سورو مؤمنون عربي ۽ سنڌي

سورو مؤمنون مڪمل سنڌي ترجمي سان پڙهو. عربي متن، سنڌي ترجمو ۽ آواز تلاوت. (118 آيت — مكية). مؤمنون ٻڌو, مؤمنون ترجمو, مؤمنون mp3, مؤمنون pdf.

سورو مؤمنون پڙهو ۽ ٻڌو

🎧 آيت
M Mishary Rashid Alafasy
M Mahmoud Khalil Al-Husary
A Abdurrahman As-Sudais
M Mohamed Siddiq Al-Minshawi
A Abdul Basit Abdul Samad
A Ali Al-Hudhaify
A Ahmed ibn Ali al-Ajamy
A Abu Bakr Ash-Shaatree
M Muhammad Ayyoub
A Abdullah Basfar
A Abdullah Al-Juhani
M Maher Al Muaiqly
x1
قَدْ أَفْلَحَ الْمُؤْمِنُونَ ۝١
📖 ترجمو آيت 1
بيشڪ اُھي مؤمن ڇٽا.
الَّذِينَ هُمْ فِي صَلَاتِهِمْ خَاشِعُونَ ۝٢
📖 ترجمو آيت 2
جيڪي پنھنجي نماز ۾ عاجزي ڪندڙ آھن.
وَالَّذِينَ هُمْ عَنِ اللَّغْوِ مُعْرِضُونَ ۝٣
📖 ترجمو آيت 3
۽ جيڪي اجائي ڳالھ کان منھن موڙيندڙ آھن.
وَالَّذِينَ هُمْ لِلزَّكَاةِ فَاعِلُونَ ۝٤
📖 ترجمو آيت 4
۽ جي زڪوٰة ادا ڪندڙ آھن.
وَالَّذِينَ هُمْ لِفُرُوجِهِمْ حَافِظُونَ ۝٥
📖 ترجمو آيت 5
۽ جي پنھنجين اُگھڙن کي (زنا کان) بچائيندڙ آھن.
إِلَّا عَلَىٰ أَزْوَاجِهِمْ أَوْ مَا مَلَكَتْ أَيْمَانُهُمْ فَإِنَّهُمْ غَيْرُ مَلُومِينَ ۝٦
📖 ترجمو آيت 6
رڳو پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين سا (گڏ ٿيندا آھن) پوءِ بيشڪ اُھي ملامت ڪيل نه آھن.
فَمَنِ ابْتَغَىٰ وَرَاءَ ذَٰلِكَ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الْعَادُونَ ۝٧
📖 ترجمو آيت 7
پوءِ جيڪي اُنھن (پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين) کانسواءِ طلبيندا سي ئي حد کان لنگھندڙ آھن.
وَالَّذِينَ هُمْ لِأَمَانَاتِهِمْ وَعَهْدِهِمْ رَاعُونَ ۝٨
📖 ترجمو آيت 8
۽ جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجي انجام کي سنڀاليندڙ آھن.
وَالَّذِينَ هُمْ عَلَىٰ صَلَوَاتِهِمْ يُحَافِظُونَ ۝٩
📖 ترجمو آيت 9
۽ جيڪي پنھنجين نمازن جي نگاھ رکندا آھن.
أُولَٰئِكَ هُمُ الْوَارِثُونَ ۝١٠
📖 ترجمو آيت 10
اِھي ئي اُھي وارث آھن.
الَّذِينَ يَرِثُونَ الْفِرْدَوْسَ هُمْ فِيهَا خَالِدُونَ ۝١١
📖 ترجمو آيت 11
جيڪي نيٺ بھشت جا وارث ٿيندا، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.
وَلَقَدْ خَلَقْنَا الْإِنسَانَ مِن سُلَالَةٍ مِّن طِينٍ ۝١٢
📖 ترجمو آيت 12
۽ بيشڪ ماڻھوءَ کي مٽيءَ جي ست مان بڻايوسون.
ثُمَّ جَعَلْنَاهُ نُطْفَةً فِي قَرَارٍ مَّكِينٍ ۝١٣
📖 ترجمو آيت 13
وري اُن کي نطفو ڪري مُحڪم جاءِ ۾ رکيوسون.
ثُمَّ خَلَقْنَا النُّطْفَةَ عَلَقَةً فَخَلَقْنَا الْعَلَقَةَ مُضْغَةً فَخَلَقْنَا الْمُضْغَةَ عِظَامًا فَكَسَوْنَا الْعِظَامَ لَحْمًا ثُمَّ أَنشَأْنَاهُ خَلْقًا آخَرَ ۚ فَتَبَارَكَ اللَّهُ أَحْسَنُ الْخَالِقِينَ ۝١٤
📖 ترجمو آيت 14
وري (اُن) نُطفي کي رت جو دڳ بڻايوسون وري (اُن) رت جي دڳ کي ٻوٽي بڻايوسون وري (اُن) ٻوٽي کي ھڏا بڻايوسون پوءِ (اُنھن) ھڏن کي گوشت پھرايوسون، وري اُن کي ٻي (نئين) بڻاوت بڻائي سون، پوءِ الله (وڏيءَ) برڪت وارو (سڀ کان) ڏاڍو چڱو خلقيندڙ آھي.
ثُمَّ إِنَّكُم بَعْدَ ذَٰلِكَ لَمَيِّتُونَ ۝١٥
📖 ترجمو آيت 15
وري بيشڪ اوھين ان کانپوءِ ضرور مرندؤ.
ثُمَّ إِنَّكُمْ يَوْمَ الْقِيَامَةِ تُبْعَثُونَ ۝١٦
📖 ترجمو آيت 16
وري بيشڪ اوھين قيامت جي ڏينھن اُٿاربؤ.
وَلَقَدْ خَلَقْنَا فَوْقَكُمْ سَبْعَ طَرَائِقَ وَمَا كُنَّا عَنِ الْخَلْقِ غَافِلِينَ ۝١٧
📖 ترجمو آيت 17
۽ بيشڪ اوھان جي مٿان ست آسمان بڻاياسون، ۽ بڻائڻ کان بي خبر نه ھواسون.
