالْخَيْرِ فِتْنَةً ۖ وَإِلَيْنَا تُرْجَعُونَ ٣٥
📖 ترجمو
آيت 35
سڀڪو جيءُ موت (جو مزو) چکڻ وارو آھي، ۽ اوھان کي مدائي ۽ چڱائي سان جاچڻ طرح پرکيندا آھيون، ۽ اسان ڏانھن موٽائبؤ.
وَإِذَا رَآكَ الَّذِينَ كَفَرُوا إِن يَتَّخِذُونَكَ إِلَّا هُزُوًا أَهَٰذَا الَّذِي يَذْكُرُ آلِهَتَكُمْ وَهُم بِذِكْرِ الرَّحْمَٰنِ هُمْ كَافِرُونَ ٣٦
📖 ترجمو
آيت 36
۽ جڏھن ڪافر توکي ڏسندا آھن تڏھن توکي رڳو ٺـٺولي ڪري وٺندا آھن، (۽ چوندا آھن) ته ھيءُ اُھو آھي ڇا جيڪو اوھان جي معبودن (جي عيبن) جو ذڪر ڪندو آھي، ۽ اُھي الله ياد ڪرڻ کان انڪار ڪندا آھن.
خُلِقَ الْإِنسَانُ مِنْ عَجَلٍ ۚ سَأُرِيكُمْ آيَاتِي فَلَا تَسْتَعْجِلُونِ ٣٧
📖 ترجمو
آيت 37
ماڻھو اُٻھر مان بڻايو ويو آھي، سگھو پنھنجون نشانيون اوھان کي ڏيکاريندس پوءِ مون کان عذاب جلد نه گھرو.
وَيَقُولُونَ مَتَىٰ هَٰذَا الْوَعْدُ إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ ٣٨
📖 ترجمو
آيت 38
۽ چون ٿا ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اُھو انجام ڪڏھن ٿيندو؟
لَوْ يَعْلَمُ الَّذِينَ كَفَرُوا حِينَ لَا يَكُفُّونَ عَن وُجُوهِهِمُ النَّارَ وَلَا عَن ظُهُورِهِمْ وَلَا هُمْ يُنصَرُونَ ٣٩
📖 ترجمو
آيت 39
جيڪڏھن ڪافر اُن وقت کي ڄاڻن ھا جنھن مھل نڪي پنھنجن منھن ۽ نڪي پنھنجين پٺين کان باھ کي جھلي سگھندا ۽ نڪي کين مدد ڏبي (ته ائين نه چون ھا).
بَلْ تَأْتِيهِم بَغْتَةً فَتَبْهَتُهُمْ فَلَا يَسْتَطِيعُونَ رَدَّهَا وَلَا هُمْ يُنظَرُونَ ٤٠
📖 ترجمو
آيت 40
بلڪ (اھا گھڙي) وٽن اوچتو ايندي پوءِ کين حيران ڪندي پوءِ نڪي اُھا ٽاري سگھندا ۽ نڪي کين مُھلت ڏبي.
وَلَقَدِ اسْتُهْزِئَ بِرُسُلٍ مِّن قَبْلِكَ فَحَاقَ بِالَّذِينَ سَخِرُوا مِنْهُم مَّا كَانُوا بِهِ يَسْتَهْزِئُونَ ٤١
📖 ترجمو
آيت 41
۽ بيشڪ توکان اڳ پيغمبرن سان ٺـٺوليون ڪيون ويون پوءِ منجھائن جن ٺـٺوليون ڪيون تن تي اُھو عذاب اُلٽيو جنھن سان ٺـٺوليون ڪندا ھوا.
قُلْ مَن يَكْلَؤُكُم بِاللَّيْلِ وَالنَّهَارِ مِنَ الرَّحْمَٰنِ ۗ بَلْ هُمْ عَن ذِكْرِ رَبِّهِم مُّعْرِضُونَ ٤٢
📖 ترجمو
آيت 42
(اي پيغمبر کين) چؤ ته رات ۽ ڏينھن ۾ ٻاجھاري (الله جي عذاب) کان ڪير اوھان جي نگھباني ڪندو آھي، بلڪ اُھي، پنھنجي پالڻھار جي ياد ڪرڻ کان منھن موڙيندا آھن.
أَمْ لَهُمْ آلِهَةٌ تَمْنَعُهُم مِّن دُونِنَا ۚ لَا يَسْتَطِيعُونَ نَصْرَ أَنفُسِهِمْ وَلَا هُم مِّنَّا يُصْحَبُونَ ٤٣
📖 ترجمو
آيت 43
اسان کانسواءِ (بچائڻ وارا) ڪي معبود آھن ڇا جو انھن کي بچائيندا؟ اُھي پاڻ کي به مدد ڏيئي نه سگھندا آھن ۽ نڪي اُھي (ھڪ ٻئي جي مدد سان) اسان (جي عذاب) کان بچندا.