وَأَنزَلْنَا مِنَ السَّمَاءِ مَاءً بِقَدَرٍ فَأَسْكَنَّاهُ فِي الْأَرْضِ ۖ وَإِنَّا عَلَىٰ ذَهَابٍ بِهِ لَقَادِرُونَ ۝١٨
📖 ترجمو آيت 18
۽ آسمان کان پاڻي اندازي سان وسايوسون پوءِ اُن کي زمين ۾ رھايوسون، بيشڪ اسين اُن جي ورائي نيڻ تي وس وارا آھيون.
فَأَنشَأْنَا لَكُم بِهِ جَنَّاتٍ مِّن نَّخِيلٍ وَأَعْنَابٍ لَّكُمْ فِيهَا فَوَاكِهُ كَثِيرَةٌ وَمِنْهَا تَأْكُلُونَ ۝١٩
📖 ترجمو آيت 19
پوءِ اُن سان کجين ۽ ڊاکن جا باغ اوھان لاءِ ڄماياسون، اوھان لاءِ انھن باغن ۾ گھڻا ميوا آھن ۽ انھن مان ڪي اوھان کائيندا آھيو.
وَشَجَرَةً تَخْرُجُ مِن طُورِ سَيْنَاءَ تَنبُتُ بِالدُّهْنِ وَصِبْغٍ لِّلْآكِلِينَ ۝٢٠
📖 ترجمو آيت 20
۽ اھُو (زيتون جو) وڻ (پيدا ڪيوسون) جو طُور سَينا مان نڪرندو آھي (اھڙي طرح) ڄمندو آھي جو تيل ۽ کائڻ وارن لاءِ ٻوڙ پيدا ٿيندو آھي.
وَإِنَّ لَكُمْ فِي الْأَنْعَامِ لَعِبْرَةً ۖ نُّسْقِيكُم مِّمَّا فِي بُطُونِهَا وَلَكُمْ فِيهَا مَنَافِعُ كَثِيرَةٌ وَمِنْهَا تَأْكُلُونَ ۝٢١
📖 ترجمو آيت 21
۽ بيشڪ اوھان لاءِ ڍورن ۾ (به) عبرت آھي، (جو) جيڪي سندن پيٽن (يعني اوھن) ۾ آھي تنھن مان اوھان کي (کير) پياريندا آھيون ۽ اوھان لاءِ منجھن (ٻيا به) گھڻا فائدا آھن ۽ منجھائن ڪي کائيندا (به) آھيو.
وَعَلَيْهَا وَعَلَى الْفُلْكِ تُحْمَلُونَ ۝٢٢
📖 ترجمو آيت 22
۽ انھن تي ۽ ٻيڙين تي اوھان کي سوار ڪبو آھي.
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا نُوحًا إِلَىٰ قَوْمِهِ فَقَالَ يَا قَوْمِ اعْبُدُوا اللَّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُ ۖ أَفَلَا تَتَّقُونَ ۝٢٣
📖 ترجمو آيت 23
۽ بيشڪ نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليوسون پوءِ چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نه آھي، پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟
فَقَالَ الْمَلَأُ الَّذِينَ كَفَرُوا مِن قَوْمِهِ مَا هَٰذَا إِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ يُرِيدُ أَن يَتَفَضَّلَ عَلَيْكُمْ وَلَوْ شَاءَ اللَّهُ لَأَنزَلَ مَلَائِكَةً مَّا سَمِعْنَا بِهَٰذَا فِي آبَائِنَا الْأَوَّلِينَ ۝٢٤
📖 ترجمو آيت 24
پوءِ سندس قوم مان جيڪي سردار ڪافر ھوا تن چيو ته ھي رڳو اوھان جھڙو ماڻھو آھي اوھان تي سرادري (حاصل) ڪرڻ گھرندو آھي، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته ملائڪن کي موڪلي ھا، اِھا (ڳالھ ته) پنھنجن ابن ڏاڏن ۾ نه ٻڌيسون.
إِنْ هُوَ إِلَّا رَجُلٌ بِهِ جِنَّةٌ فَتَرَبَّصُوا بِهِ حَتَّىٰ حِينٍ ۝٢٥
📖 ترجمو آيت 25
اِھو ته رڳو ھڪڙو ديوانو شخص آھي تنھنڪري اُن لاءِ ھڪ وقت تائين ترسو.
قَالَ رَبِّ انصُرْنِي بِمَا كَذَّبُونِ ۝٢٦
📖 ترجمو آيت 26
(نوح) چيو اي منھنجا پالڻھار مون کي مدد ڏي انھيءَ ڪري جو مون کي ڪوڙو ڀانيائون.
فَأَوْحَيْنَا إِلَيْهِ أَنِ اصْنَعِ الْفُلْكَ بِأَعْيُنِنَا وَوَحْيِنَا فَإِذَا جَاءَ أَمْرُنَا وَفَارَ التَّنُّورُ ۙ فَاسْلُكْ فِيهَا مِن كُلٍّ زَوْجَيْنِ اثْنَيْنِ وَأَهْلَكَ إِلَّا مَن سَبَقَ عَلَيْهِ الْقَوْلُ مِنْهُمْ ۖ وَلَا تُخَاطِبْنِي فِي الَّذِينَ ظَلَمُوا ۖ إِنَّهُم مُّغْرَقُونَ ۝٢٧
📖 ترجمو آيت 27
پوءِ ڏانھنس وحي ڪيوسون ته اسان جي اکين آڏو ۽ اسان جي حُڪم سان ٻيڙي ٺاھ پوءِ جڏھن اسان جو حُڪم اچي ۽ تنور اُڀامي تڏھن سڀڪنھن جوڙي مان ٻه ٻه (نر ۽ مادي) ۽ پنھنجي گھر وارا منجھس چاڙھ پر منجھائن جن بابت (ھلاڪ ٿيڻ جو) حُڪم ٿي چڪو (سي نه چاڙھ)، ۽ ظالمن بابت مون کي نه چؤ، ڇوته اُھي ٻُڏل آھن.
فَإِذَا اسْتَوَيْتَ أَنتَ وَمَن مَّعَكَ عَلَى الْفُلْكِ فَقُلِ الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي نَجَّانَا مِنَ الْقَوْمِ الظَّالِمِينَ ۝٢٨
📖 ترجمو آيت 28
پوءِ جڏھن ٻيڙيءَ تي تون چڙھي وِھين ۽ تنھنجا سنگتي (به وِھن) تڏھن چؤ ته سڀ ساراھ اُنھيءَ الله کي جڳائي جنھن ظالمن جي قوم کان اسان کي بچايو.
وَقُل رَّبِّ أَنزِلْنِي مُنزَلًا مُّبَارَكًا وَأَنتَ خَيْرُ الْمُنزِلِينَ ۝٢٩
📖 ترجمو آيت 29
۽ چؤ ته اي منھنجا پالڻھار مون کي برڪت واري ھنڌ لاھ ۽ تون (سڀ کان) چڱو لاھيندڙ آھين.
إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَاتٍ وَإِن كُنَّا لَمُبْتَلِينَ ۝٣٠
📖 ترجمو آيت 30
بيشڪ ھن (قِصّي) ۾ نشانيون آھن ۽ بيشڪ اسين پرکڻ وارا ھواسون.
ثُمَّ أَنشَأْنَا مِن بَعْدِهِمْ قَرْنًا آخَرِينَ ۝٣١
📖 ترجمو آيت 31
وري کانئن پوءِ ٻيو جُڳ پيدا ڪنداسون.
فَأَرْسَلْنَا فِيهِمْ رَسُولًا مِّنْهُمْ أَنِ اعْبُدُوا اللَّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُ ۖ أَفَلَا تَتَّقُونَ ۝٣٢
📖 ترجمو آيت 32
پوءِ منجھن ھڪ پيغمبر اُنھن (جي قبيلي) مان موڪليوسون (تنھن چين) ته الله جي عبادت ڪريو اُن کانسواءِ اوھانجو ڪو معبود نه آھي، پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟
وَقَالَ الْمَلَأُ مِن قَوْمِهِ الَّذِينَ كَفَرُوا وَكَذَّبُوا بِلِقَاءِ الْآخِرَةِ وَأَتْرَفْنَاهُمْ فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا مَا هَٰذَا إِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ يَأْكُلُ مِمَّا تَأْكُلُونَ مِنْهُ وَيَشْرَبُ مِمَّا تَشْرَبُونَ ۝٣٣
📖 ترجمو آيت 33
۽ سندس قوم مان جن سردارن ڪفر ڪيو ۽ آخرت جي ملڻ کي ڪوڙ ڀانيو ۽ کين دنيا جي حياتيءَ ۾ آسودو به ڪيو ھوسون تن چيو ته ھيءُ (پيغمبر) رڳو اوھان جھڙو ماڻھو آھي (جو) جنھن (قسم) منجھان (اوھين) کائيندا آھيو تنھن مان (اُھو به) کائيندو آھي ۽ جنھن (قسم) منجھان اوھين پيئندا آھيو تنھن مان (اُھو به) پيئندو آھي.
وَلَئِنْ أَطَعْتُم بَشَرًا مِّثْلَكُمْ إِنَّكُمْ إِذًا لَّخَاسِرُونَ ۝٣٤
📖 ترجمو آيت 34
۽ جيڪڏھن پاڻ جھڙي ماڻھوءَ جو چيو مڃيندؤ ته اوھين ان مھل ڇيئي وارا ٿيندؤ.
أَيَعِدُكُمْ أَنَّكُمْ إِذَا مِتُّمْ وَكُنتُمْ تُرَابًا وَعِظَامًا أَنَّكُم مُّخْرَجُونَ ۝٣٥
📖 ترجمو آيت 35
اوھان سان انجام ڪندو آھي ڇا ته جڏھن (اوھين) مرندؤ ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿيندؤ (تڏھن) اوھين ٻاھر ڪڍبؤ؟
۞ هَيْهَاتَ هَيْهَاتَ لِمَا تُوعَدُونَ ۝٣٦
📖 ترجمو آيت 36
جنھن جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سو (ٻڌڻ ۽ چوڻ کان) پري (بلڪل) پري آھي.
إِنْ هِيَ إِلَّا حَيَاتُنَا الدُّنْيَا نَمُوتُ وَنَحْيَا وَمَا نَحْنُ بِمَبْعُوثِينَ ۝٣٧
📖 ترجمو آيت 37
اسان جي رڳي ھيءَ دنيا جي حياتي آھي (جنھن ۾) مرندا آھيون ۽ جيئندا آھيون ۽ اسين (وري جيئرا ٿي) اُٿڻ وارا نه آھيون.
إِنْ هُوَ إِلَّا رَجُلٌ افْتَرَىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا وَمَا نَحْنُ لَهُ بِمُؤْمِنِينَ ۝٣٨
📖 ترجمو آيت 38
ھيءُ رڳو ھڪ ماڻھو آھي جنھن الله تي ڪوڙ ٻڌو آھي ۽ اسين کيس (ڪڏھن) مڃڻ وارا نه آھيون.
قَالَ رَبِّ انصُرْنِي بِمَا كَذَّبُونِ ۝٣٩
📖 ترجمو آيت 39
(پيغمبر) چيو ته منھنجا پالڻھار مون کي مدد ڏي ھن ڪري جو مون کي ڪوڙو ڀانيائون.
قَالَ عَمَّا قَلِيلٍ لَّيُصْبِحُنَّ نَادِمِينَ ۝٤٠
📖 ترجمو آيت 40
(الله) فرمايو ته ٿوري مُدت پڄاڻا پشيمان ٿيندا.
فَأَخَذَتْهُمُ الصَّيْحَةُ بِالْحَقِّ فَجَعَلْنَاهُمْ غُثَاءً ۚ فَبُعْدًا لِّلْقَوْمِ الظَّالِمِينَ ۝٤١
📖 ترجمو آيت 41
پوءِ کين سچي انجام جي ڪري ڌڪاءَ پڪڙيو پوءِ کين ڪُٽو ڪيوسون، پوءِ ظالمن جي قوم تي لعنت ھجي.
ثُمَّ أَنشَأْنَا مِن بَعْدِهِمْ قُرُونًا آخَرِينَ ۝٤٢
📖 ترجمو آيت 42
وري کانئن پوءِ ٻيا جُڳ پيدا ڪياسون.
مَا تَسْبِقُ مِنْ أُمَّةٍ أَجَلَهَا وَمَا يَسْتَأْخِرُونَ ۝٤٣
📖 ترجمو آيت 43
ڪائي ٽولي پنھنجي مُدت کان اڳي نه ويندي آھي ۽ نڪي (اُھي) دير ڪندا آھن.