بَلْ مَتَّعْنَا هَٰؤُلَاءِ وَآبَاءَهُمْ حَتَّىٰ طَالَ عَلَيْهِمُ الْعُمُرُ ۗ أَفَلَا يَرَوْنَ أَنَّا نَأْتِي الْأَرْضَ نَنقُصُهَا مِنْ أَطْرَافِهَا ۚ أَفَهُمُ الْغَالِبُونَ ٤٤
📖 ترجمو
آيت 44
بلڪ کين ۽ پيءُ ڏاڏن کي آسودو ڪيوسون تان جو سندن ڄمار ڊگھي ٿي، پوءِ نه ٿا ڏسن ڇا ته (ڪافرن جي) مُلڪ کي اُن جي چوڌاريون (مسلمانن جي غلبي سان) گھٽائيندا آھيون؟ پوءِ اُھي غالب ٿيندا ڇا؟
قُلْ إِنَّمَا أُنذِرُكُم بِالْوَحْيِ ۚ وَلَا يَسْمَعُ الصُّمُّ الدُّعَاءَ إِذَا مَا يُنذَرُونَ ٤٥
📖 ترجمو
آيت 45
(اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ اوھان کي وحي سان ئي ڊيڄاريندو آھيان، ۽ جڏھن (ماڻھو) ڊيڄاريا ويندا آھن تڏھن ٻوڙو (ڊيڄارڻ جو) سڏ نه ٻڌندو آھي.
وَلَئِن مَّسَّتْهُمْ نَفْحَةٌ مِّنْ عَذَابِ رَبِّكَ لَيَقُولُنَّ يَا وَيْلَنَا إِنَّا كُنَّا ظَالِمِينَ ٤٦
📖 ترجمو
آيت 46
۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جي عذاب مان ٿوروئي کين پھچي ته ضرور چون ته ھيء ارمان اسين ظالم ھواسون.
وَنَضَعُ الْمَوَازِينَ الْقِسْطَ لِيَوْمِ الْقِيَامَةِ فَلَا تُظْلَمُ نَفْسٌ شَيْئًا ۖ وَإِن كَانَ مِثْقَالَ حَبَّةٍ مِّنْ خَرْدَلٍ أَتَيْنَا بِهَا ۗ وَكَفَىٰ بِنَا حَاسِبِينَ ٤٧
📖 ترجمو
آيت 47
۽ قيامت جي ڏينھن عدل جي ترازي رکندسون پوءِ ڪنھن جيءُ تي ڪجھ ظلم نه ڪبو، ۽ جيڪڏھن عمل اَھر جي داڻي جي تور ھوندو ته به اُن کي آڻينداسون، ۽ اسين حساب ڪندڙ بس آھيون.
وَلَقَدْ آتَيْنَا مُوسَىٰ وَهَارُونَ الْفُرْقَانَ وَضِيَاءً وَذِكْرًا لِّلْمُتَّقِينَ ٤٨
📖 ترجمو
آيت 48
۽ بيشڪ مُوسىٰ ۽ ھارون کي نبيريندڙ ڪتاب ۽ انھن پرھيزگارن لاءِ سوجھرو ۽ نصيحت ڏني سون.
الَّذِينَ يَخْشَوْنَ رَبَّهُم بِالْغَيْبِ وَهُم مِّنَ السَّاعَةِ مُشْفِقُونَ ٤٩
📖 ترجمو
آيت 49
جيڪي پنھنجي پالڻھار کان پرپٺ ڊڄندا آھن ۽ اُھي قيامت کان (پڻ) ڊڄندڙ آھن.
وَهَٰذَا ذِكْرٌ مُّبَارَكٌ أَنزَلْنَاهُ ۚ أَفَأَنتُمْ لَهُ مُنكِرُونَ ٥٠
📖 ترجمو
آيت 50
۽ ھي (قرآن) ھڪ برڪت واري نصيحت آھي جنھن کي نازل ڪيوسون، پوءِ به اوھين ان جا منڪر ٿيندا آھيو ڇا؟
۞ وَلَقَدْ آتَيْنَا إِبْرَاهِيمَ رُشْدَهُ مِن قَبْلُ وَكُنَّا بِهِ عَالِمِينَ ٥١
📖 ترجمو
آيت 51
۽ بيشڪ ابراھيم کي اڳي سندس ھدايت ڏني سون ۽ کيس ڄاڻندڙ ھواسين.
إِذْ قَالَ لِأَبِيهِ وَقَوْمِهِ مَا هَٰذِهِ التَّمَاثِيلُ الَّتِي أَنتُمْ لَهَا عَاكِفُونَ ٥٢
📖 ترجمو
آيت 52
جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته ھي ڪھڙيون مورتون آھن جن تي اوھين ويھي عبادت ٿا ڪريو.