ثُمَّ أَرْسَلْنَا رُسُلَنَا تَتْرَىٰ ۖ كُلَّ مَا جَاءَ أُمَّةً رَّسُولُهَا كَذَّبُوهُ ۚ فَأَتْبَعْنَا بَعْضَهُم بَعْضًا وَجَعَلْنَاهُمْ أَحَادِيثَ ۚ فَبُعْدًا لِّقَوْمٍ لَّا يُؤْمِنُونَ ۝٤٤
📖 ترجمو آيت 44
وري لڳو لڳ پنھنجن پيغمبرن کي موڪليوسون، جڏھن ڪڏھن ڪنھن ٽوليءَ وٽ سندن پيغمبر آيو (تڏھن) کيس ڪوڙو ڄاتائون پوءِ انھن کي ھڪ ٻئي پٺيان (ناس) ڪيوسون ۽ کين (ٻـين لاءِ) آکاڻيون ڪيوسون، پوءِ نه مڃيندڙ قوم تي لعنت ھُجي.
ثُمَّ أَرْسَلْنَا مُوسَىٰ وَأَخَاهُ هَارُونَ بِآيَاتِنَا وَسُلْطَانٍ مُّبِينٍ ۝٤٥
📖 ترجمو آيت 45
وري پنھنجين نشانين ۽ پڌريءَ حجت سان موسىٰ ۽ سندس ڀاءُ ھارون کي موڪليوسون.
إِلَىٰ فِرْعَوْنَ وَمَلَئِهِ فَاسْتَكْبَرُوا وَكَانُوا قَوْمًا عَالِينَ ۝٤٦
📖 ترجمو آيت 46
فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن پوءِ انھن وڏائي ڪئي ۽ (اُھي) ھٺيلي قوم ھوا.
فَقَالُوا أَنُؤْمِنُ لِبَشَرَيْنِ مِثْلِنَا وَقَوْمُهُمَا لَنَا عَابِدُونَ ۝٤٧
📖 ترجمو آيت 47
پوءِ چيائون ته پاڻ جھڙن ٻن ماڻھن تي ايمان آڻيون ڇا؟ ۽ سندن قوم (ته) اسان جو ٻيلپو ڪندڙ آھي.
فَكَذَّبُوهُمَا فَكَانُوا مِنَ الْمُهْلَكِينَ ۝٤٨
📖 ترجمو آيت 48
پوءِ انھن کي ڪوڙو ڄاتائون پوءِ ھلاڪ ڪيلن مان ٿيا.
وَلَقَدْ آتَيْنَا مُوسَى الْكِتَابَ لَعَلَّهُمْ يَهْتَدُونَ ۝٤٩
📖 ترجمو آيت 49
۽ بيشڪ موسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون ته مانَ اُھي سِڌو رستو لھن.
وَجَعَلْنَا ابْنَ مَرْيَمَ وَأُمَّهُ آيَةً وَآوَيْنَاهُمَا إِلَىٰ رَبْوَةٍ ذَاتِ قَرَارٍ وَمَعِينٍ ۝٥٠
📖 ترجمو آيت 50
۽ مريم جي پٽ کي ۽ سندس ماءُ کي ھڪ نشاني ڪئي سون ۽ انھن کي سنئين ۽ وھندڙ پاڻي واري مٿاھين زمين تي (رھڻ جي) جاءِ ڏني سون.
يَا أَيُّهَا الرُّسُلُ كُلُوا مِنَ الطَّيِّبَاتِ وَاعْمَلُوا صَالِحًا ۖ إِنِّي بِمَا تَعْمَلُونَ عَلِيمٌ ۝٥١
📖 ترجمو آيت 51
(چيوسون ته) اي پيغمبرؤ سٺين شين مان کائو ۽ چڱا ڪم ڪريو، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو سو آءٌ ڄاڻندڙ آھيان.
وَإِنَّ هَٰذِهِ أُمَّتُكُمْ أُمَّةً وَاحِدَةً وَأَنَا رَبُّكُمْ فَاتَّقُونِ ۝٥٢
📖 ترجمو آيت 52
۽ بيشڪ اوھان جو ھيءُ دين ھڪ دين آھي ۽ آءٌ اوھان جو پالڻھار آھيان تنھنڪري مون کان ڊڄو.
فَتَقَطَّعُوا أَمْرَهُم بَيْنَهُمْ زُبُرًا ۖ كُلُّ حِزْبٍ بِمَا لَدَيْهِمْ فَرِحُونَ ۝٥٣
📖 ترجمو آيت 53
پوءِ (اُنھن قومن) پنھنجي ڪم کي پاڻ ۾ ذرا ذرا ڪري ڇنون، سڀڪنھن ٽوليءَ وٽ جيڪي آھي تنھن سان اُھا سرھي (رھندي) آھي.
فَذَرْهُمْ فِي غَمْرَتِهِمْ حَتَّىٰ حِينٍ ۝٥٤
📖 ترجمو آيت 54
پوءِ (اي پيغمبر) کين سندن غفلت ۾ ھڪ حد تائين ڇڏي ڏي.
أَيَحْسَبُونَ أَنَّمَا نُمِدُّهُم بِهِ مِن مَّالٍ وَبَنِينَ ۝٥٥
📖 ترجمو آيت 55
جنھن مال ۽ اولاد سان کين زيادتي ڏني سون تنھن کي ڀانئيندا آھن ڇا؟
نُسَارِعُ لَهُمْ فِي الْخَيْرَاتِ ۚ بَل لَّا يَشْعُرُونَ ۝٥٦
📖 ترجمو آيت 56
ته ڪا انھن لاءِ چڱاين ڏيڻ ۾ تڪر ٿا ڪريون، (نه!) بلڪ نه سمجھندا آھن.
إِنَّ الَّذِينَ هُم مِّنْ خَشْيَةِ رَبِّهِم مُّشْفِقُونَ ۝٥٧
📖 ترجمو آيت 57
بيشڪ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي ڀَوَ کان ڊڄندڙ آھن.
وَالَّذِينَ هُم بِآيَاتِ رَبِّهِمْ يُؤْمِنُونَ ۝٥٨
📖 ترجمو آيت 58
۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي نشانين تي ايمان آڻيندا آھن.
وَالَّذِينَ هُم بِرَبِّهِمْ لَا يُشْرِكُونَ ۝٥٩
📖 ترجمو آيت 59
۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار سان شريڪ مُقرّر نه ڪندا آھن.
وَالَّذِينَ يُؤْتُونَ مَا آتَوا وَّقُلُوبُهُمْ وَجِلَةٌ أَنَّهُمْ إِلَىٰ رَبِّهِمْ رَاجِعُونَ ۝٦٠
📖 ترجمو آيت 60
۽ اُھي جيڪي (اُھي) ڏيندا آھن جيڪي (سندس واٽ ۾) ڏيندا آھن ۽ سندن دليون انھي ڪري ڏڪنديون آھن ته اُھي پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آھن.
أُولَٰئِكَ يُسَارِعُونَ فِي الْخَيْرَاتِ وَهُمْ لَهَا سَابِقُونَ ۝٦١
📖 ترجمو آيت 61
اھي (ماڻھو) چڱاين ۾ تڪڙائي ڪندا آھن ۽ اُھي اُن لاءِ اڳرائي ڪندڙ آھن.
وَلَا نُكَلِّفُ نَفْسًا إِلَّا وُسْعَهَا ۖ وَلَدَيْنَا كِتَابٌ يَنطِقُ بِالْحَقِّ ۚ وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ ۝٦٢
📖 ترجمو آيت 62
۽ (اسين) ڪنھن به جيءَ تي سندس طاقت کانسواءِ تڪليف نه ٿا رکون ۽ اسان وٽ ھڪ ڪتاب آھي جو سچ ڳالھائيندو آھي ۽ انھن تي ظلم نه ڪبو.
بَلْ قُلُوبُهُمْ فِي غَمْرَةٍ مِّنْ هَٰذَا وَلَهُمْ أَعْمَالٌ مِّن دُونِ ذَٰلِكَ هُمْ لَهَا عَامِلُونَ ۝٦٣
📖 ترجمو آيت 63
بلڪ سندن دليون انھن (ڳالھين) کان غفلت ۾ آھن ۽ ھن کانسواءِ انھن جا ٻيا ڪرتوت به آھن جي اُھي ڪندا آھن.
حَتَّىٰ إِذَا أَخَذْنَا مُتْرَفِيهِم بِالْعَذَابِ إِذَا هُمْ يَجْأَرُونَ ۝٦٤
📖 ترجمو آيت 64
تان جو منجھائن آسودن (ماڻھن) کي جڏھن عذاب سان پڪڙيوسون تڏھن دانھون ڪندا رھيا.
لَا تَجْأَرُوا الْيَوْمَ ۖ إِنَّكُم مِّنَّا لَا تُنصَرُونَ ۝٦٥
📖 ترجمو آيت 65
(چيوسون) ته اڄ دانھون نه ڪريو، ڇوته اسان کان اوھان کي مدد نه ملندي.
قَدْ كَانَتْ آيَاتِي تُتْلَىٰ عَلَيْكُمْ فَكُنتُمْ عَلَىٰ أَعْقَابِكُمْ تَنكِصُونَ ۝٦٦
📖 ترجمو آيت 66
بيشڪ اوھان کي منھنجيون آيتون پڙھي ٻڌائبيون ھيون تڏھن اوھين پنھنجين کڙين (ڀرپوءِ) تي ڀڄندا ھُيؤ.
مُسْتَكْبِرِينَ بِهِ سَامِرًا تَهْجُرُونَ ۝٦٧
📖 ترجمو آيت 67
اُن (قرآن) کان وڏائي ڪندڙ (۽) آکاڻين ۾ مشغول ٿي (کيس) ڇڏيوَ ٿي.
أَفَلَمْ يَدَّبَّرُوا الْقَوْلَ أَمْ جَاءَهُم مَّا لَمْ يَأْتِ آبَاءَهُمُ الْأَوَّلِينَ ۝٦٨
📖 ترجمو آيت 68
ھن ڳالھ (قرآن) کي نه سوچيائون ڇا يا وٽن اھڙي شيء آئي آھي جا سندن اڳين پيءُ ڏاڏن وٽ نه آئي ھُئي؟
أَمْ لَمْ يَعْرِفُوا رَسُولَهُمْ فَهُمْ لَهُ مُنكِرُونَ ۝٦٩
📖 ترجمو آيت 69
يا پنھنجي پيغمبر کي نه سڃاتائون ڇا تنھنڪري اُھي سندس مُنڪر (ٿيا) آھن.
أَمْ يَقُولُونَ بِهِ جِنَّةٌ ۚ بَلْ جَاءَهُم بِالْحَقِّ وَأَكْثَرُهُمْ لِلْحَقِّ كَارِهُونَ ۝٧٠
📖 ترجمو آيت 70
يا چوندا آھن ته کيس چريائي آھي، (نه!) بلڪ (پيغمبر) وٽن سچي ڳالھ آندي آھي ۽ منجھائن گھڻا سچ کي بُرو ڀائيندڙ آھن.
وَلَوِ اتَّبَعَ الْحَقُّ أَهْوَاءَهُمْ لَفَسَدَتِ السَّمَاوَاتُ وَالْأَرْضُ وَمَن فِيهِنَّ ۚ بَلْ أَتَيْنَاهُم بِذِكْرِهِمْ فَهُمْ عَن ذِكْرِهِم مُّعْرِضُونَ ۝٧١
📖 ترجمو آيت 71
۽ جيڪڏھن الله سَندن سَڌن تي ھلي ھا ته آسمان ۽ زمين ۾ جيڪي منجھن آھي سي ويران ٿين ھا، (نه!) بلڪ سندين نصيحت وٽن آندي سون ۽ اُھي پنھنجيءَ نصيحت (ڪتاب) کان مُنھن موڙيندڙ آھن.
أَمْ تَسْأَلُهُمْ خَرْجًا فَخَرَاجُ رَبِّكَ خَيْرٌ ۖ وَهُوَ خَيْرُ الرَّازِقِينَ ۝٧٢
📖 ترجمو آيت 72
يا کائن ڪو اُجورو گھرندو آھين ڇا؟ پوءِ تنھنجي پالڻھار جو اُجورو (ڏئڻ) ڀلو آھي، ۽ اُھو چڱو روزي ڏيندڙ آھي.
وَإِنَّكَ لَتَدْعُوهُمْ إِلَىٰ صِرَاطٍ مُّسْتَقِيمٍ ۝٧٣
📖 ترجمو آيت 73
۽ بيشڪ تون سڌيءَ واٽ ڏانھن کين سڏيندو آھين.