قَالُوا وَجَدْنَا آبَاءَنَا لَهَا عَابِدِينَ ٥٣
📖 ترجمو
آيت 53
چيائين ته پنھنجا ابا ڏاڏا اُنھن جا پوڄيندڙ ڏٺاسون.
قَالَ لَقَدْ كُنتُمْ أَنتُمْ وَآبَاؤُكُمْ فِي ضَلَالٍ مُّبِينٍ ٥٤
📖 ترجمو
آيت 54
(ابراھيم) چيو ته بيشڪ اوھين پاڻ ۽ اوھان جا ابا ڏاڏا پڌريءَ گمراھيءَ ۾ آھيو.
قَالُوا أَجِئْتَنَا بِالْحَقِّ أَمْ أَنتَ مِنَ اللَّاعِبِينَ ٥٥
📖 ترجمو
آيت 55
چيائون اسان وٽ سچ آندو اٿئي يا تون راند ڪندڙن مان آھين؟
قَالَ بَل رَّبُّكُمْ رَبُّ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ الَّذِي فَطَرَهُنَّ وَأَنَا عَلَىٰ ذَٰلِكُم مِّنَ الشَّاهِدِينَ ٥٦
📖 ترجمو
آيت 56
(ابراھيم) چيو ته بلڪ اوھان جو پالڻھار اُھوئي آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار آھي جنھن اُھي بڻايا آھن، ۽ آءٌ اُن (ڳالھ) تي شاھدي ڏيندڙن مان آھيان.
وَتَاللَّهِ لَأَكِيدَنَّ أَصْنَامَكُم بَعْدَ أَن تُوَلُّوا مُدْبِرِينَ ٥٧
📖 ترجمو
آيت 57
۽ الله جو قسم آھي ته اوھان جي پٺيري ٿي ڦرڻ کانپوءِ اوھان جي بتن جو ضرور ڪو حيلو ڪندس.
فَجَعَلَهُمْ جُذَاذًا إِلَّا كَبِيرًا لَّهُمْ لَعَلَّهُمْ إِلَيْهِ يَرْجِعُونَ ٥٨
📖 ترجمو
آيت 58
پوءِ اُنھن کي سندن وڏي کانسواءِ ٽُڪر ٽُڪر ڪيائين ته مانَ اھي ڏانھس موٽن.
قَالُوا مَن فَعَلَ هَٰذَا بِآلِهَتِنَا إِنَّهُ لَمِنَ الظَّالِمِينَ ٥٩
📖 ترجمو
آيت 59
چيائون ته اسان جي بُتن سان ڪنھن ھھڙو حال ڪيو؟ بيشڪ اُھو ظالمن مان آھي.
قَالُوا سَمِعْنَا فَتًى يَذْكُرُهُمْ يُقَالُ لَهُ إِبْرَاهِيمُ ٦٠
📖 ترجمو
آيت 60
چيائون ته ھڪ جوان کان ٻڌوسون ته سندين گلا ٿي ڪيائين اُن کي ابراھيم سڏيندا آھن.
قَالُوا فَأْتُوا بِهِ عَلَىٰ أَعْيُنِ النَّاسِ لَعَلَّهُمْ يَشْهَدُونَ ٦١
📖 ترجمو
آيت 61
چيائون ته کيس ماڻھن جي اکين اڳيان آڻيو ته مانَ اُھي گواھي ڏين.
قَالُوا أَأَنتَ فَعَلْتَ هَٰذَا بِآلِهَتِنَا يَا إِبْرَاهِيمُ ٦٢
📖 ترجمو
آيت 62
(جڏھن آندائون تڏھن) چيائون ته اي ابراھيم تو اسان جي بُتن جو ھي حال ڪيو آھي ڇا؟
قَالَ بَلْ فَعَلَهُ كَبِيرُهُمْ هَٰذَا فَاسْأَلُوهُمْ إِن كَانُوا يَنطِقُونَ ٦٣
📖 ترجمو
آيت 63
(ابراھيم) چيو ته (نه)! بلڪ اھو سندن ھن وڏي ڪيو آھي جيڪڏھن ڳالھائن ٿا ته کانئن پڇو.
فَرَجَعُوا إِلَىٰ أَنفُسِهِمْ فَقَالُوا إِنَّكُمْ أَنتُمُ الظَّالِمُونَ ٦٤
📖 ترجمو
آيت 64
پوءِ پاڻ ڏانھن (سوچيندڙ ٿي) موٽيا پوءِ (ھڪ ٻئي کي) چيائون ته بيشڪ اوھين پاڻ بي انصاف آھيو.
ثُمَّ نُكِسُوا عَلَىٰ رُءُوسِهِمْ لَقَدْ عَلِمْتَ مَا هَٰؤُلَاءِ يَنطِقُونَ ٦٥
📖 ترجمو
آيت 65
پوءِ پنھنجا ڪنڌ اُونڌا ڪيائون، (چيائون) ته بيشڪ ڄاڻندو آھين ته ھي نه ڳالھائيندا آھن.
قَالَ أَفَتَعْبُدُونَ مِن دُونِ اللَّهِ مَا لَا يَنفَعُكُمْ شَيْئًا وَلَا يَضُرُّكُمْ ٦٦
📖 ترجمو
آيت 66
(ابراھيم) چيو ته الله کانسواءِ انھن کي پوڄيندا آھيو ڇا جيڪي اوھان کي نڪي نفعو پھچائيندا آھن ۽ نڪي اوھان کي نقصان پھچائيندا آھن.
أُفٍّ لَّكُمْ وَلِمَا تَعْبُدُونَ مِن دُونِ اللَّهِ ۖ أَفَلَا تَعْقِلُونَ ٦٧
📖 ترجمو
آيت 67
اوھان کي ۽ جنھن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھيو تنھن کي ڌِڪار ھُجي، (اوھين) نه ڄاڻندا آھيو ڇا؟
قَالُوا حَرِّقُوهُ وَانصُرُوا آلِهَتَكُمْ إِن كُنتُمْ فَاعِلِينَ ٦٨
📖 ترجمو
آيت 68
چيائون ته اُن کي ساڙيو ۽ جيڪڏھن اوھين ڪي ڪرڻ گھرو ٿا ته پنھنجن بُتن جو ڀَلو وٺو.
قُلْنَا يَا نَارُ كُونِي بَرْدًا وَسَلَامًا عَلَىٰ إِبْرَاهِيمَ ٦٩
📖 ترجمو
آيت 69
(پوءِ باھ ۾ وڌائونس) چيوسون ته اي باھ ابراھيم تي ٿڌي ۽ سلامتي واري ٿي پؤ.
وَأَرَادُوا بِهِ كَيْدًا فَجَعَلْنَاهُمُ الْأَخْسَرِينَ ٧٠
📖 ترجمو
آيت 70
۽ کيس ايذائڻ گھريائون تنھنڪري کين بلڪل ڇيئي وارو ڪيوسون.
وَنَجَّيْنَاهُ وَلُوطًا إِلَى الْأَرْضِ الَّتِي بَارَكْنَا فِيهَا لِلْعَالَمِينَ ٧١
📖 ترجمو
آيت 71
۽ کيس ۽ لوط کي اھڙي زمين ڏانھن بچائي آندوسون جنھن ۾ جھان وارن لاءِ برڪت ڪئي سون.
وَوَهَبْنَا لَهُ إِسْحَاقَ وَيَعْقُوبَ نَافِلَةً ۖ وَكُلًّا جَعَلْنَا صَالِحِينَ ٧٢
📖 ترجمو
آيت 72
۽ ابراھيم کي اسحاق بخشيوسون، ۽ يعقوب (جو سندس پوٽو ھو) وڌيڪ (بخشيوسون)، ۽ سڀني کي صالح ڪيوسون.
وَجَعَلْنَاهُمْ أَئِمَّةً يَهْدُونَ بِأَمْرِنَا وَأَوْحَيْنَا إِلَيْهِمْ فِعْلَ الْخَيْرَاتِ وَإِقَامَ الصَّلَاةِ وَإِيتَاءَ الزَّكَاةِ ۖ وَكَانُوا لَنَا عَابِدِينَ ٧٣
📖 ترجمو
آيت 73
۽ اُھي اھڙا امام ڪياسون جو اسان جي حُڪم موجب سڌو رستو ڏيکاريندا ھوا ۽ انھن ڏانھن چڱن ڪمن ڪرڻ ۽ نماز پڙھڻ ۽ زڪوٰة ڏيڻ جو حُڪم ڪيوسون، ۽ اسان جي عبادت ڪندڙ ھوا.
وَلُوطًا آتَيْنَاهُ حُكْمًا وَعِلْمًا وَنَجَّيْنَاهُ مِنَ الْقَرْيَةِ الَّتِي كَانَت تَّعْمَلُ الْخَبَائِثَ ۗ إِنَّهُمْ كَانُوا قَوْمَ سَوْءٍ فَاسِقِينَ ٧٤
📖 ترجمو
آيت 74
۽ لُوط کي حڪمت ۽ علم ڏنوسون ۽ کيس اھڙي ڳوٺ وارن کان بچايوسون جو مدا ڪم ڪندا ھوا، ڇوته اُھي بڇڙي نافرمان قوم ھوا.
وَأَدْخَلْنَاهُ فِي رَحْمَتِنَا ۖ إِنَّهُ مِنَ الصَّالِحِينَ ٧٥
📖 ترجمو
آيت 75
۽ کيس پنھنجي ٻاجھ ھيٺ داخل ڪيوسون، بيشڪ اُھو صالحن مان ھو.