وَإِنَّ الَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِالْآخِرَةِ عَنِ الصِّرَاطِ لَنَاكِبُونَ ۝٧٤
📖 ترجمو آيت 74
۽ بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي سڌي واٽ کان پاسيرا ٿيندڙ آھن.
۞ وَلَوْ رَحِمْنَاهُمْ وَكَشَفْنَا مَا بِهِم مِّن ضُرٍّ لَّلَجُّوا فِي طُغْيَانِهِمْ يَعْمَهُونَ ۝٧٥
📖 ترجمو آيت 75
۽ جيڪڏھن مٿن رحم ڪريون ھا ۽ جيڪو کين ڏک پُھتو سو لاھيون ھا ته (به) سدائين پنھنجيءَ گمراھيءَ ۾ حيران رھن ھا.
وَلَقَدْ أَخَذْنَاهُم بِالْعَذَابِ فَمَا اسْتَكَانُوا لِرَبِّهِمْ وَمَا يَتَضَرَّعُونَ ۝٧٦
📖 ترجمو آيت 76
۽ بيشڪ کين عذاب سان پڪڙيوسون پوءِ (به) پنھنجي پالڻھار جي اڳيان نه نِوڙيا ۽ نڪي عاجزي ڪيائون.
حَتَّىٰ إِذَا فَتَحْنَا عَلَيْهِم بَابًا ذَا عَذَابٍ شَدِيدٍ إِذَا هُمْ فِيهِ مُبْلِسُونَ ۝٧٧
📖 ترجمو آيت 77
(پنھنجي غفلت ۾ رھيا) تانجو جنھن مھل مٿن سخت عذاب وارو دروازو کوليوسون (تنھن مھل) اُتي جو اُتي اُنھي ۾ نا اُميد ٿيا.
وَهُوَ الَّذِي أَنشَأَ لَكُمُ السَّمْعَ وَالْأَبْصَارَ وَالْأَفْئِدَةَ ۚ قَلِيلًا مَّا تَشْكُرُونَ ۝٧٨
📖 ترجمو آيت 78
۽ (الله) اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايون، (پر اوھين تمام) ٿورو شڪر ڪندا آھيو.
وَهُوَ الَّذِي ذَرَأَكُمْ فِي الْأَرْضِ وَإِلَيْهِ تُحْشَرُونَ ۝٧٩
📖 ترجمو آيت 79
۽ (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي زمين ۾ پيدا ڪيو ۽ ڏانھس وري گڏ ڪيا ويندؤ.
وَهُوَ الَّذِي يُحْيِي وَيُمِيتُ وَلَهُ اخْتِلَافُ اللَّيْلِ وَالنَّهَارِ ۚ أَفَلَا تَعْقِلُونَ ۝٨٠
📖 ترجمو آيت 80
۽ (الله) اُھو آھي جيڪو جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ رات ۽ ڏينھن جو ڦير ڦار ڪرڻ ان جو (ڪم) آھي، پوءِ نه سمجھندا آھيو ڇا؟
بَلْ قَالُوا مِثْلَ مَا قَالَ الْأَوَّلُونَ ۝٨١
📖 ترجمو آيت 81
بلڪ جئن اڳين چيو ته تئين چوندا آھن.
قَالُوا أَإِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا وَعِظَامًا أَإِنَّا لَمَبْعُوثُونَ ۝٨٢
📖 ترجمو آيت 82
چون ٿا ته ھان جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) وري جيئل ٿي اٿنداسون ڇا؟
لَقَدْ وُعِدْنَا نَحْنُ وَآبَاؤُنَا هَٰذَا مِن قَبْلُ إِنْ هَٰذَا إِلَّا أَسَاطِيرُ الْأَوَّلِينَ ۝٨٣
📖 ترجمو آيت 83
بيشڪ اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي ھن کان اڳ انھي (ڳالھ) جو انجام ڏنو ويو آھي اھي رڳو اڳين جا قصّا آھن.
قُل لِّمَنِ الْأَرْضُ وَمَن فِيهَا إِن كُنتُمْ تَعْلَمُونَ ۝٨٤
📖 ترجمو آيت 84
چؤ ته جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو ته زمين ۽ جيڪي منجھس آھي سو ڪنھن جو آھي؟
سَيَقُولُونَ لِلَّهِ ۚ قُلْ أَفَلَا تَذَكَّرُونَ ۝٨٥
📖 ترجمو آيت 85
سگھوئي چوندا ته (اُھو سڀ) الله جو آھي، چؤ ته پوءِ ڇونه نصيحت وٺندا آھيو؟
قُلْ مَن رَّبُّ السَّمَاوَاتِ السَّبْعِ وَرَبُّ الْعَرْشِ الْعَظِيمِ ۝٨٦
📖 ترجمو آيت 86
(اي پيغمبر کين) چؤ ته ستن آسمانن جو پالڻھار ۽ وڏي عرش جو پالڻھار ڪير آھي؟
سَيَقُولُونَ لِلَّهِ ۚ قُلْ أَفَلَا تَتَّقُونَ ۝٨٧
📖 ترجمو آيت 87
سگھوئي چوندا ته (اھو سڀ) الله جو آھي، چؤ ته پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟
قُلْ مَن بِيَدِهِ مَلَكُوتُ كُلِّ شَيْءٍ وَهُوَ يُجِيرُ وَلَا يُجَارُ عَلَيْهِ إِن كُنتُمْ تَعْلَمُونَ ۝٨٨
📖 ترجمو آيت 88
(کين) چؤ ته (اُھو) ڪير آھي جنھنجي ھٿ ۾ سڀڪنھن شيء جي حڪومت آھي ۽ اُھو پناھ ڏيندو آھي ۽ اُن (جي عذاب) کان ڪنھن کي پناھ نه ڏيئي سگھبي آھي جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو (ته ڏسيو).
سَيَقُولُونَ لِلَّهِ ۚ قُلْ فَأَنَّىٰ تُسْحَرُونَ ۝٨٩
📖 ترجمو آيت 89
سگھوئي چوندا ته (اھو سڀ) الله جي (ھٿ ۾) آھي، (کين) چؤ ته پوءِ اوھين ڪٿان ٺڳجو ٿا.