وَنُوحًا إِذْ نَادَىٰ مِن قَبْلُ فَاسْتَجَبْنَا لَهُ فَنَجَّيْنَاهُ وَأَهْلَهُ مِنَ الْكَرْبِ الْعَظِيمِ ٧٦
📖 ترجمو
آيت 76
۽ (اي پيغمبر) نوح (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن (اُنھن پيغمبرن کان) اڳ دُعا گھريائين تڏھن سندس دُعا قبول ڪئي سون پوءِ کيس ۽ سندس گھر وارن کي وڏي اوکائيءَ کان بچايو سون.
وَنَصَرْنَاهُ مِنَ الْقَوْمِ الَّذِينَ كَذَّبُوا بِآيَاتِنَا ۚ إِنَّهُمْ كَانُوا قَوْمَ سَوْءٍ فَأَغْرَقْنَاهُمْ أَجْمَعِينَ ٧٧
📖 ترجمو
آيت 77
۽ کيس اھڙي قوم تي سوڀارو ڪيوسون جنھن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو، بيشڪ اُھي بڇڙي قوم ھوا تنھنڪري انھن مڙني کي ٻوڙيوسون.
وَدَاوُودَ وَسُلَيْمَانَ إِذْ يَحْكُمَانِ فِي الْحَرْثِ إِذْ نَفَشَتْ فِيهِ غَنَمُ الْقَوْمِ وَكُنَّا لِحُكْمِهِمْ شَاهِدِينَ ٧٨
📖 ترجمو
آيت 78
۽ دائود ۽ سليمان (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن پوک بابت فيصلو ڪيائون جو ھڪ قوم جي ڌڻ رات جو منجھس ڀيل ڪئي ھئي، ۽ سندن حُڪم ڪرڻ وقت حاضر ھواسون.
فَفَهَّمْنَاهَا سُلَيْمَانَ ۚ وَكُلًّا آتَيْنَا حُكْمًا وَعِلْمًا ۚ وَسَخَّرْنَا مَعَ دَاوُودَ الْجِبَالَ يُسَبِّحْنَ وَالطَّيْرَ ۚ وَكُنَّا فَاعِلِينَ ٧٩
📖 ترجمو
آيت 79
تڏھن اُھو سليمان کي سمجھايوسون، ۽ ھر ھڪ کي حڪمت ۽ علم ڏنوسون، ۽ دائود کي جبل ۽ پکي تابع ڪري ڏناسون جو (ساڻس) تسبيح چوندا ھوا، ۽ (اسين ايئن) ڪرڻ وارا ھواسون.
وَعَلَّمْنَاهُ صَنْعَةَ لَبُوسٍ لَّكُمْ لِتُحْصِنَكُم مِّن بَأْسِكُمْ ۖ فَهَلْ أَنتُمْ شَاكِرُونَ ٨٠
📖 ترجمو
آيت 80
۽ دائود کي اوھان لاءِ زرھ بڻائڻ ھن لاءِ سيکاري سون ته اوھان کي اوھان جي لڙائي (جي نقصان) کان بچائي، پوءِ اوھين ڪي شڪر ڪندڙ آھيو ڇا؟
وَلِسُلَيْمَانَ الرِّيحَ عَاصِفَةً تَجْرِي بِأَمْرِهِ إِلَى الْأَرْضِ الَّتِي بَارَكْنَا فِيهَا ۚ وَكُنَّا بِكُلِّ شَيْءٍ عَالِمِينَ ٨١
📖 ترجمو
آيت 81
۽ سُليمان کي تِکو واءُ (تابع ڪري ڏنوسون) جو سندس حُڪم سان اھڙي زمين ڏانھن ھلندو ھو جنھن ۾ برڪت رکي سون، ۽ سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھيون.
وَمِنَ الشَّيَاطِينِ مَن يَغُوصُونَ لَهُ وَيَعْمَلُونَ عَمَلًا دُونَ ذَٰلِكَ ۖ وَكُنَّا لَهُمْ حَافِظِينَ ٨٢
📖 ترجمو
آيت 82
۽ ديوَن مان ڪي اھڙا (تابع ڪري ڏناسون) جي اُن لاءِ ٽٻندا ھوا ۽ اُن کانسواءِ ٻيو ڪم (به) ڪندا ھوا، ۽ سندن نگھبان ھواسون.
۞ وَأَيُّوبَ إِذْ نَادَىٰ رَبَّهُ أَنِّي مَسَّنِيَ الضُّرُّ وَأَنتَ أَرْحَمُ الرَّاحِمِينَ ٨٣
📖 ترجمو
آيت 83
۽ (اي پيغمبر) ايوب (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پالڻھار کي سڏيائين ته مون کي ڏُک پھتو آھي ۽ تون (سڀني) کان تمام ٻاجھارو آھين.
فَاسْتَجَبْنَا لَهُ فَكَشَفْنَا مَا بِهِ مِن ضُرٍّ ۖ وَآتَيْنَاهُ أَهْلَهُ وَمِثْلَهُم مَّعَهُمْ رَحْمَةً مِّنْ عِندِنَا وَذِكْرَىٰ لِلْعَابِدِينَ ٨٤
📖 ترجمو
آيت 84
پوءِ سندس دُعا قبول ڪئي سون پوءِ جيڪو کيس ڏک پھتو ھو سو لاٿوسون ۽ سندس گھر وارا کيس (ورائي) ڏناسون ۽ اُنھن جھڙا ساڻن گڏ پنھنجي ٻاجھ وٽان (ڏناسون) ۽ (ته) عبادت ڪندڙن لاءِ يادگيري ھجي.
وَإِسْمَاعِيلَ وَإِدْرِيسَ وَذَا الْكِفْلِ ۖ كُلٌّ مِّنَ الصَّابِرِينَ ٨٥
📖 ترجمو
آيت 85
۽ اسماعيل ۽ ادريس ۽ ذوالڪفل کي (ياد ڪر)، ھر ھڪ صابرن مان ھو.
وَأَدْخَلْنَاهُمْ فِي رَحْمَتِنَا ۖ إِنَّهُم مِّنَ الصَّالِحِينَ ٨٦
📖 ترجمو
آيت 86
۽ کين پنھنجي ٻاجھ ۾ داخل ڪيوسون، بيشڪ اُھي صالحن مان ھوا.
وَذَا النُّونِ إِذ ذَّهَبَ مُغَاضِبًا فَظَنَّ أَن لَّن نَّقْدِرَ عَلَيْهِ فَنَادَىٰ فِي الظُّلُمَاتِ أَن لَّا إِلَٰهَ إِلَّا أَنتَ سُبْحَانَكَ إِنِّي كُنتُ مِنَ الظَّالِمِينَ ٨٧
📖 ترجمو
آيت 87
۽ مڇي واري (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن ھو (پنھنجي قوم) تي ڪاوڙجي ويو پوءِ (ذوالنون ائين) ڀانيو ته اسان جي مٿس ڪڏھن پڪڙ نه ھلندي پوءِ اونداھين ۾ دانھون ڪيائين ته توکان سواءِ ڪو معبود نه آھي تون پاڪ آھين، آءٌ گنھگارن مان آھيان.
فَاسْتَجَبْنَا لَهُ وَنَجَّيْنَاهُ مِنَ الْغَمِّ ۚ وَكَذَٰلِكَ نُنجِي الْمُؤْمِنِينَ ٨٨
📖 ترجمو
آيت 88
پوءِ سندس دُعا قبول ڪئي سون ۽ کيس غم کان بچايوسون، ۽ اھڙي طرح مؤمنن کي بچائيندا آھيون.
وَزَكَرِيَّا إِذْ نَادَىٰ رَبَّهُ رَبِّ لَا تَذَرْنِي فَرْدًا وَأَنتَ خَيْرُ الْوَارِثِينَ ٨٩
📖 ترجمو
آيت 89
۽ زڪريا (جو قصّو ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پالڻھار کي سڏيائين ته اي منھنجا پالڻھار مون کي ھيڪلو نه ڇڏ ۽ تون چڱو وارث آھين.
فَاسْتَجَبْنَا لَهُ وَوَهَبْنَا لَهُ يَحْيَىٰ وَأَصْلَحْنَا لَهُ زَوْجَهُ ۚ إِنَّهُمْ كَانُوا يُسَارِعُونَ فِي الْخَيْرَاتِ وَيَدْعُونَنَا رَغَبًا وَرَهَبًا ۖ وَكَانُوا لَنَا خَاشِعِينَ ٩٠
📖 ترجمو
آيت 90
پوءِ سندس دُعا قبول ڪئي سون ۽ کيس يحيىٰ بخشيوسون ۽ سندس زال کي سندس لاءِ چڱو ڪيوسون، اُھي چڱاين ۾ آڳاٽائي ڪندا ھوا ۽ اسان کي اُميد ۽ ڀؤ ڪري سڏيندا ھوا، ۽ اسان کان ڊڄندڙ ھوا.
وَالَّتِي أَحْصَنَتْ فَرْجَهَا فَنَفَخْنَا فِيهَا مِن رُّوحِنَا وَجَعَلْنَاهَا وَابْنَهَا آيَةً لِّلْعَالَمِينَ ٩١
📖 ترجمو
آيت 91
۽ (انھيءَ زال جوقصّو ياد ڪر) جنھن پنھنجي اُگھڙ بچائي پوءِ منجھس پنھنجو روح ڦوڪيوسون ۽ کيس ۽ سندس پٽ کي ساري جڳ لاءِ نشاني ڪئي سون.
إِنَّ هَٰذِهِ أُمَّتُكُمْ أُمَّةً وَاحِدَةً وَأَنَا رَبُّكُمْ فَاعْبُدُونِ ٩٢
📖 ترجمو
آيت 92
بيشڪ اِھو اوھان جو دين ھڪ دين آھي، ۽ آءٌ اوھان جو پالڻھار آھيان تنھنڪري منھنجي عبادت ڪريو.
وَتَقَطَّعُوا أَمْرَهُم بَيْنَهُمْ ۖ كُلٌّ إِلَيْنَا رَاجِعُونَ ٩٣
📖 ترجمو
آيت 93
۽ پنھنجي (دين جي) ڪمن کي پاڻ ۾ ٽُڪر ٽُڪر ڪيائون، سڀئي مون ڏانھن موٽندڙ آھن.
فَمَن يَعْمَلْ مِنَ الصَّالِحَاتِ وَهُوَ مُؤْمِنٌ فَلَا كُفْرَانَ لِسَعْيِهِ وَإِنَّا لَهُ كَاتِبُونَ ٩٤
📖 ترجمو
آيت 94
پوءِ جيڪو چڱا ڪم ڪندو ۽ اُھو مؤمن به ھوندو تنھنجي ڪوشش جي بي قدري نه ڪبي، ۽ اسين اُن لاءِ لکندڙ آھيون.
وَحَرَامٌ عَلَىٰ قَرْيَةٍ أَهْلَكْنَاهَا أَنَّهُمْ لَا يَرْجِعُونَ ٩٥
📖 ترجمو
آيت 95
۽ جنھن ڳوٺ کي ناس ڪيوسون تنھن تي حرام ٿيل آھي ته وري موٽي ايندا اُھي.
حَتَّىٰ إِذَا فُتِحَتْ يَأْجُوجُ وَمَأْجُوجُ وَهُم مِّن كُلِّ حَدَبٍ يَنسِلُونَ ٩٦
📖 ترجمو
آيت 96
تان جو جڏھن يَاجُوج ۽ مَاجُوج کي کولبو ۽ اُھي سڀڪنھن دڙي کان ڊوڙندا.
وَاقْتَرَبَ الْوَعْدُ الْحَقُّ فَإِذَا هِيَ شَاخِصَةٌ أَبْصَارُ الَّذِينَ كَفَرُوا يَا وَيْلَنَا قَدْ كُنَّا فِي غَفْلَةٍ مِّنْ هَٰذَا بَلْ كُنَّا ظَالِمِينَ ٩٧
📖 ترجمو
آيت 97
۽ (جڏھن) سچو وعدو پھچندو تڏھن اوچتو ئي ڪافرن جو اکيون ٽڙي وينديون، (چوندا ته) ھَيءِ اَرمان بيشڪ ھن (حال) کان بي خبريءَ ۾ ھواسون بلڪ اسين ئي ظالم ھواسون.
إِنَّكُمْ وَمَا تَعْبُدُونَ مِن دُونِ اللَّهِ حَصَبُ جَهَنَّمَ أَنتُمْ لَهَا وَارِدُونَ ٩٨
📖 ترجمو
آيت 98
اوھين ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھيو سي دوزخ جو ٻارڻ آھيو، اُن ۾ اوھين گھڙندڙ آھيو.
لَوْ كَانَ هَٰؤُلَاءِ آلِهَةً مَّا وَرَدُوهَا ۖ وَكُلٌّ فِيهَا خَالِدُونَ ٩٩
📖 ترجمو
آيت 99
جيڪڏھن اُھي (بُت) معبود ھجن ھا ته اُن (دوزخ) ۾ نه گھڙن ھا، ۽ مڙيئي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.
لَهُمْ فِيهَا زَفِيرٌ وَهُمْ فِيهَا لَا يَسْمَعُونَ ١٠٠
📖 ترجمو
آيت 100
منجھس انھن کي رڙيون ھونديون ۽ اُھي منجھس (ڪي) نه ٻڌندا.
إِنَّ الَّذِينَ سَبَقَتْ لَهُم مِّنَّا الْحُسْنَىٰ أُولَٰئِكَ عَنْهَا مُبْعَدُونَ ١٠١
📖 ترجمو
آيت 101
جن لاءِ اڳي ئي اسان وٽ چڱائي (لکيل) آھي اُھي اُن (دوزخ) کان پري ڪبا.
لَا يَسْمَعُونَ حَسِيسَهَا ۖ وَهُمْ فِي مَا اشْتَهَتْ أَنفُسُهُمْ خَالِدُونَ ١٠٢
📖 ترجمو
آيت 102
(اُھي) اُن جي ڀڻڪ نه ٻڌندا، ۽ جنھن (عيش) ۾ سندن جيءُ (رھڻ) گھرندو تنھن ۾ اُھي سدائين رھندا.