بَلْ أَتَيْنَاهُم بِالْحَقِّ وَإِنَّهُمْ لَكَاذِبُونَ ۝٩٠
📖 ترجمو آيت 90
بلڪ وٽن سچي (ڳالھ) آندي اٿئون ۽ بيشڪ اُھي ڪوڙا آھن.
مَا اتَّخَذَ اللَّهُ مِن وَلَدٍ وَمَا كَانَ مَعَهُ مِنْ إِلَٰهٍ ۚ إِذًا لَّذَهَبَ كُلُّ إِلَٰهٍ بِمَا خَلَقَ وَلَعَلَا بَعْضُهُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ ۚ سُبْحَانَ اللَّهِ عَمَّا يَصِفُونَ ۝٩١
📖 ترجمو آيت 91
الله نڪي (پاڻ لاءِ) پٽ ڪري ورتو آھي ۽ نڪي ساڻس ڪو (ٻيو) معبود آھي (جيڪڏھن ائين ھجي ھا) ته ھر ڪو معبود پنھنجي بڻائي کي وٺيو وڃي ھا ۽ اُھي ھڪ ٻئي تي ڏاڍ ڪن ھا، (ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي.
عَالِمِ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ فَتَعَالَىٰ عَمَّا يُشْرِكُونَ ۝٩٢
📖 ترجمو آيت 92
ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ آھي جنھن کي (اُن سان) شريڪ بڻائيندا آھن تنھن کان مٿاھون آھي.
قُل رَّبِّ إِمَّا تُرِيَنِّي مَا يُوعَدُونَ ۝٩٣
📖 ترجمو آيت 93
(اي پيغمبر) چؤ ته اي منھنجا پالڻھار جيڪو انجام ڪرين ٿو سو جيڪر مون کي ڏيکارين.
رَبِّ فَلَا تَجْعَلْنِي فِي الْقَوْمِ الظَّالِمِينَ ۝٩٤
📖 ترجمو آيت 94
اي منھنجا پالڻھار مون کي ظالمن جي قوم ۾ (داخل) نه ڪر.
وَإِنَّا عَلَىٰ أَن نُّرِيَكَ مَا نَعِدُهُمْ لَقَادِرُونَ ۝٩٥
📖 ترجمو آيت 95
۽ جيڪو کين انجام ڏيون ٿا تنھن جي توکي ڏيکارڻ تي بيشڪ اسين وسوارا آھيون.
ادْفَعْ بِالَّتِي هِيَ أَحْسَنُ السَّيِّئَةَ ۚ نَحْنُ أَعْلَمُ بِمَا يَصِفُونَ ۝٩٦
📖 ترجمو آيت 96
ڏاڍي چڱيءَ عادت سان مدائي کي ٽار، (ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن سو اسين وڌيڪ ڄاڻندڙ آھيون.
وَقُل رَّبِّ أَعُوذُ بِكَ مِنْ هَمَزَاتِ الشَّيَاطِينِ ۝٩٧
📖 ترجمو آيت 97
۽ (اي پيغمبر) چؤ ته اي منھنجا پالڻھار شيطانن جي وسوسن کان تنھنجي پناھ گھران ٿو.
وَأَعُوذُ بِكَ رَبِّ أَن يَحْضُرُونِ ۝٩٨
📖 ترجمو آيت 98
۽ اي منھنجا پالڻھار پاڻ وٽ انھن جي ويجھي ٿيڻ کان (به) تنھنجي پناھ وٺان ٿو.
حَتَّىٰ إِذَا جَاءَ أَحَدَهُمُ الْمَوْتُ قَالَ رَبِّ ارْجِعُونِ ۝٩٩
📖 ترجمو آيت 99
(ڪافر پنھنجي ويسلائي ۾ ھوندا) تانجو جنھن مھل منجھانئن ڪنھن کي موت ايندو (تنھن مھل) چوندو ته اي منھنجا پالڻھار مون کي دنيا ۾ (ورائي) موٽاءِ.
لَعَلِّي أَعْمَلُ صَالِحًا فِيمَا تَرَكْتُ ۚ كَلَّا ۚ إِنَّهَا كَلِمَةٌ هُوَ قَائِلُهَا ۖ وَمِن وَرَائِهِم بَرْزَخٌ إِلَىٰ يَوْمِ يُبْعَثُونَ ۝١٠٠
📖 ترجمو آيت 100
ته جيڪر جيڪي (اُتي) ڇڏيم ته آءٌ چڱا عمل ڪريان ائين (ڪڏھن ٿيڻو) نه آھي، بيشڪ اِھا ڳالھ آھي جا ھو چوندڙ آھي، ۽ سندن اڳيان ھڪ پردو (عالَم قبر) انھيءَ ڏينھن تائين رھندو (جنھن ڏينھن قيامت ۾) اُٿاريا ويندا.
فَإِذَا نُفِخَ فِي الصُّورِ فَلَا أَنسَابَ بَيْنَهُمْ يَوْمَئِذٍ وَلَا يَتَسَاءَلُونَ ۝١٠١
📖 ترجمو آيت 101
پوءِ جنھن مھل صور ۾ ڦوڪبو (تنھن مھل) اُن ڏينھن سندن وچ ۾ نه ذاتيون رھنديون ۽ نڪي پاڻ ۾ پُڇا ڳاڇا ڪندا.
فَمَن ثَقُلَتْ مَوَازِينُهُ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الْمُفْلِحُونَ ۝١٠٢
📖 ترجمو آيت 102
پوءِ جنھن (جي نيڪيءَ) جو تراڙو ڳرو ٿيو سي ئي ڇُٽل آھن.
وَمَنْ خَفَّتْ مَوَازِينُهُ فَأُولَٰئِكَ الَّذِينَ خَسِرُوا أَنفُسَهُمْ فِي جَهَنَّمَ خَالِدُونَ ۝١٠٣
📖 ترجمو آيت 103
۽ جنھن جو تراڙو ھلڪو ٿيو سي اُھي آھن جن پاڻ کي ڇيئو لاتو (اُھي) دوزخ ۾ سدائين رھندڙ آھن.
تَلْفَحُ وُجُوهَهُمُ النَّارُ وَهُمْ فِيهَا كَالِحُونَ ۝١٠٤
📖 ترجمو آيت 104
سندن مُنھن کي باھ ساڙيندي ۽ اُھي منجھس بد شڪلا ٿيندا.