لَا يَحْزُنُهُمُ الْفَزَعُ الْأَكْبَرُ وَتَتَلَقَّاهُمُ الْمَلَائِكَةُ هَٰذَا يَوْمُكُمُ الَّذِي كُنتُمْ تُوعَدُونَ ١٠٣
📖 ترجمو
آيت 103
کين تمام وڏو خوف ملول نه ڪندو ۽ کين مَلائڪ گڏبا، (۽ چوندن ته) ھيءُ اُھو ڏينھن آھي جنھن جو اوھان کي وعدو ڏنو ويندو ھو.
يَوْمَ نَطْوِي السَّمَاءَ كَطَيِّ السِّجِلِّ لِلْكُتُبِ ۚ كَمَا بَدَأْنَا أَوَّلَ خَلْقٍ نُّعِيدُهُ ۚ وَعْدًا عَلَيْنَا ۚ إِنَّا كُنَّا فَاعِلِينَ ١٠٤
📖 ترجمو
آيت 104
جنھن ڏينھن آسمان کي ڪاغذ جي ويڙھيءَ وانگي ويڙھينداسون، جئن پھريون بڻايوسون (تئن) ان کي وري بڻائينداسون، اھو انجام اسان تي لازم آھي، اسين ڪرڻ وارا آھيون.
وَلَقَدْ كَتَبْنَا فِي الزَّبُورِ مِن بَعْدِ الذِّكْرِ أَنَّ الْأَرْضَ يَرِثُهَا عِبَادِيَ الصَّالِحُونَ ١٠٥
📖 ترجمو
آيت 105
۽ بيشڪ توريت کان پوءِ زبور ۾ لکيوسون ته منھنجا صالح ٻانھان زمين جا وارث ٿيندا.
إِنَّ فِي هَٰذَا لَبَلَاغًا لِّقَوْمٍ عَابِدِينَ ١٠٦
📖 ترجمو
آيت 106
ھن (قِصّي) ۾ عبادت ڪندڙ قوم لاءِ (مطلب جي) پورائي آھي.
وَمَا أَرْسَلْنَاكَ إِلَّا رَحْمَةً لِّلْعَالَمِينَ ١٠٧
📖 ترجمو
آيت 107
۽ (اي پيغمبر) توکي خاص جھانن جي رحمت لاءِ موڪليوسون.
قُلْ إِنَّمَا يُوحَىٰ إِلَيَّ أَنَّمَا إِلَٰهُكُمْ إِلَٰهٌ وَاحِدٌ ۖ فَهَلْ أَنتُم مُّسْلِمُونَ ١٠٨
📖 ترجمو
آيت 108
چؤ ته مون وٽ ھن حُڪم کانسواءِ وحي نه ٿيندو آھي ته ھڪ الله کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نه آھي، پوءِ اوھين ڇونه حُڪم مڃيندڙ آھيو؟
فَإِن تَوَلَّوْا فَقُلْ آذَنتُكُمْ عَلَىٰ سَوَاءٍ ۖ وَإِنْ أَدْرِي أَقَرِيبٌ أَم بَعِيدٌ مَّا تُوعَدُونَ ١٠٩
📖 ترجمو
آيت 109
پوءِ جيڪڏھن ڦرن ته چؤ ته اوھان سڀني کي (الله جي حڪم تي) ھڪ جھڙو خبردار ڪيم، ۽ جيڪو اوھان کي انجام ڏنو ويو سو نه ٿو ڄاڻان ته ويجھو آھي يا پري آھي.
إِنَّهُ يَعْلَمُ الْجَهْرَ مِنَ الْقَوْلِ وَيَعْلَمُ مَا تَكْتُمُونَ ١١٠
📖 ترجمو
آيت 110
بيشڪ الله ظاھري ڳالھ (به) ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي اوھين لڪائيندا آھيو سو (به) ڄاڻندو آھي.
وَإِنْ أَدْرِي لَعَلَّهُ فِتْنَةٌ لَّكُمْ وَمَتَاعٌ إِلَىٰ حِينٍ ١١١
📖 ترجمو
آيت 111
۽ آءٌ نه ڄاڻندو آھيان ته متان اُھا ٺھرايل (دير) اوھان لاءِ پرک ھجي ۽ ھڪ وقت تائين (اوھان لاءِ) نفعو ھُجي.
قَالَ رَبِّ احْكُم بِالْحَقِّ ۗ وَرَبُّنَا الرَّحْمَٰنُ الْمُسْتَعَانُ عَلَىٰ مَا تَصِفُونَ ١١٢
📖 ترجمو
آيت 112
(پيغمبر) چيو ته اي منھنجا پالڻھار سچو فيصلو ڪر، ۽ اسان جو پالڻھار ٻاجھارو آھي جيڪي اوھين بيان ڪندو آھي تنھن تي کانئس مدد گھري ويندي آھي.
پڙهو سورو انبیاء سنڌي ترجمو – پڙهڻ ۽ ٻڌڻ
قرآن ڪريم
Tuesday, August 18, 2026
Don't forget us in your sincere prayers