أَلَمْ تَكُنْ آيَاتِي تُتْلَىٰ عَلَيْكُمْ فَكُنتُم بِهَا تُكَذِّبُونَ ۝١٠٥
📖 ترجمو آيت 105
(چيو ويندن ته) منھنجون آيتون اوھان کي نه پڙھي ٻڌائبيون ھيون ڇا؟ پوءِ اوھين انھن کي ڪوڙو ڀائيندا ھيؤ؟
قَالُوا رَبَّنَا غَلَبَتْ عَلَيْنَا شِقْوَتُنَا وَكُنَّا قَوْمًا ضَالِّينَ ۝١٠٦
📖 ترجمو آيت 106
چوندا ته اي اسان جا پالڻھار اسان جي بدبختي اسان تي غالب ٿي وئي ۽ گمراھ قوم ھياسون.
رَبَّنَا أَخْرِجْنَا مِنْهَا فَإِنْ عُدْنَا فَإِنَّا ظَالِمُونَ ۝١٠٧
📖 ترجمو آيت 107
چوندا ته اي اسان جا پالڻھار ھتان اسان کي ٻاھر ڪڍ پوءِ جيڪڏھن موٽي (ڪفر) ڪريون ته بيشڪ اسين ظالم ٿيون.
قَالَ اخْسَئُوا فِيهَا وَلَا تُكَلِّمُونِ ۝١٠٨
📖 ترجمو آيت 108
(الله) فرمائيندو ته منجھس خوار پيا رھو ۽ مون سان نه ڳالھايو.
إِنَّهُ كَانَ فَرِيقٌ مِّنْ عِبَادِي يَقُولُونَ رَبَّنَا آمَنَّا فَاغْفِرْ لَنَا وَارْحَمْنَا وَأَنتَ خَيْرُ الرَّاحِمِينَ ۝١٠٩
📖 ترجمو آيت 109
ڇوته منھنجن ٻانھن مان ھڪ ٽولي ھئي جا چوندي ھئي ته اي اسان جا پالڻھار اسان ايمان آندو تنھنڪري اسان کي بخش ۽ اسان تي رحم ڪر ۽ تون (سڀ کان) چڱو ٻاجھارو آھين.
فَاتَّخَذْتُمُوهُمْ سِخْرِيًّا حَتَّىٰ أَنسَوْكُمْ ذِكْرِي وَكُنتُم مِّنْهُمْ تَضْحَكُونَ ۝١١٠
📖 ترجمو آيت 110
پوءِ ايسين کين ٺـٺولي ڪري ورتوَ جيسين (سندن دشمنيءَ) اوھان (جي دل) کان منھنجي يادگيري وسارائي ۽ اوھين مٿن کِليؤ ٿي.
إِنِّي جَزَيْتُهُمُ الْيَوْمَ بِمَا صَبَرُوا أَنَّهُمْ هُمُ الْفَائِزُونَ ۝١١١
📖 ترجمو آيت 111
بيشڪ اڄ کين چڱو بدلو انھي ڪري ڏنم جو صبر ڪيو ھئائون جو اُھي مراد ماڻيندڙ آھن.
قَالَ كَمْ لَبِثْتُمْ فِي الْأَرْضِ عَدَدَ سِنِينَ ۝١١٢
📖 ترجمو آيت 112
(الله) فرمائيندو ته زمين ۾ (اوھين) ڪيترا ورھ رھيؤ؟
قَالُوا لَبِثْنَا يَوْمًا أَوْ بَعْضَ يَوْمٍ فَاسْأَلِ الْعَادِّينَ ۝١١٣
📖 ترجمو آيت 113
چوندا ته ھڪ ڏينھن يا ڏينھن جو ڀاڱو رھياسون پوءِ ڳڻيندڙن کان پُڇا ڪر.
قَالَ إِن لَّبِثْتُمْ إِلَّا قَلِيلًا ۖ لَّوْ أَنَّكُمْ كُنتُمْ تَعْلَمُونَ ۝١١٤
📖 ترجمو آيت 114
(الله) فرمائيندو ته ٿوريءَ (دير) کانسواءِ نه رھيا ھيؤ جيڪر اوھين ڄاڻو ھا.
أَفَحَسِبْتُمْ أَنَّمَا خَلَقْنَاكُمْ عَبَثًا وَأَنَّكُمْ إِلَيْنَا لَا تُرْجَعُونَ ۝١١٥
📖 ترجمو آيت 115
اوھين ڀانيو ٿا ڇا ته اوھان کي اجايو بڻايو اٿئون ۽ اوھين اسان ڏانھن وري نه موٽايا ويندؤ؟
فَتَعَالَى اللَّهُ الْمَلِكُ الْحَقُّ ۖ لَا إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ رَبُّ الْعَرْشِ الْكَرِيمِ ۝١١٦
📖 ترجمو آيت 116
پوءِ الله سچو بادشاھ تمام مٿاھون آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي (اھو) سڳوري عرش جو پالڻھار آھي.
وَمَن يَدْعُ مَعَ اللَّهِ إِلَٰهًا آخَرَ لَا بُرْهَانَ لَهُ بِهِ فَإِنَّمَا حِسَابُهُ عِندَ رَبِّهِ ۚ إِنَّهُ لَا يُفْلِحُ الْكَافِرُونَ ۝١١٧
📖 ترجمو آيت 117
۽ جيڪو الله سان گڏ ٻئي معبود کي سڏيندو جنھن جو کيس ڪو دليل ڪونھي تنھن جو حساب سندن پالڻھار وٽ ئي آھي، سچ آھي ته ڪافر نه ڇُٽندا.
وَقُل رَّبِّ اغْفِرْ وَارْحَمْ وَأَنتَ خَيْرُ الرَّاحِمِينَ ۝١١٨
📖 ترجمو آيت 118
۽ چؤ ته اي منھنجا پالڻھار بخش ۽ رحم ڪر ۽ تون (سڀني) ٻاجھارن کان چڱو آھين.
→ 22 مؤمنون (23/114) 24 ←
پڙهو سورو مؤمنون سنڌي ترجمو – پڙهڻ ۽ ٻڌڻ

23المؤمنون Al-Mu'minun 📚 118 آيت مكية

آيت به آيت – سورو مؤمنون — 118 آيت




قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers